سنڌي ناول جي شروعات
ڀنڀي زميندار جي ڳالهه
[سنواريو]انگريزن سنڌ ۾ 1843ع ۾ پير پاتو ۽ ڏهه سال کين الف ب ٺاهڻ ۾ لڳا. يعني 1853ع کان انگريزن ”باب نامي“ جي نالي سان هڪ ٻاراڻو ڪتاب شايع ڪرائي نئين سنڌي ادب جو بنياد وڌو. سال 1854ع ۾ ايسپ جي آکاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مسٽر قاضي غلام حسين کان ڪرايو ويو. جلد ئي ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ نالي هڪ ننڍو قصو شايع ڪرايو ويو. اصل ۾ سنڌي ناول جو بنياد انهيءَ ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ کي ئي سمجهڻ گهرجي. ان کان پوءِ ترت ٻيا ٻه ڪتاب هڪ ”سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو“ يعني سپوت ۽ ڪپوت لکيا ويا. اهي ٻيئي ڪتاب هنديءَ ٻوليءَ تان ورتل آهن، جي سيد ميران محمد شاهه مرحوم، هز ايڪسلنسي ٻئي ميران محمد شاهه جي ڏاڏي محترم کان لکايا ويا هئا.
سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو
[سنواريو]سال 1861ع ۾ ديوان اُڌارام سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو شايع ڪرايو. ان کان سواءِ هڪ انگريزي ناول جو ترجمو بنام ”بلو کوکر“ پڻ اشاعت هيٺ آيو. اصل ۾ سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو ۽ بلو کوکر ڪتابن لکائڻ مان حڪومت جو خاص سياسي مقصد اهو هو ته سنڌ جي زميندارن کي ڪنهن نموني سان پنهنجو مددگار ڪجي ۽ کين ذهن نشين ڪرائجي ته حڪومت سان وفاداريءَ ۾ ئي سندن ڀلو آهي. سڌا تورو کي هڪ سرڪار سان وفادار زميندار ڪري ڏيکاريو ويو هو ۽ ڪڌا تورو کي احمق ڪري پيش ڪيو ويو هو. هي ڪتاب ڄڻڪ ته تبليغ جو هڪ نمونو هو، جنهن مان انگريزن، سنڌي زميندارن کي پنهنجي فرمانبرداري جو سبق سيکارڻ ٿي گهريو.
راسيلاس، دلارام ۽ زينت ناول
[سنواريو]سال 1868ع ۾ ديوان اُڌارام ۽ نولراءِ مشهور انگريزي ڪتاب ”راسيلاس“ جو ترجمو پيش ڪيو جيڪو بلڪل صحيح نموني سان ناول آهي ۽ اڄ به مطالعي ڪرڻ سان پڙهندڙ اهڙو ئي لطف ماڻي ٿو جهڙو ان وقت ماڻيندو هو. هن وقت تائين جيڪي ڪجهه ناول ڇپيا آهن سي سڀ ترجما آهن ۽ ڪوبه اصلي ناول اڃا لکيل ڪونه هو. اهو حجاب جو پردو پڻ مرزا قليچ بيگ مرحوم چاڪ ڪيو ۽ سنڌي ٻولي ۾: پهريون اصلي ناول ”دلارام“ لکي پيش ڪيائين. جيتوڻيڪ هاڻوڪي دؤر وارن ناولن جي ڀيٽ ۾ ”دلارام“ اهڙو دلچسپ نه آهي پر پوءِ ابتدائي ڪوشش جي لحاظ کان نهايت واکاڻ جوڳو آهي. مرزا صاحب مرحوم جو ٻيو ناول ”زينت“، جو 1890ع ۾ لکيو ويو. ان کي جيتوڻيڪ عام طرح اصل ناول سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو هڪ اردو ڪتاب ”صحت النساءِ“ تان ورتل آهي جو ڪتاب پڻ مرزا صاحب مرحوم پندرهن ورهيه پوءِ سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري منظر عام تي آندو. ان ۾ شڪ ناهي ته ”صحت النساءِ“ ناول هڪ بهترين ناول هو، پر خبر ناهي ته ڇو اهو ايترو مشهور نه ٿيو جو سندس پهريون ڇاپو به اڃا تائين سڙيل ردي ڪاغذن جي صورت ۾ اچي پيو. جيتوڻيڪ ”زينت“ جو ڪافي حصو ترجمو ٿيل آهي، پر اهو ترجمو ايتري قدر ته آزاد ترجمو آهي جو بلڪل اصليت جو لطف ڏئي ٿو، سندس پويون حصو پڻ ڪافي دلچسپ آهي.
گل خندان
[سنواريو]انهيءَ زماني ۾ آخوند لطف الله جو ڪتاب ”گل خندان“ به شايع ٿيو جيڪو جيتوڻيڪ جنن ۽ پرين جي داستانن سبب قصو سڏي سگهجي ٿو ، نه ڪي جديد ناول، ڪتاب هن ڪتاب جي لکڻي اهڙي ته دلچسپ آهي جو گهڻو ڪري هيءُ ڪتاب به شاهه جي رسالي وانگر سنڌي ادب ۾ لازوال رهندو. اصل ۾ اهو ڪتاب اردو قصي ”افسانهء عجائب“ تان ورتل آهي، پر ٻنهي ڪتابن ۾ زمين آسمان جو فرق محسوس ٿئي ٿو. خود ”افسانهء عجائب“ به ”گل خندان“ اڳيان هيچ معلوم ٿئي ٿو.
