سجاد ظهير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سجاد ظهير: جنم 18 آگسٽ 1983ع

سجاد ظهير سولنگي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ نوجوان مارڪسي ليکڪ ۽ سوشلسٽ سياسي ڪارڪن آهي. سندس جنم 18 آگسٽ 1983ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر موري ۾ اديب ۽ ترقي پسند دانشور ڊاڪٽر سليمان سولنگي جي گھر ۾ ٿيو. سجاد ظهير پنهنجي شروعاتي تعليم موري شهر جي مشهور گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز ڊي سي هاءِ اسڪول موري مان ڪيائين. ۽ انٽرميڊئٽ گورنميٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج موري مان ڪيائين. ان کان پوءِ گريجوئيشن شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سجاد ظهير سياست جي شروعات ننڍپڻ ۾ ساٿي ٻارڙا سنگت موري مان ڪئي. جتي پرائمري توڙي هاءِ اسڪول جي تعليم دوران هن تنظيم جي پليٽ فارم ٻارڙن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ عملي توڙي علمي جدوجهد ڪندو رهيو. سجاد ظهير پاڪستان 1996ع ۾ جدوجهد انقلابي تحريڪ جوائن ڪئي. هي تنظيم پاڪستان جي مختلف کاٻي ڌر جي ڪارڪنن جوڙي هئي، جنهن جو مرڪز لاهور هو. اڳتي هلي هي تنظيم ليبر پارٽي پاڪستان ۾ ضم ٿي وئي. سجاد ظهير 2000ع ۾ هن تنظيم جي پهرين ضلعي ڪانگريس جي موقعي تي ضلعي نوشهري فيروز جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ليبر پارٽي پاڪستان جي پهرين مرڪزي ڪانگريس ۾ ملڪي سطح تي نيشنل ڪميٽي جو رڪن چونڊيو ويو. سجاد ظهير کاٻي ڌر جي سياسي پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ننڍي عمر رکندڙ ميمبر آهي. پنهنجي سياسي ڪيريئر دؤران سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن جي دؤرا ڪيا. ۽ ننڍي عمر ۾ ليبر پارٽي ترجمان رسالي ماهوار مزدور جدوجهد جو مستقل ليکڪ بڻيو. هن سنڌ جي مختلف سياسي سماجي اشوز تي مضمون لکيا. هن مارڪس ازم، فلسفي، تاريخ، ادب ۽ سماجيات جي مختلف پهلن تي مطالعو ڪيو ۽ مضمون لکيائين جي سنڌي توڙي اردو جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. 2001ع ۾ سجاد ظهير تعليم سان گهرو لڳاؤ هجڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو. جتي ڪراچي يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر مان ايم اي جي ڊگري حاصل ڪيائن. يونيورسٽي ۾ تعليم دؤران هن مختلف سياسي سماجي علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتو. ڪراچي ۾ رهڻ دؤران هن عالمي سطح جي علمي، ادبي، سائنسي، سماجي ۽ سياسي ميڙاڪن توڙي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. ڪراچي توڙي پاڪستان جي ترقي پسند حلقي ۾ ليکڪ طور سڃاڻپ پيدا ڪيائين. اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. ۽ ترقي پسند فڪر سان گڏ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف کاٻي ڌر توڙي قومپرست نوجوان توڙي شاگردن جي علمي ادبي ۽ سياسي تربيت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اُن سان مارڪسي فلسفي تي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکي رهيو آهي.