سرمائيدارانہ نظام
سرمائيدارانہ نظام (Capital System) پيداواري تعلقات جو بنياد هي آهي تہ سرمائيدار، پيداواري ذريعن جو مالڪ ٿئي ٿو، پر مزدور سندن ملڪيت ۾ نٿا ٿين. سرمائيدار، مزدورن کي غلامن وانگر نہ ڪو خريد ۽ نہ ئي وڪرو ڪري سگهي ٿو ۽ نہ ئي انهن کي قتل ڪرڻ جو ان کي حق آهي، انڪري مزدؤر ذاتي طور تي آزاد آهي، پر جيئن تہ هن وٽ پيداواري ذريعا نٿا ٿين. ان ڪري بکيو مرڻ کان بچڻ لاءِ پنھنجي ڪم جي طاقت سرمائيدار وٽ وڪڻي ٿو. پيداواري ذريعن تي سرمائيدار جي قبضي سان گڏ جاگيري نظام ٽٽڻ لڳي ٿو ۽ زمين، هارين جي ملڪيت بڻجيو وڃي ۽ دستڪار، جاگيري جبر کان آزاد ٿي آزادانہ طور ڪم ڪن ٿا. پر هي سرمائيداريءَ جي شروعاتي دؤر ۾ ٿيو، پر اڄڪلهہ ان جو ڪارج ئي بدلجي ويو آهي. هي موضوع پڻ سنڌي ترقي پسند ادب جو خاص موضوع رهيو آهي.[1]
سرمائيداريت (Capitalism) اهڙو معاشرتي ۽ معاشي نظام (Socio – economic system) جيڪو جاگيرداريءَ (Feudalism) يا اُن جي رد عمل کان پوءِ وجود ۾ آيو. هي نظام آيو تہ جاگيرداري نظام جي ضد ۾ هو ۽ پنھنجي دور ۾ ترقي پسند بہ هو، پر بعد ۾ گهڻي منافعي جي چڪر ۾ پورهيتن جو استحصال ٿيڻ لڳو. هن نظام طبقاتي فرق کي جنم ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪميونزم جنم ورتو. سرمائيداري نظام ۾ هڪ خاص سرمائيدار طبقو، استحصالي ٿي پوندو آهي. سنڌي ترقي پسند ادب ۾ سرمائيداريت خاص موضوع رهيو آهي. سنڌي اديبن پنھنجي ادب ۾ هن نظام جي سخت مخالفت ڪئي آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.