سرنهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بنگلاديشي سرنھن جا ٻوٽا

سرنهن (Mustard) هڪ زرعي طور پوکيو ويندڙ ٻوٽي جو نالو آهي. هن جا گل ننڍا ۽ ڦڪي رنگ جا هوندا آهن. سرنهن چاري جي لاء پوکي ويندي آهي. هن جي پنن ۽ ڳنرن مان ساڳ پچايو ويندو آهي. سرنهن جي ٻج مان تيل ڪڍيو ويندو آهي، جيڪو جسم تي هڻڻ، کاڌي پچائڻ ۽ مشينن ۾ استعمال ٿيندو آهي.

سرنهن کي آڪٽوبر ۾ پوکيو ويندو آهي. فيبروري جي مهيني ۾ هن جا گل اچڻ بسنت جي علامت آهي. ان جي ڪري هر طرف ڦڪو ۽ سائو رنگ نظر ايندو آهي.