هريسنگهه
[سنواريو]سن 1885ع کان مسٽر هريسنگهه سکر واري 1889ع کان مسٽر پوڪر داس شڪارپور واري ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو چالو رکيو، تنهن ڪري ڪافي انداز ۾ اردو قصن جا ترجما ڪيا ويا. ان کان سواءِ عوامي آکاڻين تان پڻ قصا ٺاهي اشاعت هيٺ آندا ويا، جهڙوڪ ”ٽوپي پڳ“، ”ڪوئو ٻلي“، ”سس ننهن“ ۽ ”کچڻي ماني“ وغيره. نه فقط ايترو پر لوڪ ڪهاڻيون مثلاً سسئي پنهون، ليلا مجنون، عمر مارئي، دودو چنيسر، سهڻي ميهار ۽ مومل مينڌرو پڻ. ڪي نظم ۾ ڪي نثر ۾ شايع ڪيون ويون. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن انگريزي ناول جا ڪتاب گهڻو ڪري ترجمي هيٺ آندا پئي ويا. پر انهن ترجمن ۾ گهڻا ترجما مرزا قليچ بيگ مرحوم ڪيا، جن مان ”راميل“ ”گلن جي ٽوڪري“ وڌيڪ آڳاٽا آهن. هن زماني ۾ آنجهاني مسٽر هريسنگهه ۽ مرزا صاحب مرحوم جيڪي ڪافي انداز ۾ ڪتاب ترجمو ڪرائي شايع ڪيا، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهي آهستي آهستي اڻ لڀ ٿيندا پيا وڃن. انهن ٻنهي صاحبن کان پوءِ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي طرف پڻ ڪتابن ڇپجڻ جو آغاز ٿيو ۽ ڪافي تعداد ۾ انگريزي هندي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما ظاهر ٿيڻ لڳا، جن ۾ اڪثريت ناولن جي هئي. مشهور ناول ”چندر ڪانتا“ سندس پنکڙين سميت اٽڪل 45 حصن ۾ شايع ٿيو، پر پورو ٿي نه سگهيو. ساڳئي پبلشر انگريزي ناول ”اسٽار آف منگريليا“ جو ترجمو بنام ”ستاري منسگريليا“ به ڇاپيو.
جاسوسي ناولَ
[سنواريو]حيدرآباد ۾ مسٽر خوشيرام رينالڊ جي وڏن انگريزي ناولن ”جوزف ولمٽ“، ”ميري پرائيس“ ۽ ”لورز آف دي حرم“ وغيره جا ترجما ڪيا. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سال 1915ع کان وٺـي جاسوسي ناولن جي ٻوڏ شروع ٿي وئي ۽ اهي سنڌ ۾ گهڻي قدر مقبول ٿيا. ”بدبخت هيرو“، ”موت جو پيغام“ ۽ ٻيا گهڻ ئي قسمن جا ڪيترائي ناول ادب جي ميدان ۾ ڌڙا ڌڙ اچڻ لڳا. ”چار درويش“ نالي اصل فارسي ڪتاب، جو امير خسرو جو لکيل هو، جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن پنهنجي بيمار مرشد جي وندر لاءِ لکيو هو، جو کيس روزانو پڙهي ٻڌايو ويندو هو ۽ بفضل خداوند تعاليٰ قصو به اختتام کي پهتو ته سندس مرشد به بلڪل عافيت حاصل ڪئي. اهوئي سبب آهي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته ”چار درويش“ قصو جيڪڏهن ڪنهن به مريض کي پڙهي ٻڌايو ويندو ته کيس شفا ٿيندي. اهو قصو اردوءَ وارن ترجمو ڪيو، جنهن تان وري ماستر واحد بخش شڪارپوريءَ سنڌيءِ ۾ ترجمو ڪيو. ”گل بڪاولي“ قصو جو پڻ اصل فارسيءَ تان اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو هو، ان جو پڻ ماستر احمد خان تڳيو خان جلباڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. ”امير حمزه“ اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو قصو آهي، جيڪو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو هو ۽ ان تان سنڌي زبان ۾ آندو ويو. امير حمزه جو ٽيون ۽ چوٿون جلد ماستر قاضي عبدالغفور هالائي ترجمو ڪيا. اهڙيءَ طرح ”الف ليليٰ“ ۽ ”حاتم طائي“ پڻ عربي قصا هئا، جيڪي پهريائين اردوءَ ۾ ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. ”گل صنوبر“ ۽ ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ پڻ فارسي مان اردوءَ ۾ ۽ ان تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. هن وقت تائين پراڻي قسم جي ناولن جو دؤر هلندو آيو، جن جي لکڻ جو ڪو خاص مقصد ڪونه هوندو هو. هنن ناولن مان مقصد رڳو ڪجهه اخلاق سڌارڻ جي هئي ۽ گهڻي قدر رڳو وندر هوندي هئي ۽ بس.[1] [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)
- ↑ ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي، سنڌي ادبي بورڊ