سائي جو عالمي ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سائي جو عالمي ڏينهن

سائي جي عالمي ڏينهن جو نشان
تاريخ 28 جولاءِ
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر ساليانو

سائي جو عالمي ڏينهن (انگريزي: World Hepatitis Day)، [1] هر سال 28 جُولاءِ تي ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ سائي متعلق ڄاڻ اجاڳر ڪرڻ آهي. هن بيماري ۾ ڪروڙين ماڻهو مبتلا آهن ۽ هر سال لڳ ڀڳ 14 لک ماڻهو سائي سبب فوت ٿين ٿا.[2]

دنيا ۾ بيمارين متعلق ملهايا ويندڙ 8 ڏينهن مان هي ڏينهن هڪ آهي، هن سان گڏ عالمي صحت تنظيم (انگريزي ٻولي: World Health Organization) پاران صحت جو عالمي ڏينهن، رت ڏيڻ جو عالمي ڏينهن، منشيات خلاف عالمي ڏينهن، عالمي مليريا ڏينهن ۽ عالمي ايڊز ڏينهن شامل آهن.[3]

پسمنظر[سنواريو]

سائي خلاف ڪم ڪندڙ گروه، ۽ مريض هر سال هي ڏينهن 28 جُولاءِ تي ملهائين ٿا. خاص ڪري 2012ع ۾ هن ڏينهن تي دنيا جي 20 ملڪن مان 12588 ماڻهن ٽن علقمند ڀولڙن وارو عمل ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.

خاڪا[سنواريو]

عالمي سائي ڏينهن هيٺين مسئلن جي حل لاءِ موقعو فراهم ڪري ٿو:

  • مختلف مرحلن ۾ سائي بابت ڄاڻ پهچائڻ ۽ اها ڪيئن منتقل ٿئي ٿي؛
  • سائي ۽ لاڳاپيل بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ؛
  • سائي جي قسم هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسين جي فرهامي وڌائڻ ۽
  • سائي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي اتحاد

هر سال هن ڏينهن کي مختلف خاڪي سان ملهايو ويندو آهي، هيٺ انهن جي فهرست موجود آهي.

  • 2011:سائي ۾ ڪير، ڪٿي به مبتلا ٿي سگھي ٿو. ان کي ڄاڻو ۽ روڪيو
  • 2012:اوهان جي سوچ کان وڌيڪ قريب آهي
  • 2013:خاموش قاتل کي روڪڻ لاءِ اڃا ڪجهه وڌيڪ ڪجي
  • 2014:سائي. ٻيهر سوچيو
  • 2015:وبائي سائي کان بچو[4]
  • 2016: سائي کي سڃاڻيو ۽ خاتمو ڪيو[5]
  • 2017: سائي کي ختم ڪيو[6]
  • 2018: چڪاس. علاج. سائيHepatitis[7]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «World Hepatitis Day»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  2. World Health Organization, World Hepatitis Day. Accessed 8 April 2014.
  3. World Health Organization, WHO campaigns.
  4. "World Hepatitis Day 2015 to focus on prevention". World Health organization. حاصل ڪيل 28 July 2015. 
  5. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2014-05-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-07-28 
  6. World Hepatities Day 2017, وقت 1 December 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 30 Nov 2017 
  7. "World Hepatitis Day 28 July 2018". who.int. World Health Organization. حاصل ڪيل 28 July 2018.