سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ٽارين ۾ ٽانڊاڻا ٽمڪن[سنواريو]

مهاڳ[سنواريو]

ٻار انساني سماج جي خوبصورت وٿ ۽ ڪارائتو سرمايو آهن، جنهن سان نه رڳو انساني سماج جي سونهن واڳيل آهي پر ٻار انساني نسل جي ارتقا جا مظهر پڻ آهن. انساني سماج ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سڀ کان اهم ۽ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن ۽ اهي ئي مستقبل ۾ اهم ذميواريون سنڀالين ٿا، ان ڪري انهن جي صحيح تربيت لاءِ گهڻ پاسائين ڌيان جي ضرورت آهي.
ٻارن جي صحيح تربيت ئي بهتر سماج جوڙي ٿي، اسان جا والدين ٻارن جي نصابي سرگرمين تي تمام گهڻو ڌيان ڏين ٿا پر ان جي غير نصابي تربيت کي نظر انداز ڪن ٿا، نتيجي ۾ ٻارن جي شخصيت جوڙڻ وارا اهم مرحلا هٿان هليا وڃن ٿا ۽ ٻار جي شخصيت اڌوري رهجي وڃي ٿي. دُنيا جا ترقي يافته ملڪ ۽ قومون پنهنجي مستقبل جي معمارن ڏانهن مڪمل ڌيان ڏئي انهن لاءِ گهربل سهوليتون مهيا ڪن ٿا، ان ڪري سُڌريل سماجن جا ٻار به ڀرپور صلاحيتن وارا ٿين ٿا.
ٻاراڻو ادب اهو ڪنهن به ٻوليءَ جو هجي، بنيادي حيثيت رکي ٿو. اسان جي ٻوليءَ ۾ بلڪه دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ ادب جا ٻه حصا ٿين ٿا. هڪ نظم ۽ ٻيو نثر وارو حصو.
سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي صورت جاچينداسين ته اسان کي جيڪا پهرين صنف، ادبي حيثيت ۾ ملي ٿي، اها نظم ۾ آهي. سومرن ۽ سمن جي دؤر ۾ سنڌي بيت، ڳاهن جي اوائلي صورت ۾ ملن ٿا ۽ ”ڪافي“ جي سٽاءَ جهڙا ”گنان“ پڻ نظم جي صورت ۾ ملن ٿا ۽ اهو سلسلو ڪلهوڙن جي دؤر تائين سوين شاعرن جي ڪلام جي صورت ۾ ملي ٿو. ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪوبه ناليوارو نثري ڪتاب نٿو ملي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي اوائلي دؤر کان وٺي هينئر تائين ٻوليءَ جي نظم وارو انداز ان ٻوليءَ جي ماڻهن جي مزاج تي وڌيڪ اثرانداز ٿئي ٿو. ان پس منظر ۾ جيڪڏهن ڏسون ته شاعري ٻوليءَ جي اها وٿ آهي، جيڪا تعليم جي عمل ۾ ٻار جي مزاج کي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي.
ٻار جي درسي ڪتاب ۾ نظم وارو حصو ٻار لاءِ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رهي ٿو. ٻار پنهنجي درسي ڪتاب جا اڪثر نظم سولائيءَ سان ياد ڪري وٺي ٿو ۽ نظم ۾ موجود رڌم ان ۾ خوشين جا اڻ ڄاتا رنگ ڀريندو رهي ٿو. اهي هدايتون جيڪي ٻارن جي درسي ڪتابن ۾ نظم جي صورت ۾ شامل رهيون آهن، اهي نصيحتون ٻار پنهنجي سموري عملي زندگيءَ ۾ ياد رکي ٿو ۽ موقعي جي مناسبت سان انهن جو بيان به ڪندو رهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”شاعري، آرٽ ۽ ڪلا“ آفاقي فن آهن، جيڪي قدرت پاران ئي عطا ٿين ٿا، پر منهنجي لاءِ اهي فن شعور جي اعلى روشنيءَ جا مظهر آهن ۽ ٻاراڻي شاعري به ان زمري ۾ اچي ٿي. جيڪو ماڻهو اعلى شاعريءَ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ۾ ئي ڪا نه ڪا ڏات وسي ٿي.
ٻاراڻو ادب پنهنجي ڄمار جو آئينو ٿئي ٿو، جنهن کي پڙهي هر ماڻهو پنهنجي ٻالڪ پڻي کي ياد ڪري ٿو ۽ ٻالڪ پڻي جي دؤر جا سڀ واقعا، شرارتون ۽ ساعتون پنهنجي اکين جي آڏو آڻي ڏسي ٿو.
ان حوالي سان ٻاراڻو ادب، ٻالڪ پڻي جي اهڙي تاريخ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جي سندر پلن جا ورق محفوظ ٿيل آهن، جن کي هو پنهنجي جيون ۾ ٻيهر آڻي ته نٿو سگهي پر انهن کي بار بار پڙهڻ چاهي ٿو.
اسان جي سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ٻارن لاءِ ٿيل ڪم ڪي قدر ساراهه جوڳو آهي، جو ڪيترائي ناليوارا شاعر توڙي نئين ٽهيءَ جا لکندڙ ٻاراڻو ادب سرجي رهيا آهن. چيو وڃي ٿو ته ”ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو اوکو آهي“. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ٻارن لاءِ لکڻ لاءِ وڏي فني پهچ ۽ نفسيات جي ڄاڻ جي گهرج هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي ذهني ۽ نفسياتي سطح کي سمجهي ۽ پرکي لکڻو پوي ٿو ۽ ٻارن لاءِ لکڻ واري کي به ٻار ٿيڻو پوي ٿو ۽ ٻاراڻي فطرت ورتائڻي پوندي آهي. ٻارن تي لکڻ لاءِ ضروري آهي ته شاعر، ٻارن جي کيڏڻ، رسڻ پرچڻ، خوشيءَ ۽ غم وارين سمورين ڪيفيتن کان نه رڳو واقف هجي پر پاڻ به اهي ڪيفيتون ورتائي سگهي. ۽ ان مطابق جنهن شعر ۾ جذبي جي سچائي شامل هوندي، اهو ئي شعر ٻار کي وڌيڪ متاثر ڪندو.
ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته ان جا اڪثر ٻه موضوع رهيا آهن: هڪ ٻارن ۾ اخلاقي قدر اُڀارڻ ته جيئن اهي سماج ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ ٻيو کين معلومات ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ ته جيئن سندن ذهانت ۾ واڌارو ٿئي ۽ اُهي وڌ کان وڌ شين بابت ڄاڻي سگهن. انهن سمورن مقصدن لاءِ وري به هڪڙو شرط لازم آهي ۽ اُهو اِهو ته ٻاراڻي شاعري، جهونگار سان ڀريل يا مترنم هجي.
