سانچو:Collapse top
پکڙيل مواد |
---|
چوندا آهن هڪ خاندان ۾ چيني جو هڪ قيمتي ۽ قديمي گلدان هوندو هيو۔ هڪ لا ابالي نوجوانَ ڪراڙي جد کان ان جي اهميت جي باري ۾ پڇيو، جواب مليو ته هو نسلن کان خاندان ۾ سڀ کان قيمتي ورثي جي حيثيت سان محفوظ هلي رهيو آهي ۽ خاندان جي هر فرد ۽ نسل جو فرض آهي ته ان جي حفاظت ڪري۔ نوجوانَ چيو، هاڻي ان جي حفاظت جو تردد ختم ٿيو ڇاڪاڻ چيني جو هي گلدان موجوده نسل جا هٿان ترڪي فرش تي ڪريو ۽ چڪنا چور ٿي ويو۔ ڪراڙي چيو، حفاظت جو تردد ختم ٿيو ندامت جو دور ڪڏهن ختم نه ٿيندو. پنهنجي وسيع تر مفهوم ۾ هر اها تحرير جيڪا ڪنهن شڪل ۾ محفوظ ڪئي وئي هجي ڪتاب چورائيندي آهي۔ ڄڻ مٽي جون تختيون، پيپرس جا رول، ۽ هڏيون جن تي تحرير محفوظ آهي ڪتاب آهي؛ هي چمڙي يا جهلي تي به ٿي سگهي ٿي ۽ ڪاغذ تي به۔ ڪتاب لکيا ۽ ڇاپيا ويا ڪاغذن جي مجموعي کي چوندا آهن ، جن جي جلد بندي ڪئي وئي گجي ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ جي لاء جلد موجود هجي۔ ان قوم کي علم و حڪمت جو ڇا قدر جيڪا مهنگو جوتو وٺڻ ۾ فخر ۽ سستي ڪتاب وٺڻ ۾ دقت محسوس ڪري۔اهو ڇو نه سمجهيو وڃي ته قوم کي ڪتابن کان وڌيڪ جوتن جي ضرورت آهي۔ ( امر جلیل ) |
توثيق