سرمائيداري نظام ۽ معاشي گهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

دنيا هن وقت وڏي مالياتي گهوٽالي جو شڪار آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ سرمائيداريءَ جو عروج آهي، سرمائيداري سماج جڏهن گهڻو مضبوط ٿي ويندو آهي ته ان ۾ سوين بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿينديون آهن، جنھن ۾ سماج مالياتي بحران کان وٺي ثقافتي، اخلاقي، سماجي توڙي قومي حوالي سان ڦاسي پوندو آهي، هونئن ته جاگيرداري سماج جي ڀيٽ ۾ سرمائيداري سماج پنھنجي جوهر ۾ وڌيڪ ترقي پسند آهي، ڇاڪاڻ ته جاگيرداري سماج ۾ مرڪزيت (Centralization) قومي منڊي نه هئڻ سبب نه ٺهي سگهندي آهي ۽ سماج کي گڏ ٿيڻ جو وجهه نه ملندو آهي. پر جڏهن سماج جاگيرداريءَ مان سرمائيداري ۾ داخل ٿيندو آهي ته ان جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي، قومي منڊي ٺهڻ سان ماڻهوءَ جي وچ ۾ گڏيل سوچ (Collective Thinking) پڻ جنم وٺندي آهي، ماڻهوءَ جا پيداواري ذريعا، پيداوري اوزار توڙي پيداواري رشتا به تبديل ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جاگيرداري سماج پنھنجي جياپي خاطر سرمائيداري سان ٽڪراءِ جي شڪل پڻ اختيار ڪندو آهي. پر جاگيرداري پنھنجي جوهر ۾ سرمائيداري سان ٽڪر جي حالت ۾ جاگيرداري جي شڪست لازمي امر بڻجي ويندي آهي. پر جڏهن سرمائيداري سماج ۾ انسان داخل ٿيندو آهي ته ان کان به اڳتي وڃڻ لاءِ انسان جي اندر بي چيني پيدا ٿيندي آهي. سرمائيداري نظام جو بنياد صنعتي پيداوار ۽ ان جي کپت ۽ ورهاست تي مشتمل هوندو آهي، جنھن مان سرمائيدار دولت ميڙيندا رهندا آهن ۽ نتيجي ۾ دولت ڪجهه هٿن ۾ گڏ ٿيندي ويندي آهي. سرمائيداري نظام جي هلندڙ ٽرڪل ڊائون معيشت جو هي فارمولو آهي ته پورهيت طبقو ايترو ته گهڻو ڪمائي جو سرمائيدارن جون تجوڙيون ڀرجي وڃن ۽ ڇلڪي پون جو اهي بچيل پئسا پورهيت طبقي کي ملندا، نتيجي طور تي پورهيت طبقو غربت جي هيٺين لڪير کان به گذري ويندو ۽ امير کان امير ترين ٿيندو ويندو آهي، آخرڪار بحران جنم وٺندا آهن، جنھن جي خطرناڪ شڪل 18 آڪٽوبر 2008ع تي سڄي دنيا ڏسي چڪي آهي.

هي پھريون دفعو ناهي جو دنيا مالياتي بحران جي ور چڙهي آهي، پر ان کان اڳ به 1929ع ۾ وڏو بحران (Great Depression) آئي هئي. فرق ڇا هو جو شيون تڏهن سستيون هيون. پر انھن کي ڪو خريد ڪرڻ وارو ڪونه هو. ڇو ته ان وقت عوام وٽ ايترو به پئسو ڪو نه هو، هاڻي ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب واڌو پيداوار جي ڪارڻ شيون تمام گهڻيون ٿي ويون آهن پر ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي ويئي آهي. ماڻهن ۾ قوت خريد پيدا ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جو وسيلو پيدا ڪيو ويو، يعني سرمائيداري هڪ بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ سؤ ٻين بحرانن کي جنم ڏيندي آهي، قرض ڏيڻ واري روايت کي عام ماڻهن جي ضرورت بڻايو ويو آهي. خود آمريڪا جي اندر کپت جو اڀار (Consumer Boom) اوڌر (Credit) وسيلي پيدا ڪيو ويو آهي، قرضن ۾ مختلف ڪيٽيگريز ٺاهيون ويون آهن. جنھن ۾ پھريائين وڏي اهميت وارا ڪسٽمر (Prince Customer) جن کي قرض وٺڻ ۽ واپس ڪرڻ جي تمام سگهه موجود هوندي آهي. جڏهن ته ٻيا (Sub Prince Customers) گهٽ اهميت وارا ڪسٽمر جن کي قرض واپس ڪرڻ جي سگهه مڙيو ئي گهٽ هوندي آهي. قرض واپس نه ڪرڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي، ان جي وياج جو اگهه وڌيڪ هوندو آهي، نتيجي ۾ قرض وسيلي عوامي ۾ قوت خريد ته پيدا ڪئي ويندي آهي پر اها به گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي آهي. [1]

حوالا[سنواريو]