سائنس پارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Cambridge Science Park in England

سائنس پارڪ: science park: ان کي يونيورسٽي ريسرچ پارڪ به چوندا آھن.اصل ۾ سائنس پارڪ ھڪ تنظيم ھوندي آھي جنھن کي پيشورانہ مھارت جا ماڻھو ھلائيندا آھن جن جو مکيہ مقصد نواڻ يا جدت (innovation) جي ڪلچر کي هٿي ڏيندي ۽ پاڻ سان لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ مقابلي کي وڌائيندي پنھنجي برادري جي دولت ۾ اضافو ڪرڻ ھوندو آھي.ان مقصد جي حاصلات لاء سائنس پارڪ ذريعي يونيورسٽين، تحقيقي ادارن، ڪمپنين، ۽ مارڪيٽن ۾ ڄاڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي رفتار ۾ اضافو آندو ويندو آھي. سائنس پارڪ نواڻ يا جدت پيدا ڪندڙ ڪمپنين جي قيام ۽ اضافي لاء موافق ماحول پيدا ڪندو آهي. آھي عام بزنس پارڪ کان مختلف ھوندا آھن.يوناٽيڊ ڪنگڊم سائنس پارڪ ايسوسيئيشن مطابق سائنس پارڪ ڌنڌي جي فروغ ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي لاء ھڪ اھڙو عملي قدم آھي جيڪو ڄاڻ سان لاڳاپيل ، جدت پيدا ڪندڙ ۽ مٿي اڀري ايندڙ ڌنڌن جي قيام جي ھمٿ افزائي ڪري ٿو.اھو ھڪ اھڙو ماحول پيدا ڪري ٿو جنھن ۾ تمام وڏا ۽ بين الاقوامي بزنس ڪندڙ ادارا پنھنجي گڏيل فائدي جي قيام لاء ڄاڻ جي مرڪز، جن ۾ يونيورسٽيون، اعلي تعليم جا ادارا ۽ تحقيق ڪندڙ ادارا شامل آهن، سان مخصوص ۽ قربت وارو تعلق جوڙين ٿا.[1]

.

Hsinchu Biomedical Science Park in Taiwan

حوالا[سنواريو]