ساسندرہ
ساسندرہ | |
|---|---|
شھر | |
| جاگرافي بيهڪ: 4°57′N 6°5′W / 4.950°N 6.083°W | |
| ملڪ | |
| ضلعو | باس ساسندرہ ضلعو |
| ريجن | گبوڪلي |
| ڊپارٽمينٽ | ساسندرہ ڊپارٽمينٽ |
ساسندرہ(انگريزي: Sassandra) آئيوري ڪوسٽ جو ھڪ شھر جيڪو باس ساسندرہ ضلعي ۽ گبوڪلي ريجن ۾ واقع آهي. اھو ساڳي وقت ڊپارٽمينٽ ۽ ڪميون پڻ آهي. ھي شھر گھانا واري نار جي ڪناري تي واقع آهي جتي ساسندرہ ندي ان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. ھن شھر جو بنياد پورچوگيزين سانتو آندري جي نالي سان وڌو هو، بعد م اھو برطانيا جي اختيار ھيٺ آيو ۽ پوء ان تي فرانس جو قبضو ٿيو جنھن کي عمارتي ڪاٺ جي واپار لاء بندرگاھ طور استعمال ڪيو ويو. 1960واري ڏھاڪي ۾ سان پيڊرو جي بندرگاھ ٺھي شروع ٿيڻ بعد ھن شھر جي اھميت گھٽ ٿي وئي. ھاڻي ھن شھر جي اھم صنعت ماھيگيري (fishing) آھي. ھي شھر پنھنجي سامونڊي ڪنارن ۽ لائيٽ هائوس جي ڪري مشھور آھي. ھتي ايئرپورٽ پڻ واقع آهي. 2014 ۾ ھن شھر جي آبادي 72,221 ھئي[2]. شھر جي پسگردائيءَ واري سب پريفيڪچر ۾ 38 ڳوٺ واقع آھن جن ۾ ايروڪپا، باسا، برودجي، ڊابيدا، گئپي، گرينڊ ڊريون، ڪڊروڪپا، نئيزيڪو، گلوپلئو، لوسان ڪوئاميڪرو، نيئابابلي پڪ، پائولي بروئسي ۽ سيالوئڪرو شامل آھن.
آبھوا
[سنواريو]| موسمي رڪارڊ : ساسندرہ(1961–1990) | |||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| مھينو | جنور: | فبرو: | مارچ | اپريل | مئي | جون | جولاء | آگسٽ | سيپ: | آڪٽو: | نومبر | ڊسمبر | سال |
| اوچي پد جي سراسري°C (°F) |
30.1 (86.2) |
30.1 (86.2) |
31.0 (87.8) |
30.9 (87.6) |
29.8 (85.6) |
27.9 (82.2) |
27.1 (80.8) |
26.5 (79.7) |
27.5 (81.5) |
28.5 (83.3) |
29.6 (85.3) |
29.5 (85.1) |
29.0 (84.2) |
| روزاني سراسري°C (°F) | 26.1 (79) |
26.9 (80.4) |
27.0 (80.6) |
26.5 (79.7) |
26.5 (79.7) |
25.4 (77.7) |
24.5 (76.1) |
24.2 (75.6) |
24.6 (76.3) |
25.5 (77.9) |
26.2 (79.2) |
26.1 (79) |
25.8 (78.4) |
| گھٽ پد جي سراسري°C (°F) |
22.3 (72.1) |
23.0 (73.4) |
23.2 (73.8) |
23.4 (74.1) |
23.1 (73.6) |
22.0 (71.6) |
22.7 (72.9) |
22.0 (71.6) |
22.0 (71.6) |
22.4 (72.3) |
22.8 (73) |
22.6 (72.7) |
22.6 (72.7) |
| سراسري بارش
mm (inches) |
15.8 (0.622) |
35.7 (1.406) |
52.6 (2.071) |
96.9 (3.815) |
235.1 (9.256) |
529.1 (20.831) |
191.4 (7.535) |
32.1 (1.264) |
43.6 (1.717) |
84.5 (3.327) |
119.6 (4.709) |
72.8 (2.866) |
1,509.2 (59.417) |
| اس جي ماھوار وقت جي سراسري |
208.3 | 192.4 | 211.4 | 218.3 | 182.5 | 112.1 | 128.8 | 123.8 | 154.4 | 216.0 | 224.2 | 206.2 | 2,178.4 |
| Source: NOAA[3] | |||||||||||||
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- [https://sites.google.com/site/نيئو[مئل ڳنڍڻو] پراجيڪٽ: نيئو ماڻھڻ جي ثقافت ۽ ٻولي جو سھڪاري پراجيڪٽ، ساسندرہ، آئيوري ڪوسٽ مان
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Côte d'Ivoire", geohive.com, اصل کان 24 November 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 7 December 2015۔
- ↑ "RGPH 2014, Répertoire des localités, Région Gbôklé", ins.ci, حاصل ڪيل 5 August 2019۔
- ↑ "Sassandra–Aero Climate Normals 1961–1990", National Oceanic and Atmospheric Administration, حاصل ڪيل 21 ڊسمبر 2015۔
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- آئيوري ڪوسٽ
- آئيوري ڪوسٽ جا شهر