سئو ورهين جي جنگ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سئو ورهين جي جنگ (Sao warhiyan jee jang) يا هنڊريڊ ييئرس وار (Hundred Years' War) اصل ۾ 1337ع کان 1453ع تائين فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ لڳل ويڙهن جي سلسلي کي ’سئو ورهين جي جنگ‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. فرانس ۾ تخت جي وارثيءَ جي مسئلي تان ٿيل گهرو اڻبڻت جي نتيجي ۾ لڳل هن جنگ جو اصل سبب، انگلنڊ جي فرانسي ٻولي ڳالهائيندڙ (۽ فرانسيسي پسمنظر رکندڙانگلنڊ جي مشهور بادشاهه ’فاتح وليم‘ جي نسب سان لاڳاپيل) حاڪم ’ايڊورد ٽئين‘ طرفان پنهنجي فرانسيسي ماءُ ’ايلينور‘ جي مائٽي ڳنڍيندي فرانس جي تخت تي دعوئ ڪرڻ هو. انگلنڊ جي ٻئي بادشاهه ’فلپ ڇهين‘ پاران فرانس جي علائقي ’گئسڪوني‘ تي قبضي ۽ فرانسين طرفان اسڪاٽ قومپرستن جي حمايت ڪرڻ سان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ تيزي آئي. جنگ جي شروعات ’سُليس جي جنگ‘ (1340ع) سان ٿي، جنهن ۾ انگلنڊ کي سوڀ ته ملي، پر فرانس کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ’ايڊورد ٽئين‘ اتحادين مٿان وڏو پئسو خرچ ڪيو، جنهنجي نتيجي ۾ انگلنڊ ۾ سياسي بحران پيدا ٿي ويو. 1346ع ۾ بادشاهه ايڊورڊ وڏو لشڪر وٺي جنگ جي خيال سان ’نارمنڊي‘ پهتو. سندس جواب ۾ فرانس جو بادشاهه به وڏي لشڪر سان اڳتي وڌيو ۽ ٻنهي جي لشڪرين وچ ۾ ’سريسي‘ (Crecy) جي علائقي ۾ ڏاڍي زوردار جنگ لڳي، جنهن ۾ انگلينڊ کي سوڀ ملي. 1356ع ۾ ’پوئيترس‘ جي ميدان ۾ بادشاهه ايڊورڊ ۽ فرانسي بادشاهه جي وچ ۾ نئين جنگ لڳي، جنهن ۾ فرانس کي هار ملي ۽ سندس بادشاهه به گرفتار ٿيو. جنگ جي ٻئي حصي (1369ع کان 1396ع) ۾ فرانس کي بادشاهه ’فلپ پنجين‘ جي قيادت ۾ سوڀون مليون ۽ انگلنڊ پوئتي هٽيو. 1415ع ۾ انگلنڊ جي بادشاهه ’هينري چوٿئين‘ جي اڳواڻيءَ ۾ جنگ جو ٽيون ۽ آخري سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ انگلنڊ کي سوڀ سان گڏ فرانسيسي تخت به مليو. پر 1429ع ۾ جڳ- مشهور جنگي سورمي ’جون آف آرڪ‘ جي اچڻ سان جنگ جو نقشو تبديل ٿي ويو. ’جون‘ فرانس ۾ قومي خودداريءَ جي جاڳرتا آڻيندي ۽ قابض انگريز فوج سان وڙهندي 1440ع ۾ جان جو ٻليدان ته ڏنو، پر ان کانپوءِ فرانس جو فتحون وڌنديون ويون ۽ نيٺ 1454ع ۾ فرانس کي مڪمل طور آزاد ڪرايو ويو. هن جنگ يورپ ۾ قوم پرستي، جنگ جي نئين هُنر، سياسي سمجهه ۽ عوامي ڪردار بابت نوان تصور پيدا ڪيا. ڪن تاريخدانن 1688ع جي ’شاندار انقلاب‘ کان وٺي 1815ع جي ’واٽرلو‘ُ جي جنگ تائين ٻنهي ملڪن اندر ٿيل تڪرارن جي سلسلي کي ’سئو ورهين جي جنگ‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد