سدا ڦل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
A periwinkle flower

سدا ڦُل، هن کي فارسيءَ توڙي هندستاني ۾ گل فرنگ چون ٿا. انگريزي نالو پيري وِنڪل اٿس. اولڊميڊ (يعني ڪراڙي زال) بہ چونس ٿا. ڪتابي نالو اٿس وهنڪا. هي ننڍڙو ٻن فوٽن جيڏو وڻ ٿئي ٿو. گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي، جي هميشھ ٿيندا اٿس. ٻج جهليندو آهي، جو پوکڻ ۾ ايندو آهي. هن جا پيوند به لڳندا آهن. هن جا ٻه ٽي قسم آهن. هڪڙو ته بلڪل اڇا گل ڪندو آهي. ٻيو نيلا گل ڪندو آهي. هي ولايتي آهي، مارچ ۽ فيبروريءَ ۾ گل جهليندو آهي. بعضي بعضي هن کي انگريز ماڻهو گريو يارڊ فلائوئر (يعني قبرستان جو گل به چوندا آهن.).[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.