ٻار، رڌم ۽ جهونگار جو فهم ٻين سمورين شين کان وڌيڪ رکن ٿا. هڪڙي هونگڙيون ڏيندڙ ٻار لاءِ ڇمڪڻي جا مڌر آواز اتساهه جو سڀ کان وڏو ذريعو هوندا آهن ۽ اهو هونگڙيون ڏيندڙ ٻار ڇمڪڻي جي آواز جي لئه تي روئڻ ڇڏي، پل ۾ مسڪرائڻ لڳي ٿو. ٻار جي وندر لاءِ اهڙا سمورا نظم سادي، عام فهم، وڻندڙ ۽ اتساهيندڙ پيرا ۾ چوڻ، تمام ڏکيو ڪم آهي.اهڙو ڏکيو ڪندڙ پڪ سان وڏا شاعر آهن. اسان جا شاعر، ٻارن جي دلچسپين وارين شين کي سمجهي، انهن کي موضوع بڻائي ٻارن لاءِ نصيحت ڀريا سبق جوڙين ٿا ۽ انهن جي وندرلاءِ ڪهاڻيون جوڙين ٿا، جيڪي ٻارن جي جذبن کي نه رڳو ڇُهي وڃن ٿيون پر انهن لاءِ سنڌي ٻاراڻي نظم واري حصي تي نظر وجهبي ته اهو سڄو سائنسي اصولن تي ٻڌل نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ان نظم ۾ فراهم ڪيل معلومات ذڪر ڪيل شيءِ کي سڀني پاسن کان جامع انداز ۾ سهيڙي ٿي. مثلاً ٻارن لاءِ سائيڪل تي لکيل نظم، سائيڪل جي جوڙجڪ، استعمال ۽ فائدي کي نهايت سلوڻي ۽ مختصر پر جامع انداز ۾ بيان ڪري ٿو. هاڻي جيڪڏهن سائيڪل جي باري ۾ هڪ طويل مضمون لکي ٻارن کي پڙهايو وڃي ته به ٻار کي اهو چس ۽ حضُ نه ملندو، جيڪو هن سائيڪل جي لکيل نظم مان ورتو يا پرايو هوندو. ان طريقي سان سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن سينئر شاعرن توڙي نئين ٽهيءَ جي شاعرن ٻاراڻي ادب، خاص طور تي شاعري سرجڻ ويل، انهن سڀني شين (جن سان ٻارن جي فطري دلچسپي آهي) جو سائنسي طريقي سان اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن جي شاعريءَ ۾ پيش ڪش به سائنسي طرز جي آهي.
اسان وٽ عام بحث آهي ته شاعري ۽ سائنس ٻه الڳ موضوع آهن. شاعري جذبن ۽ احساسن جو اڇوتو اظهارآهي ۽ سائنس ٺوس تجربن ۽ حقيقتن جو علم آهي، ان ڪري شاعري ۽ سائنس جي آميزش نٿي ٿي سگهي. جڳ مشهور شاعر ۽ مفڪر شيلي چيو آهي ته ”شاعريءَ سڀني علمن جي ماءُ آهي“، ان ڪري شاعريءُ کي سائنس وانگر ڀلي نه ورتائي سگهجي، پر اها سائنس جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ جو هڪ مؤثر ذريعو آهي. ان حوالي سان ٻيو هجي نه هجي پر ٻاراڻي نظم ۾ اسان جي شاعري اهو ڪرشمو ڪري ڏيکاريو آهي ته هنن احساسن ۽ جذبن کي ٺوس سائنسي حقيقتن سان گڏي بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شاعريءَ کي به هڪ سائنسي علم ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هنن ٻارن جي ڄاڻ لاءِ سهڻيءَ سٽاءَ ۾ شين بابت سموري بنيادي معلومات فراهم ڪري ڇڏي آهي.
آءٌ هتي اها ڳالهه تاڪيد سان ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو ته جن مضمونن کان ٻار جو ذهن باغي هجي يا اهو ان مضمون ۾ دلچسپي نه وٺندو هجي، اهڙن مضمونن ۾ ڪجهه حصو شاعريءَ جو ضرور شامل ڪيو وڃي ته شاعريءَ جو رڌم ۽ لذت خودبخود ٻار کي پنهنجي طرف ڇڪي ايندي ۽ ان ۾ دلچسپين جا نوان موهه ۽ سبب پيدا ڪري وٺندي. ڪو ماڻهو سوال ڪري سگهي ٿو ته ٻوليءَ جي مضمون کان سواءِ باقي مضمونن ۾ شاعري ڪٿان ۽ ڪيئن آڻي سگهجي ٿي؟ ته ان لاءِ به آسان جواب آهي ته اهو سارو جواز ٻار جي موهه تي درومدار رکي ٿو.
ٻار جي فطرت موسيقي ۽ رواني کي ٻين سڀني شين کان وڌيڪ پسند ڪري ٿي. هُن کي ڪائنات ۾ اُهي آواز وڌيڪ موهن ٿا يا پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا، جن ۾ سُر/لئه آهي ۽ شاعري ته سُر ۽ لئه جو بي انت بحر آهي. ٻار جو اُن سان چاههُ ازلي آهي. باقي رهيو سوال ته اها شاعري ڪٿان آڻجي؟ ان لاءِ تخليق ڪيل ٻاراڻي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو وڃي ته اهڙا سائنسي موضوع آهن جن تي اوهان کي سينئر توڙي نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي بهترين شاعري ملندي. ان لاءِ اوهان کي ڪا گهڻي ولوڙ ڪرڻي نه پوندي. ان کان علاوه ضرورت وقت ڪجهه شيون اهڙن شاعرن کان لکائي به سگهجن ٿيون. ٻار پنهنجي زندگيءَ جون سائنسي حقيقتون شاعريءَ جي سٽاءَ ۾ پڙهڻ چاهي ٿو، ڇو ته شاعري ئي سندس جذبن جي ويجهو آهي.
ظاهر آهي ته اسان جي تعليمي سرواڻن، ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ ۽ ٻارن جي فطري، دلچسپين ۽ انهن جي ذهني لاڙن جي ابتڙ سندن تعليم جو خاڪو جوڙيو ته ان جو نتيجو اسان کي ٻار جي عدم دلچسپيءَ جي صورت ۾ ئي ملندو. اسان جڏهن عام ٻارن جو مشاهدو ڪريون ٿا (پرائمري کان مئٽرڪ ايج تائين) ته اسان کي ڄاڻ ملي ٿي ته جيڪي ٻار شاعريءَ کي وڌيڪ پسندڪن ٿا اُهي عام ٻارن کان ذهين ۽ فهميده ٿين ٿا. انهن جو مزاج سنجيده ۽ جستجو وارو ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن ٻارن جو سائنس جي اعلى قدرن سان گڏ فنون لطيفه سان عشق جي حد تائين لڳاءُ رهي ٿو. ٻاراڻي وهيءَ ۾ جستجو ۽ ذهانت جو اهڙو فطري لاڙو شاعري ئي پيدا ڪري ٿي. شاعريءَ جو ٻيو نالو نظم و نسق ۽ ترتيب آهي.
