مواد ڏانھن هلو

سفارتي ناچاڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سفارتي ناچاڪي يا ڊپلو مئٽڪ اِل نيس (Diplomatic Illness) ڪنهن خاص قسم جي تقريب ۾ شامل ٿيڻ کان نٽائڻ، مليل دعوت ۾ اچڻ کان لنوائڻ ۽ ڪنهن به سڏايل ميڙ ۾ پنهنجو موقف ڏيڻ کان پاسيرو رهڻ جي شعوري ڪوشش سبب، گهڻو ڪري سفارتڪار پنهنجي ”ناچاڪيءَ ”جو بهانو گهڙي وٺندا آهن. اها حڪمت عملي اختيار ڪندي سفارتڪار پاڻ کي غير ضروري ڏچن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان لاءِ ٻيو اصطلاح ”سفارتي ڪن لاٽار“ (Deafness Diplomatic) به استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن مطابق تجربيڪار سفارتڪار جڏهن ڪنهن به قسم جي معاملي يا ڳالهه کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان بابت تبصري کان پلئه آجو ڪرڻ گهرندا آهن، ته حلقي ۾ موجود هوندي ۽ بيان ٿيل ڳالهه ٻڌندي به نه ٻڌڻ جو تاثر ڏيئي يعني ُٻڌي اَڻ ٻُڌي ڪري جُند ڇڏائيندا آهن.[1]. سفارتي ناچاڪي (Diplomatic Illness) هڪ تسليم ٿيل سفارتي اصطلاح آهي، جيڪو اُن صورتحال لاءِ استعمال ٿئي ٿو جتي سياسي يا سفارتي اڳواڻ ڄاڻي واڻي بيماري يا لاڳاپيل عذر پيش ڪري، تڪراري ڳالهين، ميڙن يا فيصلاڪن ملاقاتن کان پاسو ڪندا آهن. هي اصطلاح صرف مغربي سفارتڪاري تائين محدود نه رهيو آهي، پر ان جا مثال يورپ، روس ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ پڻ ملن ٿا.

سفارتي ناچاڪي جا مثال

[سنواريو]
  • 1926ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو، بوليويا ۽ چلي جي وچ ۾ ناڪام سفارتي ڳالهين کان پوءِ، جنرل جان جي. پرشنگ جي آمريڪا واپسيءَ وقت سندس صحت خراب هئڻ جو ذڪر ڪيو ويو. تنقيد ڪندڙ حلقن ان حالت کي “سفارتي ناچاڪي” (Diplomatic Illness) قرار ڏنو، ڇاڪاڻ⁠تہ هو تڪراري معاملن بابت وڌيڪ وضاحت ڏيڻ کان پاسيرو رهيو.[2].
  • 1948ع ۾ چيڪوسلوواڪيا ۾ ڪميونسٽ اقتدار سنڀالڻ دوران پرڏيهي وزير جان ماسارڪ ڪيترن ئي مغربي سفارتي رابطن کان الڳ ٿي ويو. ان وقت اهو خيال عام ٿيو ته هن “سفارتي ناچاڪي” اختيار ڪئي هئي، ڇاڪاڻ⁠تہ هو ڄاڻي واڻي بين الاقوامي رابطن کان پري رهيو[3].
  • 1995ع ۾ جڏهن بوسنيا ۾ سربي فوجون نيٽو سان ٿيل معاهدي تحت سرائيوو ڀرسان پسپائي اختيار ڪري رهيون هيون، تڏهن راتڪو ملاديچ جي عارضي غير حاضريءَ کي ڪجهه ذريعن “سفارتي ناچاڪي” سان جوڙيو، يعني ڄاڻي واڻي منظرنامي کان غائب رهڻ[4].
  • روس جي اڳوڻي صدر بورس يلٽسن بابت مختلف وقتن تي اهو چيو ويو ته هو “سفارتي ناچاڪي” جو سهارو وٺندو رهيو. اهڙا الزام خاص طور 1994ع ۾ چيچنيا جنگ جي شروعات، 1998ع ۾ آزاد رياستن جي دولتِ مشترڪه (CIS) جي اجلاس، ۽ 1999ع ۾ بيلاروس سان معاهدي جي موقعي تي لڳايا ويا. بهرحال، ڪيترن مؤرخن موجب يلٽسن واقعي گهڻن وقتن تي حقيقي بيمارين ۾ مبتلا رهيو.
  • 2006ع ۾ پولينڊ جي اڳواڻ ليخ ڪاجنسڪي جرمني سان سفارتي اختلافن کان پوءِ ويمار ٽرائنگل اجلاس ۾ شرڪت کان پاسو ڪرڻ لاءِ بيماريءَ جو حوالو ڏنو، جنهن کي مبصرن “سفارتي ناچاڪي” جي هڪ مثال طور ڏٺو[5].

ڏکڻ ايشيا جا مثال

[سنواريو]

ڏکڻ ايشيا جي سفارتي تاريخ ۾ پڻ اهڙا مثال ملن ٿا، جتي اڳواڻن صحت يا عارضي ناچاڪيءَ جو حوالو ڏئي سفارتي دٻاءَ کان پاسو ڪيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾، هندستاني وزيراعظم اندرا گانڌي بابت ڪجهه سفارتي مبصرن لکيو ته هن مخصوص بين الاقوامي ملاقاتن ۽ غير سازگار سفارتي فورمن کان بچڻ لاءِ صحت بابت عذر پيش ڪيا، جنهن کي غير رسمي طور “سفارتي ناچاڪي” جي زمري ۾ رکيو ويو. البت، سرڪاري سطح تي ان کي هميشه ذاتي صحت جو معاملو قرار ڏنو ويو.

حوالا

[سنواريو]