سنڌي ناول جو نئون دؤر
سال 1923ع ڌاري هندستان جي آزاديءَ جي لهر موجون هڻڻ لڳي ۽ ناول ۾ سياسي تاريخ ڀرجڻ شروع ٿي. پهريائين ڪانگريسين ۽ انقلابين جا سياسي ناول شايع ٿيا ۽ پوءِ هريسنگهه سندس راجپوتن جي ڪارنامن جا تاريخي ناول لکائڻ شروع ڪيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو حيدرآباد ۽ ڪراچي، سنڌ مان پڻ ساڳيو سلسلو شروع ٿيو. ڪراچيءَ جي مشهور رسالن ”سندر ساهتيه“، ”رتن“ ۽ ”آشا ساهت منڊل“ وغيره جي ذريعي ڪافي ناول وجود ۾ آيا. مثلاً: ”رتن“ جا هيٺيان چند ناول قابل ذڪر آهن.
- 1) آزاديءَ جا اپاسڪ (قومي ناول)
- 2) پريت جا گيت (ٽئگور جو ترجمو)
- 3) بال چندرما (ٽئگور جو ترجمو)
- 4) نرويما ديوي (سماجڪ ناول)
- 5) امرت جهڙا مٺا ٻول (ليکڪ ديوداس)
- 6) چندر شيڪو (تاريخي ناول)
- 7) انڌيءَ جي ڪهاڻي (افسانو)
اهڙيءَ طرح ”سندر ساهتيه“ جي چند مشهور ناولن جا نالا ڏجن ٿا.
- 1) آخرين سفر (ترجمو سرهال ڪين) سال 1940ع جڳت آڏواڻي
- 2) ارا سندري (سال 1936ع ميلارام واسواڻي)
- 3) پرستان جو شهزادو ميلارام واسواڻي
- 4) چنبيليءَ جي سڳنڌ ميلارام واسواڻي
- 5) منورما ميلارام واسواڻي
- 6) هارجيت ميلارام واسواڻي
ساڳيءَ طرح ”آشا ساهت منڊل“ ڪراچيءَ جا قابلِ ذڪر ناول هي آهن:
- 1) سدا سهاڳڻ ديو سنڀاڻي
- 2) ناري سنسار مخزن زالن لاءِ
- 3) گورا گلي ڪرپالاڻي
- 4) ڪومل ڪمل آسانند مامتورا
- 5) جيون ڪلا چوهڙ هندوجا
انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انفرادي ڪوششن جي نتيجي تي چڱا چڱا ناول شايع ٿيا، جهڙيءَ طرح ڪراچيءَ مان مٿين ادبي ادارن جي ذريعي اهي ناول شايع ڪيا ويا، تهڙيءَ طرح وري حيدرآباد سنڌ مان به ”ڪهاڻي“، ”ڀارت جيون“ ۽ ٻين رسالن دوران ڪافي تاريخي ۽ سماجي ناول نڪري ظاهر ٿيا.
