سلاجيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلاجيت(انگريزي: Shilajit)[1] ھڪ گھاٽو چنبڙندڙ ڊامبر جھڙو مادو آھي جنھن جو رنگ اڇي کان تيز ناسي رنگ تائين مختلف ھوندو آھي ۽ زياده تر ھماليہ، قراقرم، ڪوھ قاف، الٽاء، گلگت بلتستان ۽ تبت جي جبلن مان ملندو آھي.[2][3]

سلاجيت ڪاراڻ مائل ناسي رنگ جو سيمو جيڪو الٽاء جبلن جي ترراکڙي پٿرن مان مختلف گھاٽائي وارو مادو ھوندو آھي.


اھو روايتي ھندوستاني طب جي جڙي ٻوٽين واري علاج(انگريزي: Ayurveda) ۽ يوناني طب جي دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي. چيو وڃي ٿو تہ ان مادي ۾ 85 قسمن جون آئئن واری (انگريزي: Ionic) شڪل ۾ معدنيات، ٽراء ٽرپين(انگريزي: triterpenes) ، ھيومڪ تيزاب(انگريزي: humic acid) ۽ فولوڪ تيزاب(انگريزي: fulvic acid) [4][5].

سلاجيت نالو[سنواريو]

انگريزي نالو شيلاجيت اصل ھندي لفظ سلاجيت جي اچار مان نڪتل آهي. ھندي لفظ سنسڪرت جي لفظ سلاجيتو ما آيل آهي[1]. سنسڪرت لفظ سلاجيتو جي معني جابلو ڏامر(انگريزي: Tar). سلا جي معني آھي پٿر جو يا پٿر جي خاصيت وارو ۽ جيتو جي معني آھي کؤنر يا ڪو ڏامر جھڙو مادو.[6]

سلاجيت جي ھڪ گرام جي نزديڪي تصوير

سلاجيت جا ٻيا بہ گھڻا نالا آھن.[7] جيئن انگريزيءَ ۾ منرل پچ يا منرل ويڪس، لاطيني ۾ ڪارو ايسفالٽم ، مقامي نالا شارگئي، دوروبي باراشين، باراگش . فرھنگ جعفري ۾ ان جو فارسي ۾ نالو موميائي سنگ ھندي ۾ ڪمارو ۽ عرق الجبال.فرھنگ جعفري مطابق: سلاجيت ڪاري رنگ تي کستوريءَ جي داڻن وانگر جبل جي کؤنر آهي. نقلي سلاجيت ٻڪر جي رت مان ٺاهيندا آهن[8].

طبي خاصيت[سنواريو]

زهرن لاءِ ترياق آهي، مني گهاٽي ڪري ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو. گهاٽن خلطن کي صفا ڪري ٿو. مثاني جي ڦٽ، پرميل، جلندر، ٻرهل جي سوڄ ۽ معدي مان ڪيڙا ماري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. سرد مزاجن کي موافق اچي ٿو. دق تپ ۽ ڀڳل هڏ کي ڳنڍڻ لاءِ فائدي وارو آهي[8].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Rigpa Wiki
  2. A. Hill, Carol; Forti, Paolo (1997). Cave minerals of the world, Volume 2. National Speleological Society. pp. 217–23. ISBN 978-1-879961-07-4. 
  3. David Winston & Steven Maimes. Adaptogens: Herbs for Strength, Stamina, and Stress Relief, Healing Arts Press, 2007. ISBN 978-1-59477-158-3
  4. Ahmed R. Al-Himaidi, Mohammed Umar (2013). "Safe Use of Salajeet During the Pregnancy of Female Mice". Journal of Biological Sciences 3 (8): 681–684. doi:10.3923/jbs.2003.681.684. http://www.scialert.net/abstract/?doi=jbs.2003.681.684. 
  5. Shibnath Ghosal (January 2009). "Chemistry of shilajit, an immunomodulatory Ayurvedic rasayan". Pure and Applied Chemistry 62 (7): 1285–1288. doi:10.1351/pac199062071285. http://www.degruyter.com/view/j/pac.1990.62.issue-7/pac199062071285/pac199062071285.xml. 
  6. Chicago, The University of; (CRL), Center for Research Libraries. "Digital South Asia Library". dsalsrv02.uchicago.edu. حاصل ڪيل 2017-12-23. 
  7. Winston, David; Maimes, Steven (2007). "Shilajit". Adaptogens: Herbs for Strength, Stamina, and Stress Relief. Inner Traditions / Bear & Company. pp. 201–204. ISBN 978-1-59477-969-5. https://books.google.com/books?id=7ipNZw0RBdgC&pg=PA202&dq=%22Mumijo%22#v=onepage&q=%22Mumijo%22&f=false. Retrieved November 29, 2010. 
  8. 8.0 8.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو