مواد ڏانھن هلو

سنڌي ديويون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عربَ ۾ سِنڌِي ديوِيُونۡ

[سنواريو]

عرب ۾ ”مَنات“، ”اَلات“ ۽ ”العُزا“ نالي جي ديوِن جُونۡ مُورتِيُونۡ اَلَڳِ اَلَڳِ شَهرَنِ جي عبادت گاهُنِ مانۡ مِلِيُونۡ آهِنِ. ”اَلات“ جو پُوڄا گهَرُ طائف ۾ هُئو، ”اَلعُزا“ جو پُوڄا گهَرُ مَڪي ۽ طائف جي وِچَ ۾ وادي نخله ۾ هُئو، ۽ ”منات“ جو مَڪي ۽ مَدِيني جي وِچَ ۾ هِڪَ ٽَڪِرِيءَ تي هُئو. اِيهي ٽرَئِي مُورتِيُونۡ عراق جي هاترا (هترا) مِيُزِئَم ۾ رَکِيَلَ آهِنِ. يَهُودِنِ ۽ مشائدين کانۡ سَواءِ سَڄي عربَ جا ماڻهُونۡ اِنهَنۡنِجِي پُوڄا ڪَندا هُئا. سِنڌُ جِيئَنۡ عربَ ۾ بِ اِنهَنۡنِ جي چَؤڌارِي سَتَ ڦيرا لَڳايا ويندا آھِنِ. انهنن ٽنهين مُورتِنِ جو پَهِراءُ، ڳَھَ ڳَٺا ۽ وِچِيئَنۡ جي هَٿَ ۾ تِرِشُولُ ۽ هيٺانۡ شِينهَنۡ جي هُئَڻَ مانۡ ثابِت ٿِئي ٿو تَه اِهي سِنڌُ جِي ديوِي دُرگا، لَشِمِي ۽ سَرَسوَتِيءَ جُونۡ آهِنِ.

اِهي مُورتِيُونۡ، جيڪي عربَ يا ميسوپوٽِيميا جِي تهذيب مانۡ مِلِيُونۡ آهِنِ، سي سِنڌِي ديوِيُونۡ آهِنِ. هاڻي سَوالُ آهي تَه اِيهي ديوِيُونۡ سِنڌِي ڇو ۽ ڪِيئَنۡ آهِنِ؟ مُئَنِ جي دَڙي جِي کوجَ ڪَندَڙَ سَر جان مارشَل لِکِيو آهي تَه ”سِنڌوءَ کانۡ وَٺي مِصِرَ جِي نِيل نَندِيءَ تائِينۡ ديوِي پُوڄا جا لَڳاتارِ ثَبُوتَ مِلَنِ ٿا. سَندَسِ بَيانَ سانَ گَڏُ ٻِيا بِه ڪيتِرائِي ثَبُوتَ آهِنِ. عراق ۽ اِيران سانۡ سِنڌُ جي واپاري ۽ ثقافتِي لاڳاپَنِ جا ثَبُوتَ مُئَنِ جي دَڙي جِي سِنڌُو سَڀِيَتا مانۡ مِلِيا آهِنِ. اِنهَنۡنِ واپارِي ۽ ثقافتِي لاڳاپَنِ جو ذِڪِرُ عربِي تارِيخدان يعقُوبِي ڪِتابَ ”عرب اَؤر هُند ڪي تعلقات“ ۽ پِي اين اوڪَ جي ڪِتابَ ”ڀارتِييَ اِتِهاس ڪِي ڀُولينۡ“ ۾ بِه ڪَيو وَيو آهي.

اِيران مانۡ مِلِيَلَ سِنڌِي راجائُنِ جا برِٽِش مِيُزئَم ۾ رَکِيَلَ سونَ جا سِڪا بِه اِنهَنۡ جو ثَبُوتُ آهي. هِنگلاج ماتا ديوِيءَ جا دَرِشَنَ ڪَرِڻَ لاءِ اِيران ۽ عراق جا مُسَلمانَ ايندا هُئا، جَنهِنۡ کي ”نانِي ڪا حَج“ چَوَندا هُئا. هِيڏانَ هِندُستانَ مانۡ شرِي رامجِي لَشِمَڻُ ۽ سِيتاجِي سانَ گَڏُ هِنگلاج ماتا ديوِيءَ جا دَرِشَنَ ڪَرِڻَ لاءِ وَيا هُئا، اِنھَنۡ جو ثَبُوتُ اَڄُ بِه ڪَراچِي، سِنڌُ ۾ ”رام باغ“ موجُود آهي. گُرُو گورَکناٿ بِه هِنگلاج ماتا ديوِيءَ دَرِشَنَ ڪَرِڻَ لاءِ وَيو هو. هِنَ وَقت سِنڌُ ۾ اَمبا، دُرگا جانۡ اُما پاروَتِي سانۡ گَڏُ هِنگلاج ديوِي جا مَندَرَ ۽ شَڪتِي پَيٿ پِڻِ آهي. سيوهَڻ، لَڪِي تِيرَٿُ اَڄُ بِه موجُود آهِنِ، ڪَنهِنۡ زَماني ۾ ”شِبِستان“ جو علائقو بِه هو، اِيهي ”شِوَ“ جي سِنڌُ سانۡ لاڳاپي جا ثَبُوتَ آهِنِ. سِنڌِيءَ ۾ اَمبِي، اُما، پارِي پاروَتِي ۽ مائِي (ڪالِي) جا نالا اَڃا بِه موجُود آهِنِ. سِنڌِيءَ ۾ پُٽرَ ۽ مُڙِسَ کي ”شيرُ پُٽرُ“ ۽ ”شيرُ-مُڙِسُ“ سَڏِيو وَڃي ٿو. هِڪَ چَوَڻِي بِه آهي تَه ”شَلَ ڃاڻِيئَنۡ جو ڀَلو ڀاڳُ ٿِيندو جو شِينۡهَنۡ ڪُلهي چَڙھَندِي“ معنا شَلَ ڇوڪِرِيءَ جو ويهانئُنۡ شِينهَنۡ جيڙھي مُڙِسَ سانۡ ٿِيندو . اِنهَنۡ سانۡ گَڏُ اَڄُ بِه سِنڌِي سونارَنِ کي ”مائِيءَ پوترا“ (مائِي يا ڪالِيءَ جو پوٽرا) سَڏِيو وَڃي ٿو. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. محقق؛ پريم تنواڻي