هن ادبي ڪشمڪش جو اثر سنڌ جي مسلمانن تي پڻ گهڻو پيو ۽ اردو تاريخي ناولن جا ترجما لاڳيتو ٿيندا رهيا. جهڙوڪ: ”حوردمشق“، ”خنجرهلال“ ۽ ”منصور موهنا“ جا ناول ڇپجي شايع ٿيا. مگر تاريخي ناولن ۾ اسان جي خيال ۾ پهرين طبع زاد ناول جو لکيو ويو، اهو مرحوم حڪيم عبدالخالق مورائيءَ جو لکيل ناول ”سندري“، جو نهايت دلچسپ ۽ ادبي شاهڪار آهي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي نيڪ ڪوششن سان جيڪا مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد ۾ قائم ٿي، ان جي سرپرستيءَ هيٺ پڻ ڪجهه سٺا ناول ڇاپيا ويا، جهڙوڪ:
- 1) جڙتو شهزادو (محمد صديق ميمڻ)
- 2) زندگيءَ جو پهريون دؤر (سال 1931ع)
- 3) زندگيءَ جو ٻيو دؤر (سال 1932ع)
- 4) نبين جا قصا حاجي فيض محمد ڀريائي
- 5) در يتيم قريشي فتح محمد کهڙائي
سن 1939ع کان وٺي مسٽر محمد عثمان ڏيپلائيءَ ته باقاعدي هڪ تاريخي ناولن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو جو اڳتي هلي ”رسالي عبرت“ جي سلسلي ۾ تبديل ٿيو. مسٽر ڏيپلائيءَ جون گاڏڙ ساڏڙ آکاڻيون ۽ مضمون اڳي ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ لاڳيتو ايندا رهندا هئا. سال 1939ع تائين سنڌي زبان جا تاريخي ناول نويس هن ميدان ۾ رٽائر ٿي چڪا هئا، يا منجهائن ڪي فوت ٿي ويا هئا. ان ڪري ناول نويسيءَ جي ميدان ۾ وري هڪ وڏو خال پئجي ويو. ان خال کي ڀرڻ جي شديد ضرورت مسٽر ڏيپلائي پوري ڪري ڏيکاري. هن صاحب اول اردو تان ترجما ۽ تلخيص ڪري ننڍا تاريخي ناول ڇپيا ۽ پوءِ اوريجنل ناول پڻ لکڻ لڳو. لڳ ڀڳ سندس هڪ سؤ کن تاريخي ناول ڇپجي چڪا آهن، جن مان ”ڏاهري رنگ محل“ ۽ ”گلستان حسن“ ضبط ٿيل آهن ۽ ”نور توحيد“، ”شيرِ ايران“، ”مصطفيٰ ڪمال“، ”مجاهد ڪشمير“، ”سمرقند جو صوف“، ”حور بغداد“، ”ٽيپو شهيد“ ۽ ”عيد جو چنڊ“ خاص طور ذڪر ڪرڻ جوڳا آهن.
ساڳئي زماني ۾ شڪارپور طرف ”برڪت علي آزاد“ ۽ ”شيخ اياز“ ۽ ڪراچي مان ”باغي ساهتيه“ وارن به چڱا ترقي پسند ناول شايع ڪيا. هن ڏس ۾ ”آزاد سلسلي حيدرآباد“ ۾ پڻ چار پنج ناول شايع ٿيا، پر پوءِ اهو وڌيڪ عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهيو. سندس ڪتاب ”شيش محل“، ”شامت اعمال“، ”سئنڊل جو سٽڪو“، ”مظلوم شهزاديون“، ”انجام الفت“ يادگار آهن. هندو مصنفن طرفان پڻ هن دؤر ۾ ناولن لکڻ جو سلسلو بند ڪونه ٿيو، مسٽر ڀمڀاڻيءَ ڪن انگريزي ناولن تان ڪجهه نهايت اتم درجي جا ناول ترجمو ڪيا، مثال طور،
- 1) پاپ ۽ پاڪيزگي (انگريزي ناول ٽيس جو ترجمو)
- 2) مالهڻ طبع زاد
- 3) وڌوا
ان کان سواءِ پروفيسر اين. آر. ملڪاڻي ۽ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پڻ ڪجهه ناول ترجمو ڪيا، جيڪي وسارڻ جوڳا نه آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو تاريخي ناول نورجهان سندس هڪ سٺو شاهڪار آهي.
سنڌي قصن ۾ وڏين آکاڻين جو بنياد اصل ۾ ”سندر ساهتيه“ ۽ ”رتن“ وڌو ۽ بعد ۾ ”ڪهاڻي“، ”ڀارت جيون“ ۽ ”آشا“ به انهن کي گهڻو وڌايو. سکر جي رسالي ”سنسار چڪر“ ۽ ڪراچي جي ”سنسار سماچار“ جي ادبي پرچن، خواه ”سنڌو رسالي“ به ان پاسي ڌيان ڏنو، مگر انهن سڀني ۾ گهڻو حصو ترجمن جو هو. [1] [2]
- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Articles)
- ↑ ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ محمد اسماعيل عرساڻي