ٻاراڻي وهيءَ ۾ ٻار کي نظم و نسق ۽ ترتيت جي سخت ضرورت آهي، ٻار جي شخصيت ٺاهڻ لاءِ انهن قدرن کي ورتائڻو آهي ، جيڪي قدر زندگيءَ کي ترتيب ڏين ٿا. اُهي قدر اڪثر ڪري شاعريءَ جي سٽاءُ مان ملن ٿا. ان ڪري نظم، لاشعوري طور تي ٻار جي شخصيت کي هڪ نئون نکار ڏئي ٿو ۽ سندس زندگيءَ لاءِ حدبندين جو تعين ڪري ٿو. آءٌ اها ڪا هوائي ڳالهه نٿو ڪريان، پر ان لاءِ مضبوط ۽ ٺوس سائنسي ۽ حقيقي دليل موجود آهن ته شاعري ٻار جي زندگيءَ کي ترتيب سيکاري ٿي، جنهن جو اثر باقي تمام زندگيءَ تائين قائم رهي ٿو. مثال طور مون چوٿين ڪلاس ۾ ”ڏيئو“ نظم پڙهيو هو، جنهن ۾ ڏيئي کي تمثيل بڻائي شاگردن کي زندگيءَ جي اعلى قدرن کي ورتائڻ جو سبق ڏنو ويو آهي.
هوا ساڻ سِرُ لاٽ جو ٿو جهڪائين،
ٿو نِوڙت ڪندي پنهنجي جيوت بچائين،
حياتيءَ جو مقصد، سڄو ٿو ٻڌائين،
ٻين لاءِ پنهنجو ٿو تن من جلائين،
جلي جي ٻين کي سهارو ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
اهو نظم ۽ ان نظم ۾ ڪيل نصيحت مون کي اڄ ڏينهن تائين ياد آهي. جڏهن به اهڙو موقعو ايندو آهي، جنهن ۾ ٻين جي خوشين لاءِ پنهنجي خوشين کي قربان ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن هيءُ نظم اُمالڪ ذهن تي تري ايندو آهي ۽ پوءِ دل ۾ ٻين لاءِ جيئڻ جو جذبو جنم وٺندو آهي. پنهنجي سک تي ٻئي جي سک کي اوليت ڏيڻ جواحساس جاڳي پوندو آهي. ٻئي جي ڏک کي محسوس ڪرڻ جو ڏانءُ اچي ويندو آهي. اهو سڀ ان شاعريءَ ۾ موجود مقناطيسي سٽاءُ جي سگهه آهي، جيڪا ٻاراڻي وهيءَ کان هن مهل تائين، منهنجي سوچ کي مٿئين رُخ ۾ ترتيب ڏيندي رهي ٿي.
اهڙا ٻيا هزارين مثال، اسان ۽ اوهان جي حافظي ۾ محفوظ هوندا/آهن. جيڪي شاعريءَ جي انوکي سگهه جي گواهي ڏئي سگهن ٿا.
چيو وڃي ٿو ته ٻار جو ذهن آلي، مٽيءَ وانگر آهي، جيڪو چاهيو اهو اُن تي چٽي سگهو ٿا. خاص طور تي شاعري پنهنجا سندر نقش آسانيءَ سان چٽي وڃي ٿي ۽ انهن نقشن جا رنگ اهڙا ته پڪا ٿين ٿا جو اهي عمر جي آخري لمحن تائين نٿا ڦٽن. اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته اسان پنهنجي پيڙهه مضبوط ڪريون، يعني پنهنجو نسل باشعور بڻايون ۽ اسان جو نسل باشعور تڏهن بڻجي سگهندو، جڏهن ان کي نصابي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين لاءِ اتساهه ملندو رهي.
ٻار جو ذهن، ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تازو توانو هوندو آهي، پوءِ کيس وڌيڪ سٺائي ۽ صفائي سان ڇو نه سٺو مواد مهيا ڪجي. ٻار جي ترتيب ۽ سماجي اوسر ۽ ذهني ارتقا لاءِ وڏن اديبن کي پنهنجو قومي ۽ ادبي ڪردرار ادا ڪرڻو پوندو. مون لاءِ ٻاراڻو ادب پنهنجي ڄمار جو آئينو آهي، جنهن کي پڙهي مان ٻاروتڻ کي ياد ڪرڻ لڳندو آهيان. اهڙي طرح هر وڏو اديب پنهنجي يادداشت لکي ته به اهو ٻاراڻي ادب ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي ڪتاب جو اضافو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي پڙهي اسان جو ايندڙ نسل ان اديب جي تجربن کي پنهنجي عمل ۾ آڻي، جتي ڪيترين ئي غلطين کان بچي سگهي ٿو، اتي ڪيترائي اتساهيندڙ عمل پڻ جاري رکي سگهي ٿو.
اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن کان ٻالڪپڻي ۾ پڙهيل هي نظم وسري ويا هجن.
جهُو جھُو ماٽي،
لسي پنهنجي گهاٽي،
مکڻ جي چاڻي،
امڙ سياڻي،
آيو مينهن آيو،
لٽڙا پسايو،
اجهو سج نڪتو،
لٽڙا سُڪايو،
يا
گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون،
جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي،
باغن ۾ جو انب پچائي،
ويس گلن کي جو پهرائي
اَنُ پچائي، گاهه اپائي،
عرشن ۾ جو تارا ٽمڪائي،
تنهن مالڪ کي سڀ ساراهيون،
گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون.
يا
ارچڪ مرچڪ،
ڌاڻا ڌرچڪ،
اڳ پٽيهر،
نانگڻ،
جوڳڻ،
کارا کٽي،
ٻُٽي، چُٽي،
يا اهڙا ٻيا ٻالڪپڻي ۾ پڙهيل انيڪ نظم، حافظي جي Box ۾ اڄ به محفوظ آهن، جڏهن به ڪو ماڻهو چاهي ته ان کي کولي پڙهي سگهي ٿو.
پئسو لڌم پٽ تان،
پئسي ورتم گاههُ،
گاھُ ڏنم مينهن کي،
مينهن ڏنو کير،
کير ڏنم امڙ کي،
امڙ ڏنو لولو،
لولو ڏنم ڪانوَ کي،
ڪانوَ ڏنو کنڀ،
کنڀ ڏنم راجا کي،
راجا ڏنو گهوڙو،
چڙهي گهمون، چڙهي گهمون.
