مواد ڏانھن هلو

سائي جو عالمي ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سائي جو عالمي ڏينهن
سائي جي عالمي ڏينهن جو نشان
تاريخ28 جولاءِ
دورانيو1 ڏينهن
تقررساليانو

سائي جو عالمي ڏينهن (انگريزي: World Hepatitis Day)، [1] هر سال 28 جُولاءِ تي ملهايو ويندو آهي، هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ماڻهن ۾ سائي متعلق ڄاڻ اجاڳر ڪرڻ آهي. هن بيماري ۾ ڪروڙين ماڻهو مبتلا آهن ۽ هر سال لڳ ڀڳ 14 لک ماڻهو سائي سبب فوت ٿين ٿا.[2]

دنيا ۾ بيمارين متعلق ملهايا ويندڙ 8 ڏينهن مان هي ڏينهن هڪ آهي، هن سان گڏ عالمي صحت تنظيم (انگريزي ٻولي: World Health Organization) پاران صحت جو عالمي ڏينهن، رت ڏيڻ جو عالمي ڏينهن، منشيات خلاف عالمي ڏينهن، عالمي مليريا ڏينهن ۽ عالمي ايڊز ڏينهن شامل آهن.[3]

پسمنظر

[سنواريو]

سائي خلاف ڪم ڪندڙ گروه، ۽ مريض هر سال هي ڏينهن 28 جُولاءِ تي ملهائين ٿا. خاص ڪري 2012ع ۾ هن ڏينهن تي دنيا جي 20 ملڪن مان 12588 ماڻهن ٽن علقمند ڀولڙن وارو عمل ڪري عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.

خاڪا

[سنواريو]

عالمي سائي ڏينهن هيٺين مسئلن جي حل لاءِ موقعو فراهم ڪري ٿو:

  • مختلف مرحلن ۾ سائي بابت ڄاڻ پهچائڻ ۽ اها ڪيئن منتقل ٿئي ٿي؛
  • سائي ۽ لاڳاپيل بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ؛
  • سائي جي قسم هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسين جي فرهامي وڌائڻ ۽
  • سائي کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي اتحاد

هر سال هن ڏينهن کي مختلف خاڪي سان ملهايو ويندو آهي، هيٺ انهن جي فهرست موجود آهي.

  • 2011:سائي ۾ ڪير، ڪٿي به مبتلا ٿي سگھي ٿو. ان کي ڄاڻو ۽ روڪيو
  • 2012:اوهان جي سوچ کان وڌيڪ قريب آهي
  • 2013:خاموش قاتل کي روڪڻ لاءِ اڃا ڪجهه وڌيڪ ڪجي
  • 2014:سائي. ٻيهر سوچيو
  • 2015:وبائي سائي کان بچو[4]
  • 2016: سائي کي سڃاڻيو ۽ خاتمو ڪيو[5]
  • 2017: سائي کي ختم ڪيو[6]
  • 2018: چڪاس. علاج. سائيHepatitis[7]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «World Hepatitis Day»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  2. World Health Organization, World Hepatitis Day. Accessed 8 April 2014.
  3. World Health Organization, WHO campaigns.
  4. "World Hepatitis Day 2015 to focus on prevention". World Health organization. 28 July 2015 تي حاصل ڪيل.
  5. آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2014-05-24 تي محفوظ ڪيل, 2018-07-28 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  6. World Hepatities Day 2017, اصل نسخو مان 1 December 2017 تي محفوظ ڪيل, 30 Nov 2017 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  7. "World Hepatitis Day 28 July 2018". who.int. World Health Organization. 28 July 2018 تي حاصل ڪيل.