زيمسٽوو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زيمسٽوو ۾ ھڪ کاڌي جي دعوت 1872ع ۾ ٺاھيل گريگوري ميئسوييدوف جي ھڪ پينٽنگ

زيمسٽوو(انگريزي: zemstvo ) جمع: زيمسٽوا يا زيمستووز[1] روسي ٻولي جي لفظ زيمليا (земля) مان نڪتل آھن جنھن جي معني آهي زمين، ملڪ يا رياست [2]. اھا روسي ايمپائر جي ٻھراڙيءَ جي علائقي جي ھڪ چونڊيل اسيمبلي ھئي[1]. سورھين صدي ۾ روس ۾ محصولن جي اڳاڙي جو زيمسٽوو نالي ھڪ ادارو پڻ ھيو[1].

قيام[سنواريو]

1861ع ۾ روسي زار اليگزينڊر ٻئين روس ۾ سماجي ۽ معاشي خدمتن[1] جي سڌارن جي نتيجي ۾ مڪاني حڪومت جو ھي ادراو قائم ڪيو. انھن سڌارن جو مسودو تيار ڪندڙ نڪولئي مليوٽن زيمسٽوو جو خيال ڏنو ۽ زيمسٽوو تي سڀ کان پھرين قانونسازي 1864ع ۾ عمل ۾ آئي. روسي ايمپائر ۾ ان وقت 34 کان مٿي گورنريون ھيون جن کي روسي ٻولي م گوبرنيا چوندا ھيا. ھر گورنري جي انتظامي ورھاست ضلعن يعني وولاسٽ ۾ ٿيل ھئي ۽ وڌيڪ مير ۾ ٿيل ھئي. زيمسٽوو جي اصلاحن جو مقصد چونڊن ذريعي مڪاني حڪومت جو ھڪ اھڙو ڪنھن حد تائين بااختيار ادارو قائم ڪرڻ ھيو جنھن ذريعي ھيٺين سطح تي معاشي معاملا حل ڪيا وڃن[3]. 1865ع ۾ زيمسٽوو جي ابتدا 19 صوبن يا گورنرين کان ڪئي ۽ 1866 کان 1876 تائين باقي 16 صوبن يا گورنرين ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. 13صوبن يا گورنرين ۾ اڃان اھو نظام قائم نه ٿي سگھيو ھو[4] 1890 واري ڏھاڪي ۾ انھن اسيمبلين ملڪ ۾ آئيني سڌارن جا مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا. ھنن اسيمبلين 1905 ۽ پوء 1917 جي روسي انقلابن جي سرگرمين کي تحرڪ ڏنو[1].

جوڙجڪ[سنواريو]

زيمسٽوو جي نالي سان ضلعي ۽ صوبائي سطح تي اسيمبليون جوڙيون ويون[1] جيڪي زميندارن جي نمائندن ۽ ھارين جي ڪميون جي نمائندن تي مشتمل ھيون. زيمسٽوو اسيمبلين روڊن کي بھتر بڻايو، تعليم کي وڌايو ۽ صحت جي سنڀال جو ڪم ڪيو[1]. زيمسٽوو ٻن ايوانن تي مشتمل ھيو جن م ھڪ چونڊيل نمائندن واري ڪائونسل يا زيمسڪايا سوبراني (zemskaya sobranye ) ۽ ٻيو ان ڪائونسل جو نامزد ڪيل ايگزيڪيوٽو بورڊ ھيو جنھن کي روسي ٻولي ۾ زيمسڪايا اپروا (zemskaya uprava) سڏيو ويندو هو. بورڊ جا پنجن قسمن جا رڪن ھوندا ھئا جن ۾ 590 چورس ايڪڙن يا 2.4 چورس ڪلوميٽر يا ان کان مٿي زرعي زمين جا مالڪ جيڪي پاڻ بورڊ جي اجلاسن ۾ ويھندا ھيا. باقي ميمبرن ۾ ننڍا زميندار، شھر جا شاھوڪار، شھرن جو وچولو طبقو، وولاسٽ جو چونڊيل ھاري شامل ھئا[5]. زيمسٽوو جي ميمبرن مان %74 ميمبر وڏن زميندارن مان ھئا[6].

خاتمو[سنواريو]

1917ع جي آڪٽوبر انقلاب بعد بالشويڪين زيمسٽوو نظام ختم ڪري ڪثير سطحي سويت جمھوريت جو نظام متعارف ڪرايو جن م ھارين ۽ مزدورن جون ڪائونسلون قائم ٿيون ھيون.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2105 -
  2. The word derives from земля (zemlyá), "land", "country", "state")
  3. Volvenko, Aleksei (2007). "The Zemstvo Reform, the Cossacks, and Administrative Policy on the Don, 1864–1882". in Burbank, Jane; Von Hagen, Mark; Remnev, A.V.. Russian Empire: Space, People, Power, 1700-1930. Indiana University Press. p. 348. ISBN 9780253219114. 
  4. Terence Emmons, Wayne S. Vucinich, The Zemstvo in Russia: An Experiment in Local Self-Government (Cambridge University Press, 2011) p34.
  5. By the law of 12 (25) June 1890 the peasant members of the zemstvos were to be nominated by the governor of the government or province from a list elected by the volosts.
  6. Ascher, Abraham (2014). The Russian Revolution: A Beginner's Guide. Oneworld Publications. p. 3.