يا
اچو ڙي ٻارو،
راند جو وارو،
اڪ جون ڪاٺيون،
نم جاپاوا،
ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو،
موٽي وڃي مکڻ کائو،
جيڪو پيءُ کي پڳ ٻڌائي،
سو ئي ماکي مکڻ کائي.
انهن گيتن ۾ نه صرف رڌم آهي پر نصيحت به آهي. ٻار ته اهو به چاهيندا آهن ته چنڊ تارن کي مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏجي، ۽ انهن کي پڪڙي گڏجي راند ڪجي. اسڪولي ٻار ته ٺهيو پر جيڪي اڃا سمجهه سان ئي ناهن هوندا، انهن کي به چنڊ ۽ تارا وڻندا آهن ۽ اهي چنڊ تارن کي ڏسي آڱر جي اشاري سان اظهار ڪري ويهندا آهن. اصل ۾ اها سندن معصوميت ئي هوندي آهي، اهڙو ئي هڪڙو نظم حافظي جي Box ۾ بند آهي.
واهه ڙي تارا، گول تارا،
روشن تارا، چلڪي وارا.
سانجهي ٽاڻي نڪرو ٿا،
اڀ سڄي ۾ پکڙو ٿا.
چلڪو چمڪو ساري رات،
ڪجي اوهان جي ڪهڙي بات.
رات لنگهي وئي باقي ڇا،
اوهين بتايو واٽ اها.
جوت اوهان جي جي، نه هُجي،
واٽهڙو ڪر واٽ منجهي.
اهڙا نظم ٻار پنهنجي منهن به جهونگاريندا وتندا آهن. ٻالڪ پڻي ۾ ٻارن کي جانور ڏاڍا وڻندا آهن. ڪتو، ٻلي، هاٿي، ٻڪري جهڙا جانور، معصوم ٻارن کي ڏاڍا وڻندا آهن ۽ اهي ڏسي ڏاڍا خوش پيا ٿيندا آهن. اسڪولي زماني ۾ وري ڪورس جي ڪتابن ۾ انهن کي جڏهن جانورن تي گيت پڙهڻ لاءِ ملندا آهن ته هو ان ۾ دلچسپي وٺندا آهن ۽ سبق کان اڳ کين گيت ياد ٿي ويندا آهن. گهوڙي وارو هيءُ نظم اُن جو بهترين مثال آهي؟
مٺڙا گهوڙا اوري آءُ،
خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ،
پنهنجي منهن تان لاهه لغام،
تازو گاهه هلي چَرُ جام،
جتي چرڻ لاءِ آهي گاهه،
اتي وهي ٿو سهڻو واهه،
هاڻي ان مان پاڻي پيءُ،
ڍءُ ڪري تون گد گد ٿيءُ،
جڏهن شام جا وڄندا پنج،
تو تي رکندس سهڻا سنج،
ٻالڪ چوندا ڊوڙو ڊوڙو،
ڏسو ڪِڪي جو سهڻو گهوڙو،
توڙي هٿ ۾ چهبڪ کڻندس،
مٺڙا توکي مور نه هڻندس.
اهي نظم ان ڪري ياد آهن جو انهن ۾ اسان جو ننڍپڻ چٽيل آهي. انهن نظمن جي آڌار تي اسان هڪ جيڏن سان ڪيتريون ئي رانديون رهيون آهن. اسڪول جي موڪل کانپوءِ اهي نظم اسان کي راند لاءِ ڳلين ۾ وٺي ايندا هئا ۽ اسان هڪ ٻئي کي هٿ ڏئي ارچڪ مرچڪ کان چيڪلي پايون پير گسايون تائين رانديون کيڏي لطف ماڻيندا هئاسين. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي حافظي تي وقت، دز چاڙهي به ڇڏي آهي تڏهن به ڪنهن ٻار پاران سندس سامهون هڪ ڀيرو اهڙو نظم دهرائڻ سان هن جي ياد جو شيشو صاف ٿي وڃي ٿو ۽ پورو نظم کيس ٻيهر ذهن ۾ اچيو وڃي. اهو ان ڪري به ٿئي ٿو جو اهي لفظ شاعريءَ جي لڙهيءَ ۾ پويل آهن، جن جي ترتيب ان جي حافظي کي به ترتيب ڏئي ڇڏي ٿي ۽ ان سونهن ۾ انيڪ رنگن جي آميزش آهي. نئين شاعري به رنگن جو ئي تاڃي پيٽو آهي. انيڪ رنگ هر سٽ جي اظهار ۾ اوتيل هجن ٿا، پر ٻارن بابت ڪيل سموري شاعري مڪمل رنگين ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻار جي تصور جي پوري دنيا رنگين آهي. ٻارن جو پسنديده مشغلو، گلن جي گيت مان پوپٽ پڪڙڻ آهي.اهو عمل نه رڳو جاڳ ۾ ٿئي ٿو پر ٻار جا خواب به اهڙن رنگين منظرن سان ڀريل هوندا آهن، اسان جي ٻاراڻي شاعري ءَ ۾ پوپٽ ۽ گل جو ذڪر به تمام گهڻو آهي، جيڪو ٻارن جي رنگين مزاج کي وڌيڪ متحرڪ ڪري ٿو.

وهه واهه پيارا پيارا پوپٽ،
مٺڙا ۽ موچارا پوپٽ،
روز گلن جو رس ٿو چوسين،
تنهنجا واهه گذارا پوپٽ،
دل ٿي چاهي مون کي ڏين تون،
پنهنجا رنگ اڌارا پوپٽ.

گل به ٻارن لاءِ بيحد ڪشش جو باعث آهن. انهن جا مختلف رنگ ٻارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺن ٿا، ان ڪري شاعرن ٻارن، لاءِ گلڙن جهڙا گيت به سرجيا آهن.
ڏسو ڏسو اي ٻارو گل،
سهڻو گل، موچارو گل.
ٻوٽن تي ٿي جوت جلي،
ڌرتيءَ جو آ تارو گل.
ان جي اڏو مکڙيون مرڪن،
رنگن روپن وارو گل.
ڀؤنر جنهن تي ڀيرا ڏئي،
پوپٽ کي آ پيارو گل.
ٽارين ۾ ٽانڊاڻا ٽمڪن،
سونهن سراسر سارو گل.
غمگينن جا غم ٿو لاهي،
ميٽي ٿو مونجهارو گل.
مور وانگر ٿيو جڳ ۾ سرها،
ٻولي ٿو ٻولي ٻارو گل.
