موسيٰ ڪليم (سنڌي شاعر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مُوسيٰ ڪليم، محمد مُوسيٰ شيخ شيخ احمد، 7 مارچ 1935ع تي حيدرآباد شھر ۾ ڄائو، جتي سندس والد صاحب سول سرجن طور خدمتون سرانجام ڏيندو هو. مُوسيٰ ڪليم جي ٽن سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو ۽ سندس پرورش ماسيءَ ۽ مامي ڪئي. جامعہ عربيه اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، هُن ڪتابي علم کي خيرآباد چيو ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي شوق "شاعريءَ" کي اوليت ڏنائين. 1966ع ۾ کيس فلم "رنگ محل" لاءِ گيت لکڻ جو موقعو مليو ۽ 1969ع ۾ "رنگ محل" جي رليز ٿيڻ کانپوءِ سندس لکيل گيت هر هنڌ گونجڻ لڳا. هُن سنڌي فلمن جا اسڪرپٽس بہ لکڻ شروع ڪيا ۽ نيٺ فلمي دنيا ۾ وڏو مقام ماڻي ورتائين. "رنگ محل" ۽ "غيرت جو سوال" ۾ شاعري سان گڏ اسڪرپٽس بہ سندس ئي لکيل هئا. فلمي دنيا ۾ ڀرپور 27 ورهيہ گذاري، هُن 8 جنوري 1994ع تي وفات ڪئي، جنھن وقت جھان ڇڏيائين ٿي تہ سندس ٽي اهم پروجيڪٽس 'مين اور جنڪشن'، 'چُڙيل' ۽ 'موکي متارا' هلندڙ هئا.

مُوسيٰ ڪليم، سنڌي فلمن رنگ محل، مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، سوڍا پُٽ سنڌ جا، پيار ڪيو سينگار، پيار تان صدقي، منھنجو پيار پڪاري، غيرت جو سوال، لڄ رک، اچ تہ ڀاڪر پايون، رت جي راند، دوستن جو پيار، پرديسي ۽ پيار، دشمن، دريا خان، ڏٺو ويندو، سجاول لاءِ نغما ۽ ڪن لاءِ اسڪرپٽس لکيا.


حوالا[سنواريو]