ساريس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيرس (انگريزي ٻولي: Sirius) هڪ وڏي چمڪندڙ تاري جو نالو، قلب الجباد

ساريس
ساريس

رات جي پھر ۾ زميني مٿاڇري ڏا اوهانکي ڪروڙين روشن تارا نظر ايندا آهن جيڪي اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان جو حصو آهن انھن مان ڪجهه هلڪا روشن ۽ ڪجهه وري گھڻا روشن ڏيکاربا آهن هوئين تہ تارن منجھان سڀ کان زمين جي ويجھو سج آهي جيڪو چٽو نظر ايندو آهي پر اسان کي جيڪو ٻيو روشن تارو ڏسڻ لاءِ ملندو آهي اهو ”سيرس Sirius“ نالي جهرمٽ يعني ٽي تارا آهن.

سيرس بابت مشھور آھي تہ قديم مصر جا ماڻھو انکي (سوپڊٽ Sopdet) نالي ديوي يعني سيرس تاري جي ديوي طور پوجا ڪندا هئا. سيرس تارا زمين کان اٺ ڏهائي ست نوري سال جي پنڌ تي موجود آهن جيڪي تقريبن سو کرب ميل جو پنڌ ٿي ٿو، يعني  ايڪانوي لک سٺ هزار ڪروڙ ميل آهي هاڻ تائين جديد ترز رفتار خلائي گاڏي اسپيس شٽل تي جيڪڏهن ان تاري ڏا اڏام ڀرجي تہ گھٽ ۾ گھٽ ٽي صديون لڳنديون جيڪڏهن ان گاڏي جي رفتار سٺ هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪجي تہ تڏهن وڃي زمين کان گھڻو روشن ڏسجندڙ تاري سيرس تائين پهچنداسين هاڻوڪي خلائي گاڏين جي رفتار گولي جي رفتار کان ڏهوڻ وڌيڪ هجي ٿي، سٺ هزاز ڪلوميٽر في ڪلاڪ

جيڪو سندرتا ڏيک ٻين تارن کي بہ ظاهر ڪندو آهي

اها ڳالھ تہ سڀني کي خبر آهي تہ روشني پد جي سبب ئي هوندي آهي ۽ جتي گھڻي ڀاڳي روشني هوندي اتي پد بہ انھي ڀاڳي وڌيڪ هوندو اهو تارو اسانجي سج کان ٻيڻ وڌيڪ پد جو مالڪ آهي،

سج پنج هزار پنج سئو ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي. جڏهن تہ سيرس تارو نو ھزار ڇھ سئو ڇاهٺ ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي،

جيڪڏهن ڊائي ميٽر سان ڏٺو وڃي تہ سج چوڏهن لک ڪلوميٽر جڏهن تہ سيرس ويھ لک ڪلوميٽر خلائي جڳھ کي وڪوڙيل آهي

جيڪڏهن اسان انکي خالي اکين سان ڏسنداسين تہ هي وڏو تارو هڪڙو روشن تارو ڏيکاربو آهي پر اهو هڪ تارو ناهي بلڪ ٽن تارن جو هڪ سسٽم آهي، جنھن ۾”سيرس اي، سيرس بي، سيرس سي موجود آهن. ٻيا تارا ننڍا آهن جيڪي زمين کان طاقتور دوربين وسيلي ڏسجي سگھجن ٿا جن کي اڇو بونا تارا بہ چيو ويندو آهي.


حوالا[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]