هنن نظمن پڙهڻ کانپوءِ ٻار جي رنگن سان وڌيڪ ويجهڙائي ٿئي ٿي. ٻار نه رڳو رنگ جي سڃاڻپ رکن ٿا پر رنگن جي اهميت ۽ استعمال کان پڻ آشنائي حاصل ڪن ٿا. ٻارن جي ٻاراڻي ڪتاب جا سڀ تصور (شڪليون) رنگين آهن، ان ڪري کين شين جي اصلي رنگن جي ڄاڻ ابتدا ۾ ئي اچي وڃي ٿي. کير، ٻار جي بنيادي خوراڪ آهي ۽ ان مان جيڪي فائدا آهن اهي گيت ذريعي ٻارکي سمجهاياويا آهن. کير پيئڻ سان ٻار تازو توانو ۽ چست ٿيندو آهي ۽ ٻار جي روئڻ وقت به کيس کير ڏنو ويندو آهي ته اهو ماٺ ٿي ويندو آهي، پر جڏهن اهو ٻار سمجهه سان ٿيندو آهي ۽ اسڪول ۾ اچي ٿو ته کيس بنيادي خوراڪ بابت معلومات نظم يا گيت جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي ته سندس پڙهڻ سان دلچسپي وڌي وڃي ٿي. هيءُ نظم به ان جو مظهر آهي.
جو کير پئي سو وير ٿئي.
ڏند زور وٺن، سٺا سهڻا لڳن،
اکين جوت وڌي، ڏاڍي سونهن ٿئي.
وٺي زور بدن، لڱ چُست ٿين،
کير صفا سٺو، واهه! ڏاڍو مٺو.
ٻار اچو پيئو ڀري کير وٽيون،
سڀ زور وٺون، پي کير وڌون.
ڏي کير امان،
پي پڙهڻ وڃان.
يا هي ٻلڙي وارو نظم آهي.
ڏسو هيءَ منهنجي ٻلڙي،
جنهن سان اٿم دلڙي.
رات رهي ٿي خبردار،
ڪئا ماري ٿي بي شمار.
واهه هي منهنجي ٻلڙي،
مور نه ٿئي سان ڍلڙي.
ٻار جڏهن سکڻ جي مرحلي ۾ هوندا آهن ته هو هر شيءِ ۾ گهري دلچسپي وٺندا آهن. هنن کي تجسس هوندو آهي ته هو شين جي باري ۾ معلومات حاصل ڪن ۽ شين کي ڇُهي ان جو مشاهدو ڪري ڏسن. ٻن ٽن سالن جو ٻار، ڪنهن ٻئي ٻار جي هٿ ۾ رانديڪو ڏسي رُئندو آهي ۽ ضد ڪندو آهي ته اهو رانديڪو کيس وٺي ڏنو وڃي. اڳلو ٻار اهو رانديڪو ڏيڻ نه چاهيندو آهي، جنهن تي ننڍڙي ٻار جي ماءُ ٿوري وقت لاءِ رانديڪو، رُئندڙ ٻار کي اهو چئي وٺي ڏيندي آهي ” ته جهٽ گهڙِي کيڏي وري توکي موٽائي ڏيندو“ ۽ واقعي به رُئندڙ ٻار جهٽ گهڙي رانديڪي سان کيڏي اهو رنديڪو ساڳئي ٻار کي موٽائي ڏيندو آهي، يا ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي. ٻارن جي نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو سڄو عمل ان ٻار ۾ موجود تجسس جو آهي.ٻار جوتجسس رانديڪي کي ڇُهي ڏسڻ چاهيندو آهي/مشاهدو ڪرڻ چاهيندو آهي ته هيءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟ جڏهن اهو ٻار رانديڪي کي ڇُهي وٺندو آهي ۽ ان کي اٿلائي پُٿلائي ڏسي وٺندو آهي، تڏهن رانديڪي بابت سندس گهڻي تڙپ گهٽجي ويندي آهي. ان رانديڪي سان کيڏي جهٽ گهڙيءَ کان پوءِ اهو رانديڪو ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ وري نئين رانديڪي لاءِ واجهائيندو آهي (هي نفسيات ٻن ٽن سالن جي ٻار جي آهي) ابهم ٻار جو غور سان شين کي ڏسڻ پڻ شين بابت سندس تجسس ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي نشاندهي ڪري ٿو. اسڪول ايج جا ٻار Imitate (نقل ڪندڙ) هوندا آهن. اهي هر سُٺي شيءِ کي (جنهن کان متاثر ٿيندا آهن) پنهنجو آئيڊيل بڻائي ان جون خوبيون پنهنجي شخصيت ۾ ڀرڻ چاهيندا آهن. انهن جهڙو ڳالهائڻ چاهيندا آهن ۽ انهن جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ چاهيندا آهن.
هو جڏهن اسڪول ۾ ايندا آهن ته پنهنجي استاد جي طور طريقن جو نقل ڪرڻ چاهيندا آهن (ڇاڪاڻ ته اسڪول ۾ استاد ئي سندن آڏو آئيڊيل شخصيت طور هوندو آهي) استاد جي گفتگو، انداز، لفظن جي اُچار، ميل جول جا آداب ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون استاد وٽان نقل ڪندا آهن.هي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن ٻار جي زندگيءَ جي پيڙهه واري پٿر پوڻ جي شروعات ٿئي ٿي ۽ ماحول جو شدت سان اثر قبول ڪري ٿو. ان ڪري جيڪڏهن ٻار کي اسڪول جي ايج ۾ صحيح ماحول ۽ تربيت نه ملي ته هو غلط رستي جو راهي ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ سماج ۾ موجود براين جي پيروي ڪرڻ لڳي ٿو ۽ آهستي آهستي هو سماج جو مجرم فرد بڻجي وڃي ٿو. ان ڪري سماج جو فرض آهي ته هو ٻار کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪري ڏئي، جنهن ۾ ٻار جي سوچ منفي ٿيڻ بجاءِ مثبت ٿئي ۽ هن جي شخصيت اوگڻن بجاءِ گڻن سان سينگارجي.
ٻاراڻو ادب ٻار کي اهڙو ماحول ميسر ڪري ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻاراڻي ادب پڙهڻ سان ٻار کي برائي ۽ نيڪيءَ ۾ تفاوت ڪرڻ جي ساڃاهه اچي وڃي ٿي.
نه رڳو ايترو پر ٻاراڻو ادب، ٻار کي نيڪين ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏئي ٿو ۽ ٻار هر وقت نيڪين ڪرڻ لاءِ سوچيندو رهي ٿو.
ڪرڻ آهي بهتر سڀن سان ڀلائي،
چڱي ڳالهه اهڙي نه ٻي آهي ڪائي.
سڀئي مال دنيا جا هت تون ڇڏيندين،
ادا: جڳ مان نيڪي رُڳي ساڻ نيندين.
