ساڍر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڍوري ناري ويجھو ڳوٺ ساڍر (Ggothh Saadhhar) ضلعي عمرڪوٽ جي ست هزار جي آبادي وارو هڪ ڳوٺ آهي. هي ڳوٺ ماضي ۾ تعليم جي حوالي سان ايترو ته ناميارو رهيو آهي جو هتان جي کٿاب خاني مان پڙهي نڪتل شاگرد اڄ زندگي جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هن ڳوٺ جي تعليم سان گڏ و گڏ سخاوت به مثالي رهي آهي، اتر سنڌ، پنجاب ۽ سرحد جي علائقن مان ڪمائي لاء نڪتل غريب مزدور سڄو ڏينهن مزوري ڪرڻ بعد کاڌي پيتي ۽ رهائش جو خرچ بچائڻ لاء ڳوٺ ساڍر جو رخ ڪندا هئا تن جي رات جي ماني ۽ ناشتي سان گڏ و گڏ عيد برات تي ڪپڙي لٽي ۽ خرچي سان مدد ڪئي ويندي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ ايڪسپريس سنڊي ميگزين، 17 جُون 2018ع، ليکڪ؛ اياز آريسر