سائنس ۽ فلسفو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڇا فلسفو واقعي بيٺل ۽ بي حرڪت آهي؟ نظر ائين اچي ٿو ڄڻڪ سائنس سدائين اڳتي قدم وڌائي ٿي ۽ فلسفو سدائين هارَ کائيندو رهي ٿو. ائين ان ڪري لڳي ٿو جو فلسفو ڏکين ۽ جوکائتن موضوعن ۽ سوالن کي هٿ ۾ کڻي ٿو ۽ اهڙن مسئلن ۾ پاڻ کي وجهي ٿو، جيڪي سائنس واري طريقي سان حل ٿي نه ٿا سگهن. جيئن، نيڪي ۽ بدي، حسن ۽ بدصورتي، جبر ۽ اختيار، زندگيءَ ۽ موت جا مسئلا وغيره.

انساني جاچ جوچ جي ميدان مان اسان کي جيڪو علم حاصل ٿئي، جنهن کي اسين صحيح قاعدن ۽ قانونن ۾ پيش ڪري سگهون، تڏهن ان علم کي اسين سائنس چئون ٿا. سائنس جي شروعات فلسفي سان ٿئي ٿي، ۽ ان جي انتها فن آهي. هر ڪا سائنس ڪنهن نه ڪنهن اندازي سان شروع ٿئي ۽ پوءِ آهستي آهستي صحيح علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. فلسفو (مابعدالطبعيات ۾) اڻ ڄاتل حقيقت جي اڻ چٽي ۽ غير واضح ڄاڻ ۽ حقيقت جي تشريح ڪري ٿو.

سائنس ڪائنات کي تجرباتي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ۽ فلسفو ان جي وضاحت پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو. سائنس پوريءَ شيءِ کي حصن ۾ ورهائڻ، جسم کي جدا جدا عضون ۾ ورهائڻ ۽ اڻ ڄاتل شيءِ کي ڄاڻ جي دائري ۾ آڻن چاهي ٿي. سائنس شين جي اصلي قدرن يا سندن آدرشي امڪانن جي باري ۾ ڪابه ڳولها نٿي ڪري، ۽ نڪي سندن جامع ۽ آخري مطلب پروڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. هڪ سائنسدان فطرت وانگر غير جانبدار آهي. ان جي ابتڙ، هڪ فلسفي ڪنهن شيءِ جي رڳو بيان ڪرڻ تي راضي نه ٿو رهي. پر ڏيکارڻ چاهي ٿو ته ان جو انسان جي مجموعي تجربي سان ڪهڙو لاڳاپو آهي ۽ ان طريقي سان ان شيءِ جي اصلوڪي مطلب کي ڪٿڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو شين ۽ حقيقتن کي ان ارادي سان گڏي ٿو ۽ ترتيب ڏئي ٿو، ته جيئن سندن منظم ۽ گڏيل سمجھاڻي ڏيئي سگهي.[1] [2] [3]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Philosophy)
  2. سنڌي ادبي بورڊ
  3. ڪتاب: فلسفي جي ڪهاڻي