مٽي مائيٽي توکي جت ڪم نه ايندي،
ڀلائي اُتي تنهنجو آڌار ٿيندي.
ڏني مهر سان جي ڌڻي توکي مايا،
ته ڪر تون غريبن يتيمن تي ڇايا.
بکين جون بکون لاهه ڍَءُ ڏيار تون تن،
ڍڪائج اگهاڙا ته توکي دعا ڪن.
ٻار اهڙو ادب /شاعري پڙهڻ کانپوءِ جڳ ۾ ڀلائي ڪرڻ جو ڪو موقعو هٿان وڃائڻ نٿو چاهي. هو پنهنجي وس ۽ وت آهر ضرورت مندن ۽ غريبن جي ڪم اچي ٿو ۽ انهن جي دعائن وٺڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو. نه رڳو ايترو پر اسڪول ايج ۾ جيئن مون مٿي عرض ڪيو ته پڙهيل اهڙا سڀئي نظم، جن ۾ نيڪيءَ جا سبق شامل آهن، ٻارن جي سوچ/ شخصيت جي نشو نما، پنهنجي پهرين 8 سالن کان 16 سالن تائين، تيزي سان ٿئي ٿي، ان عمر ۾ ئي ٻار گهڻي کان گهڻيون ڳالهيون ياد رکي سگهن ٿا. باقي ڄمار انهن ئي ڳالهين تي گُذارو ڪندا آهن، ان ڪري ٻالڪ پڻ/ ننڍپڻ، هڪ فرد توڙي هڪ قوم جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڇاڪاڻ ته ننڍپڻ جون سڀ سندر ساعتون ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽاڪي رکي ٿو ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ ئي عملي فيصلا ڪندو رهي ٿو. هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي خاڪي تي گهرائي سان نظر وجهنداسين ته اها اسان کي ٽن اهم مرحلن ۾ رچيل نظر ايندي، ماضي، حال ۽ مستقبل.
1). هر ماڻهوءَ جو حال تلخين سان ڀريل رهي ٿو.
2). مستقبل جي هن کي ڪا خبر ناهي(ايندڙ وقت ڪنهن جي هٿ وس ناهي هوندو) ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڄاڻ ناهي ته ايندڙ وقت ۾ هُن سان ڪهڙي ويڌن ٿيڻ واري آهي. هو صرف انومان ئي ڪري سگهي ٿو پر طبعي لحاظ کان هر ماڻهوءَ کي اها ڀلي ڀت خبر آهي ته ايندڙ وقت هن لاءِ ٻڍاپي جهڙو عذاب کڻي اچڻ وارو آهي، جنهن کان جان ڇڏائڻ ڪنهن جي به وس ۾ ناهي. اهڙي صورتحال ۾ هن وٽ صرف ٻالڪپڻ جا سندر پل ئي رهن ٿا، جيڪي هن دنيا جي سمورن مسئلن،ڪمن ڪارين ۽ مونجهارن کان آزاد ٿي گذاريا آهن. جن جي اتساهه سان هي زندگيءَ جي باقي مسئلن سان جهيڙيندو رهي ٿو. ٻاراڻو ادب، ٻاراڻي وهيءَ جي انهن سمورين يادگيرين کي سهيڙي ٿو، جيڪي هڪ ماڻهوءَ جي باقي سموري زندگيءَ لاءِ اتساهه آهي. لاٽون ڦيرائڻ کان گُڏي پرڻائڻ تائين ٻالجتيءَ جون سڀئي رانديون ۽ وندرون ٻاراڻي ادب ۽ شاعريءَ جو موضوع رهيون آهن، جيڪي هر ماڻهوءَ جي ننڍپڻ جي ساروڻين جو حصو آهن.
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون،
ڀاءُ گهڙي کن دل وندرايون،
ويڙهي زور سان پٽ تي هڻندس،
نوڙي جهٽ پٽ هٿ تي کڻندس،
هٿ تي ڪڍندو هو ڪتڪتايون،
آءُ ته لاٽونئڙو ڦيرايون.
يا
اچو ڙي ڀينر راند رچايون،
ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون،
گڏڙي بڻجي گهر جي راڻي،
پڙهيل لکيل ۽ سگهڙ سياڻي،
رهي نه محنت کان ويڳاڻي،
کٽي نه ان جو اَنُ ۽ پاڻي،
ڏين مبارڪ مايون دايون،
ننڍڙي گڏڙيءَ کي پرڻايون.
هي ۽ ٻيا اهڙا سوين نظم، پاڻ ۾ هر سهيليءَ ۽ هر ساٿيءَ جي انيڪ ساروڻين کي سهيڙين ٿا، جيڪي پنهنجي هڪ جيڏن سان ننڍپڻ جون رانديون رهي گذاريا آهن. اهي صرف ننڍپڻ جون رانديون ناهن.پر محبتن جا اهڙا پل آهن، جن جي چمڪ ستارن جيان سدائين جرڪڻي آهي، اُهي پل ذهن جي ڪمري کي سدائين اگربتين جي خوشبوئن جيان معطر ڪندا رهندا.
هاڻي جيڪڏهن ٻاراڻو ادب نه هجي ها ته اُهي حسين پل، ٽٽل هار جي موتين جيان ڪڻو ڪڻو ٿي زندگيءَ جي ڊائريءَ مان گم ٿي وڃن ٿا. اهو ٻاراڻي ادب جو ڪمال آهي، جو زندگيءَ جي حسناڪيءَ کي ٻار جي معصوم مرڪ سان ڳنڍي رکي ٿو ۽ اُن ۾ اڳتي وڌڻ جي سگهه پيدا ڪندو رهي ٿو.
انهن سڀني شين جوحاصل مقصد اهو آهي ته ٻاراڻي وهيءَ کان ئي ٻار جي ذهني معاشرتي ۽ اخلاقي تربيت ۾ ٻاراڻو ادب، ٻاراڻي شاعري اهم ڪردار ادا ڪيو آهي/ ڪري ٿي. ان لاءِ ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ باضابطه ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.اسان وٽ ٻاراڻو ادب تخليق ڪندڙ اديبن ۽ شاعرن جي ڪا کوٽ ناهي. صرف انهن جي همت افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. بهتر سماج اڏڻ لاءِ ٻارن کي شروع کان ئي ڪتاب ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ کين پسنديده موضوعن وارا ٻاراڻا ڪتابن پڙهڻ لاءِ مهيا ڪري ڏنا وڃن ته جيئن اهو پنهنجي پسنديده ٻاراڻن ڪتابن جو مطالعو ڪري سگهي.
