سرنھن(وڻ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سرنهن جو وڻ
سرنھن جا ڇوڏا

سرنھن(وڻ)
اڻجانچيل انگ اکر (IUCN 3.1)
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: ٻوٽو
(unranked): اينجيوسپرمس
(unranked): ايوڊيڪاٽس
(unranked): Rosids
ترتيب: Fabales
خاندان: Fabaceae
نسل: Albizia
جنس: A. lebbeck
حياتياتي نالو
Albizia lebbeck
(L.) Benth.
هم معنيٰ

Many, see text

سرِنهِن وڻ مشهور آهي. هي به ٻٻر واري اڪيشيا جي جماعت ۾ داخل ڪيو اٿن. انگريزيءَ ۾ سرِس ٽري چونس ٿا. هندستاني ماڻهو به سرس چونس ٿا. مگر جنهن کي سنڌيءَ ۾ سريس ٿا چون، سو ٻيو وڻ آهي؛ جو جبلن ۾ ٿو ٿئي ۽ اڇي ڪاٺي ٿيندي اٿس، جنهن مان لڪڻ جوڙيندا آهن. ڪي هن وڻ کي آلبزيا جي جماعت ۾ داخل ڪن ٿا. هن جا گل وڏا ڦندڻ جهڙا ساوا پيلا ٿيندا آهن. خوشبوءِ به اهڙي اٿن جو آسپاس کي واسي ڇڏيندا آهن. ڦريون به ٿينديون اٿن، جن ۾ ٻج رهندو آهي. القاهره ۾ هي وڻ تمام گهڻا ٿا ٿين.[1]هي وڻ ٿر ۾ عام نه آهي، پر شهرن ۾ جيئن ته ڇاڇري، چيلهار ۽ مٺيءَ ۾ ڪي وڻ آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، پن ڪنڊي جي پنن جهڙا، ڇر وڏا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن، جنهنڪري ڇانوَ لاءِ سٺو آهي. هن جو قلم لڳندو آهي، تنهنڪري ماڻهو پنهنجن گهرن، کوهن ۽ وٿاڻن تي پوکيندا آهن. اُن ۾ ڪمان وانگر ٿورو وريل چپٿريون ڦريون ٿينديون آهن، جي پچڻ بعد پيلي رنگ جون ٿينديون آهن، منجهن داڻا ٿيندا آهن[2].

طب[سنواريو]

سرنھن جي وڻ کي عربي ۾ سلطان الاشجار، فارسي ۾ درخت ذڪريا، هندي ۾ سرس ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ ڊاڙي گڊ، اسرس ۽ سرسيون چوندا آھن. طب ۾ ان جو اثر سرد خشڪ آھي ھي وڏو وڻ ٿئي ٿو، جنهن جا پن گدامڙيءَ جي پنن جي نموني تي، پر اُنهيءَ کان ڪجهه وڏا ۽ ويڪرا ٿين ٿا. هنن جو گل اڇو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو. هن ۾ ڦريون ٿينديون آهن. هن جا پن ۽ ڇوڏا ڪاڙهي گرڙيون ڪرائجن ته ڏندن جي سور کي لاهي، ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿا.هن جي گلن جو عرق دماغ کي خوش ڪري ٿو، رت چڱو پيدا ڪري ٿو، معدي جي ڪيڙن کي مارڻ، ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائڻ لاءِ مفيد آهي. هن گل جي سنگهڻ سان مٿي جي سور کي فائدو ٿيندو. هن جو ٻج ڪٽي مٿي جي سور، نزلي ۽ زڪام لاءِ ناس ڪرائجي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب فرھنگ جعفري ؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو