سائي چانھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

سانچو:Automatic taxobox سائي چانھ I(Lemon-grass) هڪڙو گاھ آهي جو اڪثر باغن ۾ هڻندا آهن. هتي عام آهي. هن جي پنن ۾ هڪڙي چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جنهن ڪري اهي چانهه ۾ يا ٻين کاڌي جي شين ۾ وجهندا آهن. هندستاني مالهي انهيءَ کي اگهياگهاس ۽ انگريزيءَ ۾ ليمن گراس (يعني ليمي جو گاهه) چون ٿا. هن جو هڪڙو قسم آهي جنهن کي رانسا گراس چون ٿا، اهو دکن جي ٽَڪرن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.پن اهڙا خوشبودار اٿس، جو انهن مان هڪڙو سرهو تيل ڪڍندا آهن، جو وائي سور جي لاءِ چڱو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو