سليمان جبل
سليمان جبل يا سليمان جبل جون قطارون گومل ندي جي ڏکڻ ۾ ھي جابلو سلسلو شروع ٿئي ٿو. ھنن جبلن جي سڀ کان اوچي چوٽي تخت سليمان آھي. جيڪي سمنڊ جي سطح کان 3487 ميٽر بلنديءَ تي آهي. ھن علائقي جو اھم درياء بولان آهي، جيڪو بولان لڪ کان گذري ٿو. بولان ڪوئيٽا شھر کي سبي سان ملائي ٿو. بولان لڪ جي آخري ڇيڙي تي ڪوئيٽا جي اھم ڇانوڻي آهي. ھن علائقي مان ريلوي لائن گذري ٿي. جيڪا ڪوئيٽا کان ٿيندي ايران جي شھر زاھدان وڃي ٿي.