سانئين جو ڀت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


سانئين جو ڀت:

چانور به چانور آهن، پر سچ ته سانئين جي ڀت سان لڳئين ڪونه! چانورن جي کيرڻيءَ کان وڌيڪ شانائتو ۽ سٺو ٿئي. هي کاڄ به ٻهراڙيءَ جي ڏوٿين ۾ عام آهي. زالون ڇا ڪنديون آهن جو سانئين کي ڏري پوءِ ڇنڊينديون آهن. ڇنڊي تُهه ڪڍي صفا ڪري، چانورن وانگر ڌوئي، گهڙي کن پسائي رکنديون آهن. پوءِ ڇا ڪنديون آهن جو ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي، کڻي رکنديون ٽهڪائڻ لاءِ چلهه تي. جڏهن پاڻي ٽهڪي رهندو، تڏهن اهو پسايل سانئون ٿورو ٿورو ڪري انهيءَ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجهنديون به وينديون ۽ زورائتي ڏوئي به هڻنديون وينديون. جڏهن سانئون گهاٽو ٿي تيار ٿيڻ تي ايندو،تڏهن منجهس قدر آهرگيهه ۽ کنڊ وجهي، هلائي هلائي لاهي کڻي رکنديون اٿس هيٺ. پوءِ ٺڪرن جي پاٽين ۾ وڌائي رکنديون ٺرڻون. پوءِ اهو سانئين جو ڀت جهڙو ٺهي کير سان، تهڙو ڌونري سان. ڏاڍي مزي ۽ چاهه سان کائينس. جي پاروٿو ڪري صبح جو کائينس ته اڃا به سٺو ٿيو پوي. رات جو ٺريو ڄميو ٽِڪي ٿيو پوي. ائين ڪِرنگهه ۽ چيڻي جو ڀت به رڌيندا آهن، پر ڪِرنگهه ۽ چيڻو ڇڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ٿيندا آهن. مُهريءَ جو ڌڪ لڳو ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا، پر سنڌ جون زالون به ٿين ڏاهيون، سو ڇا ڪن جو اُکريءَ ۾ تُهه وجهيو ڇڏين،. تهن جي ڪري چيڻو يا ڪرنگهه اڏامڻ کان بچيو وڃي، وري ڇنڊن مهل تاريو پوءِ ڪڍيو ڇڏين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 4.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}