سائٽولاجي
ڏيک

علم خليات (Cytology) يا جيو گھرڙن جو علم، لفظ سائٽولاجي ٻن يوناني لفظن مان ٺھيل آھي؛ سائيٽو : جيو گھرڙو يا cell؛ لاگيا: علم. لفظ سائيٽون وري لفظ ڪائٽوس مان نڪتل آھي جنھن جي معني آهي خالي يا کوکلو يا hollow.[1] سائيٽولاجي حياتياتي سائنس جي ھڪ شاخ آھي جيڪا جيو گھرڙي جي بناوٽ، ڪم ۽ ان جي ڪيميا بابت ڄاڻ ڏئي ٿي.انگريز سائنسدان رابرٽ ھوڪ__(Robort Hooke)(1635_1703) کي سائيٽولاجي جو ابو چوندا آھن.[2]