سنا مڪي
ڏيک
سنا مڪي (عربي: سنا، فارسي: جتي، هندستاني، وغيره: مهار، الوي، بهوين ۽ ترور) مشهور شيءِ آهي، هن جا پن سائي رنگ تي ليار جي پنن وانگر ٿيندا آهن.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/5/57/Senna_macranthera_-_Sao_Paulo_4.jpg/200px-Senna_macranthera_-_Sao_Paulo_4.jpg)
طب
[سنواريو]گهاٽي بلغم، سودا ۽ صفرا جي خلطن جو جلاب آهي. معدي کي طاقت ڏئي ٿو، مرگهي، مٿي جو سور، ماليخوليا، پاسي جي سور، سنڌن جي سور، عرق النسا ۽ قولنج جي مرضن لاءِ مفيد آهي. گهاٽي رت کي صفا ڪري، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. بدن جي خارش لاءِ مجرب آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.