ننڍپڻ کان ئي ڪتاب سان پنهنجي دوستيءَ کي پختو ڪن ۽ ڪتاب کي پنهنجي روز مرهه جي عادت ۾ شمار ڪن. ادبي ڪتابن جو مطالعو نه رڳو ٻار جي ذهني صلاحيت کي وڌائي ٿو پر ٻار جي گفتگوءَ ۾ پختگي ۽ ميٺاج سان گڏ ان جي ورتاءُ ۾ به نرماڻ آڻي ٿو. ادبي ڪتاب پڙهندڙ ٻار ۽ اسڪول جي عام شاگرد جي ڳالهه ٻولهه، لهجي، ورتاءَ ۽ سڀاءُ ۾ زمين آسمان جوفرق ٿئي ٿو. نه رڳو ايترو پر ٻاراڻو ادب پڙهندڙ ٻار جي سوچڻ سمجهڻ واري صلاحيت عام شاگرد کان چوڻي ٿئي ٿي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻاراڻو ادب پڙهندڙ ٻارجي سوچڻ سمجهڻ واري صلاحيت عام شاگرد کان چوڻي ٿئي ٿي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اُهو ٻاراڻو ادب نصاب کان وڌيڪ ان ۾ فهم ۽ فڪر جا رنگ ڀري ٿو. جنهن جو هڪ سبب اهو به آهي ته نصاب ٻار بنا دلچسپيءَ جي لاچاري اڻلڀ هوندو آهي) جڏهن ته ٻاراڻي ادب جا ڪتاب وڏي چاهه سان پڙهي ٿو. ان ڪري جو هنن ۾ هُن جون پنهنجون ڪهاڻيون آهن ۽ هن جي پنهنجي جذبن جي شاعري آهي. مون کي افسوس آهي ته اسان جي ٻار کي هن وقت تائين ڪتاب پڙهڻ لاءِ صحيح ماحول نه ڏنو ويو آهي.
نصابي ڪتاب استاد ڪلاس ۾ بار سمجهي بي مزي پڙهائين ٿا، موٽ ۾ ٻار به انهن کي بار سمجهي بي مزي ئي پڙهن ٿا. نتيجي ۾ نه رڳو تعليم پڙهائڻ وارو عمل متاثر ٿئي ٿو پر ڪتاب کي پڙهڻ ۽ ڪتاب سان دوستي رکڻ واري عمل کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو ۽ ٻار ڪتاب کان مايوس ٿي پنهنجون دلچسپيون ۽ وندرون ڪنهن ٻئي ذريعي ۾ ڳولڻ لڳن ٿا. اڄڪلهه سيٽلائيٽ جو دؤر آهي. ٻار تمام گهڻو وقت ٽي وي کي ڏئي ٿو ۽ اُتان هُو پنهنجي تعليم ۽ وندر جو سامان حاصل ڪري ٿو. پر ڏٺو وڃي ته ٽي ويءَ جو ذريعو ٻار جي ذهني اوسر ۽ تعليم ۾ ڪو خاص ڪردار ادا ڪري نه سگهيو آهي. ٿورو گهڻو به آهي ته اهو ڪتاب جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي. ڪتاب جو علم، ٻار جي زندگي تي دائمي اثر ڇڏي ٿو. ٽي وي يا ٻئي ڪنهن ذريعي واري تربيت عارضي آهي. هڪ زمانو هوندو هو، جنهن ۾ اڃا ٽي وي، ڪمپيوٽر ۽ ٻيا ذريعا عام نه ٿيا هئا. اهڙا ڪيترائي شاگرد هئا، جن ڪتاب جي دوستيءَ مان پرائي، علم جي ميدان ۾ پنهنجو وڏو نالو ڪمايو ۽ زندگيءَ جي هر شعبي تي ڇانئجي ويا. اڄ انهن جي علم مان سوين/ هزارين ماڻهو مستفيض ٿي رهيا آهن. جديد ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ڪتاب جي افاديت گهٽ ناهي ٿي. ڪتاب اڄ به علم جو شهر اڏڻ ۾ پنهنجي ساڳي صلاحيت رکي ٿو. اسان کي رڳو ڪرڻو اهو آهي ته ڪتاب سان دوستيءَ وارو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ۽ وسيلا ڪتب آڻيون ۽ اهو لاڙو ٻارن کان ئي متعارف ڪرائڻو آهي ۽ ڪتابن سان دوستي پيدا ڪرڻ لاءِ وري به اسان کي ٻاراڻي ادب ۽ ٻاراڻي شاعريءَ وارن ڪتابن کان مدد حاصل ڪرڻي پوندي، جيڪي ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو ذوق پيدا ڪندا. اڪثر ٻارن جا والدين ۽ استاد ٻارن کي ٻاراڻي ادب جا ڪتاب پڙهڻ کان روڪيندا رهن ٿا.انهن جي سوچ ۾ اهڙا ڪتاب پڙهڻ سان ٻارن جو وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ انهن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي. هن سوچ کي مثبت سوچ چئي نٿو سگهجي، ان سوچ جي ڪري ٻار، ڪتاب سان دوستيءَ واري رشتي کان پري ٿي وڃي ٿو. ٻار کي ڪتاب کان پري رکڻ نه رڳو ان ٻار سان دشمني آهي پر گڏوگڏ پوري سماج سان دشمني آهي. ڇاڪاڻ ته ان ٻار کي سماج جو هڪ ذهين ۽ ڪارگر فرد ٿيڻو هو. جيڪو ڪتاب جي دوستيءَ کان پري ٿيڻ جي ڪري هو نه ٿي سگهيو. نتيجي ۾ سماج هن جي صلاحيتن کان محروم ٿي ويو. ان ڪري ٻارجي نفسيات کي آڏو رکي، هن کي علمي ۽ ادبي ڪتابن جي ويجهو ڪنداسين ۽ ان ۾ ادبي ذوق پيدا ڪنداسين ته ٻار کي پنهنجي صلاحيت کي ڪتب آڻڻ جو ڍنگ اچي ويندو ۽ ميچوئر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي آئيندي جي باري ۾ هو وڌيڪ صحيح ۽ جٽادار فيصلا ڪري سگهندو. ٻار جي تقاضائن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي پنهنجي وڏي هئڻ جي احساس کي ڇڏي ٻار ٿيڻو پوندو ۽ هڪ ٻار جي روپ ۾ ئي سوچڻو پوندو ته اسان کي سموري ماجرا سمجهه ۾ اچي ويندي. ان طريقي سان نه رڳو اسان ٻار جي شعور جي صحيح نشو نما ڪري سگهنداسين پر اسان جو ٻاراڻو ادب به پنهنجو گهربل ڪارج حاصل ڪري وٺندو، جيڪوڪارج هو ٻارن جي زندگيءَ کي ڏيڻ چاهي ٿو.
