سافٽ ڪرنسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گهٽجندڙ ملهہ وارو پئسو يا سافٽ ڪرنسي (Soft currency) ڪنھن بہ ملڪ جو اهڙو سڪو، جنھن جو مُلهہ هر هر يا وري وري گهٽجندو رهي يا ڪمي اچڻ ڪري يا سياسي ۽ معاشي پاليسن ڪارڻ اڻ جٽادار ٿي پوي ۽ کُليل پِڙيءَ ۾ ان جي مٽا سٽا ڏکيائيءَ سان ٿي سگهي. سافٽ ڪرنسيءَ وارن ملڪن جي ’ادائيگي جي توازن‘ ۾ گهوٽالن اچڻ سبب سندن معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳن ٿا ۽ بين الاقوامي واپاري حلقا ان ڪرنسيءَ ۾ ڏيتي ليتي ڪرڻ يا سيڙپ ڪرڻ کان ڪَنُ هڻن ٿا اُسرندڙ ملڪن ۾ سياسي گهوٽالا ۽ بي چيني هئڻ سبب انهن ملڪن جا اڪثر سڪا اهڙي ’ڪمزوريءَ واري صورتحال‘ ۾ رهن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]