سعي لغت ۾ سعي جي معني آهي چڱي طرح ھلڻ، ڊڪڻ يا ڪوشش ڪرڻ.[1] اصطلاح ۾ سعي مان مراد حج جو اھو عمل آهي جنھن ۾ حرم جي زيارت ڪرڻ وارو صفا ۽ مروہ نالي ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙندو آهي.[1] اڄ ڪلھ انھن ٻنھي ٽڪرين جا معمولي نشان باقي آھن.[1] صفا ۽ مروہ جي وچ ۾ سعي واجب آهي.[1]