ساگر ڏهراج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ساگر ڏهراج شاعر ۽ اديب, جو اصل نالو نبي بخش ولد لونگ خان ڏهراج آهي. هن جو جنم ٽنڊي آدم شهر ۾ 3 آگسٽ 1962ع تي ٿيو.

تعليم[سنواريو]

ابتدائي پنج درجا گورنمينٽ سنڌي (مئن) پرائمري اسڪول ٽنڊي آدم مان پڙهي، مئٽرڪ 1977ع ۾ گورنمينٽ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم مان ڪيائين. گرئجوئيشن نيو عليڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم مان ڪري، ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس ۾) 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين.

ادبي لاڙو[سنواريو]

ساگر ڏهراج کي ابتدا کان وٺي لکڻ پڙهڻ ۽ ادبي ڪتابن سان دلچسپي رهي آهي. هو فڪري طرح شاهه لطيف ۽ جي. ايم. سيد کان متاثر رهيو آهي. هن 1975ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اڄ تائين قومي تحريڪ سان لاڳاپيل آهي. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي آدم سان 1980ع واري ڏهاڪي ۾ وابسته ٿيو. ان ڏس ۾ پروفيسر سيد محسن علي شاهه بخاري، عبدالله خان ورياهه، ڪامريڊ حبيب الله ملوڪاڻي ۽ ٻيا سندس ساٿي رهيا.

ڪهاڻيون[سنواريو]

هن ويهارو کن ڪهاڻيون لکيون آهن، سندس ڪهاڻي ’ناچڻيءَ‘ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس ڪالم، مضمون ۽ ڊائريءَ جا ورق مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ادبي کيتر ۾ هن ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايا آهن. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي آدم جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي.

خدمتون[سنواريو]

ادبي ميدان ۾ ناليواري ليکڪ ڪئپٽن ڊاڪٽر عاشق حسين احمداڻي (ڊاڪٽر عاشق البدوي) سان گڏجي ٽنڊي آدم ۾ ’پدم پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌائين ۽ ان اداري پاران ٻه ڪتاب:

  • (1) ’دنيا جون چونڊ شاهڪار ڪهاڻيون‘ (مترجم ڊاڪٽر عاشق البدوي) 1980ع
  • (2) ٻيو ڪتاب ’چمڙي جون بيماريون‘ (جلد پهريون) 1980ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين.

ان دوران ادبي دوستن سان گڏجي ’سانگيئڙا پبليڪيشن‘ ۽ ڪنول پبليڪيشن ٽنڊي آدم جو باني ميمبر رهيو آهي، جن ادارن پاران ڪيترا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. ساگر ڏهراج، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي آدم جي ’سڏ‘ پرچي جو بانيڪار، استاد منظور علي خان يادگار اڪيڊمي ٽنڊي آدم جو ميمبر ۽ شيخ اياز مزار ڪميٽيءَ جو سيٺ گاگنداس ڀٽ شاهه واري سان گڏ ميمبر آهي ۽ هر سال شيخ اياز جي ورسيءَ جي موقعي تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ سهڪاري رهندو آهي. سماجي حوالي سان ’سنڌ فورم‘ اداري سان وابسته آهي، جنهن طرفان سماجي ڪمن ۽ ثقافتي ڪمن ۾ هميشه اڳڀرو رهيو آهي. ’سوشل واچ ۽ ويلفيئر ڊيولپمينٽ‘ ٽنڊي آدم جو شريڪ باني آهي، جيڪا تنظيم سماجي ڪمن سان گڏ تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪري ٿي. خاص ڪري جن اسڪولن ۾ سنڌي نه ٿي پڙهائي وڃي، اُتي والدين ۽ شهرين جا وفد وٺي سنڌي پڙهائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندو رهندو آهي. هن قومي دانشور عبدالواحد آريسر جي جيل ڊائري ’اسان جيئن جيئي ڪو‘ نالي سان 1998ع ۾ ’ڀٽائي ڪميونيڪيشن ٽنڊي آدم‘ پاران ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي.

موجوده وقت[سنواريو]

ساگر ڏهراج ادبي ميدان جو اڻٿڪ ڪارڪن آهي. ايف. ايم 91 ٽنڊي آدم تان ادبي پروگرام پيش ڪندو آهي، گڏوگڏ نيوز ڪاسٽر جا فرض پڻ سرانجام ڏئي رهيو آهي.