مواد ڏانھن هلو

سقنقور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سقنقور (عربي: اسقنقور، فارسي: درل دريائي، ھندي/اردو وغيره: پاني ڪوٽي، سھمور، بن رهو ۽ ڪشت) هڪ مڇيءَ جو قسم آهي، جيڪو نيل دريا ۾ ٿئي ٿو. رنگ هن جو ڳاڙهاڻ تي مائل ٿيندو آهي. هن جي ماديءَ کي ٻہ فرج ۽ نر کي ٻہ آلتون ٿينديون آهن.

طبي خاصيتون[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دماغ کي، ميل: ماکي، عيوض: ثعلب مصري، وزن: هڪ تولي کان ڏھ تولا.

خاصيت: هن جو گوشت قوت باهه کي وڌائي ٿو، ۽ منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، بدن تي گوشت وڌي ٿو. فالـج، لقوي، سنڌن جي سور، نقرس ۽ عضون جي ڏڪڻيءَ لاءِ موافق آهي. قوت باھ لاءِ خاص طرح تجربي ۾ آيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.