اسان جي ٻاراڻي ادب جي ليکڪن خاص طور تي شاعرن، ٻارن جي مزاج موجب اصلاحي، تعميري ۽ معياري شاعري سرجي آهي، جيڪا ٻارن ۾ ڏاهپ، عقل ۽ اعتماد پيدا ڪري سگهي ٿي پر اسان وٽ ادارن جي کوٽ جي ڪري ڪيترائي شاعر پنهنجي مالي ڪمزورين جي ڪري پنهنجي ڪاوشن جا ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي نه سگهيا آهن. سنڌي ٻاراڻي ادب جي فروغ لاءِ نج ٻاراڻي ادبي اداري جي ضرورت آهي، جنهن جي ذمي ٻاراڻي ادب جي مختلف صنفن جي ڪتابن کي سهيڙي ڇپائڻ سان گڏ انهن ڪتابن کي سڌي طرح ٻارن جي هٿن تائين پهچائڻ جو ڪم شامل هجي ۽ ان ڪم کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ لاءِ ان اداري جي مڪمل مالي سهائتا ڪئي وڃي. ان جي بجيٽ کي ايترو بهتر بڻايو وڃي جو اهو ادارو پنهنجي ضرورتن لاءِ ڪڏهن به محتاج نه ٿئي.
اصل ۾ ٿيڻ ائين گهرجي ته اسان پنهنجي پيڙهه مضبوط ڪريون يعني پنهنجو نسل باشعور بڻايون ۽ اسان جو نسل باشعور تڏهن بڻجي سگهندو، جڏهن ان کي نصابي تعليم سان گڏوگڏ غير نصابي سرگرمين لاءِ اتساهه ملندو رهي. ٻار جو ذهن ذميواريون سنڀالڻ لاءِ تازو توانو هوندو آهي پوءِ کيس وڌيڪ سٺائي ۽ صفائي سان ڇو نه اهڙيون سهوليتون ۽ مواد مهيا ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڪي فرد ادارا بڻجي پنهنجي حالت آهر ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن، هيءَ به هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته ٻاراڻو ادب سرجيندڙن کي ادبي دنيا ۾ مناسب اهميت نٿي ڏني وڃي.ان روش جي ڪري به سنڌي ٻاراڻي ادب جي اوسر کي ڪافي نقصان رسيو آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ٻارن جو اديب / شاعر هئڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. سوين/ هزارين شاعرن ۾ ڪي چند ئي ٻارن جا شاعر اديب هجن ٿا، پر چيو ويو آهي ته قومن جي تاريخ ۾ ادب جي وڏي اهيمت آهي. سموريون قومون پنهنجي ادب ۽ ٻوليءَ جي ناتي سڃاتيون وڃن ٿيون پر جنهن ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي اوسر لاءِ اپاءُ نٿا ورتا وڃن اهو ادب ۽ ان ادب جا محافظ مانائتا نٿا ليکيا وڃن.
ان حوالي سان پنهنجي سنڌي ٻاراڻي ادب کي مانُ بخشڻ لاءِ مون هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ ماضي ۽ حال ۾ ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندڙ شاعرن کي هڪ هنڌ سهيڙي ”سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ جي اينٿالاجي“ ٺاهي آهي، جن ۾ شاعرن جي مڪمل بايو ڊيٽا سان گڏ سندن ڪلام جو نمونو پڻ پيش ڪيو آهي. جن مان ڪيترائي شاعر هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن پر سندن ٻاراڻي ادب لاءِ ڪيل ڪم اڄ به نمايان آهي. هن اينٿالاجيءَ ۾ ڪي نالا اهڙا به آهن جن لاءِ تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته انهن ٻارن لاءِ به ايترو خوبصورت لکيو آهي، جيترو هنن ميچوئر (Mature) پڙهندڙن لاءِ لکيو آهي. ائين هن ڳٽڪي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون دلچسپ ڳالهيون آهن، جيڪي هن مواد کي سهيڙيندي مونکي پهريون دفعو معلوم ٿيون. اهي ڳالهيون اوهان لاءِ يقيناً انڪشاف هونديون، هڪ ٻي ڳالهه هيءَ به ته هيءُ ڪتاب سنڌي ٻاراڻي ادب جي انسائيڪلو پيڊيا طور پڻ ڪتب ايندو، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ٻاراڻي ادب تي شايد ئي ڪو اهڙو ڪتاب هجي، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب جي ايترن شاعرن کي مڪمل بايوڊيٽا ۽ تصويرن سان گڏ سهيڙيو ويو هجي، ان ڪري هيءُ ڪتاب تحقيق ڪندڙن لاءِ به هڪ مضبوط وٿ ثابت ٿيندو.
هيءُ ڪتاب سهيڙيندي مون کي هڪ خوشي اها به ٿي آهي جو اهو ڪتاب ٻاراڻي شاعريءَ جو هڪ تاريخي دستاويز آهي، شروع کان مون کي ٻاراڻي ادب سان بيحد لڳاءُ رهيو آهي ۽ منهنجي دلي منشا هئي ته ٻاراڻي ادب جي معتبر نالن کي هڪ هنڌ سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻيان. ان لاءِ آءٌ هڪ ڊگهي عرصي کان ان ڪم سان لڳل هئس، جتان به جڏهن به جنهن وٽان به مون کي ڪنهن شاعر جو حوالو، بايوڊيٽا يا شاعري ملندي هئي آءٌ هڪدم ان کي پنهنجي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪري وٺندو هئس. ان سموري ڪم ۾ ڪجهه اديب دوستن پڻ منهنجي مدد ڪئي جن ۾ سائين تاج جويو، سائين نصير مرزا، معصوم بخاري، آزاد انور ڪانڌڙو ۽ ٻيا شامل آهن. جن جي ڪري اڄ هيءُ ڪتاب اوهان قدردانن جي هٿن ۾ آهي، ان ۾ منهنجي ڪيترن ئي سالن جي محنت شامل آهي، جنهن ۾ اڳتي هلي توسيع به ڪري سگهجي ٿي، آءٌ هتي سنڌي ادب سان وابسته قلمڪارن کي هڪ گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته ٻاراڻي سنڌي ادب جي تاريخ وارو ميدان سارو خالي پيو آهي. ان ڏس ۾ تمام گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻيا ٻاراڻي ادب جا ليکڪ به اڳتي اچن ۽ ٻاراڻي ادب جي مختلف پاسن کان تحقيق ڪري ان جي جوهر کي ٻارڙن توڙي پڙهندڙن جي سامهون آڻين.اها نه رڳو ٻارن جي گهرج آهي پر اسان جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي لاءِ پڻ ضروري آهي.

حيدرآباد، سنڌ غلام مصطفيٰ سولنگي
پهرين جنوري 2007ع