سائبورگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تجربا ٿي رهيا آهن ته انسان جي جسم ۽ ڪمپيوٽر جو ڪنهن طرح سان ميلاپ ڪرائجي. سائنس فڪشن ۽ فلمن ۾ ته هي هڪ سٺو موضوع رهيو آهي. انساني شين جي هڪ ٻئي سان ملي وڃڻ کان سائنس فڪشن ۽ فلمن ۾ سائبورگ (Cyberg) جي نالي سان سڏيو ويو آهي. انسان کي مشين سان ڳنڍي هن جي ذهانت کي وڌائڻ تي به تجربا ٿي رهيا آهن. هڪ اهڙي سرشتي تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن ۾ انسان جون سوچون خود بخود هڪ ڪمپيوٽر جي حافظي واري يونٽ ۾ داخل ٿي وڃن، جن تي بنياد تي اهو ڪمپيوٽر فيصلا ڪري.[1]

  1. مستقبل جي علم حياتيات ۽ انساني صحت جي هڪ جهلڪي، ڊاڪٽر سڪندر مغل