مواد ڏانھن هلو

زنگي پور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زنگي پور (Zangipur) ۾ چٽاڻي قوم جا کوسا زميندار هندا هئا، اهو ڳوٺ زنگي خان ٻڌو هو، انهن وڏيرن جون زمينون اچ شاخ نصير آباد تحصيل ۾ به هيون، اتي اچ ۾ هميشه پاڻي جي تڪليف رهندي هئي، نور واهه کي پاڻي هوندو هو، جيڪو بيگاري مان نڪتل هو، سو هتي جون زمينون آباد هئڻ سبب گهڻو ڪري سڀئي هتي رهندا هئا، کوسن جو هي پاڙوشريف آبادي پاڙو هو، خان ڳڙهه جي ڪوڙ ۾ به هن پاڙي جا کوسا انگريزن شهيد ڪيا هئا، انهن ۾ نور خان ڇٽائي کوسو نامور ماڻهوهو، کوسا ويچارا جنهگ هڻي ”ڏوپهرو" ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڪوٽ جي وڻن جي ڇانو ۾ آجهاپ لاءِ ويٺا ته ڪنهن ملعون ماڻهون انگريز ڇانوڻي ۾ وڃي ٻڌايو ته ڊاڪو ڪوٽ اندر اچي ويٺا آهن، انگريزن بنا معلومات حاصل ڪرڻ جي رائفلين جو منهن کولي ڇڏيو، 39 ماڻهو لحظي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا، ٻين رڙيون ڪيون، پنهنجا ”واهولا" ۽ ”ٻيانا" مٿي کڻي دانهون ڪيون تڏهن ڪي بچي ويا، بخاري جامع مسجد وٽ پراڻيون قبرون انهن کوسن شهيدن جون آهن. زنگي پور جا ماڻهو ساده طبع ۽ ناميارا ٿي گذريا، خود زنگي خان، يار خان، آدم خان جهڙا ماڻهو پنهنجي وقت جا وڏا ماڻهو هيا.

هڪ دفعي جاماڻي پاڙي جو مهر علي خان جيڪو پوليس انسپيڪٽر مان معطل ٿيو هو، مٿس ڏوهه اهو هو ته هن بکراڻي بردي پاڙي مان شادي ڪئي، جنهن تي انگريزن کيس چيو ته هاڻي هو پوليس عملداري لاءِ موزون نه رهيو آهي جو هن هڪ جرائم پيشه پاڙي مان شادي ڪئي آهي، زنگي پور ۾ ان زماني ۾ مسجد شريف ڏاڍي سٺي قبائين نموني ٺهيل هئي. زنگي پور هينئر زبون آهي سندس پويان زميندار گهڻو ڪري سڀ نصير آباد ضلعي انهن بلوچستان صوبي ۾ رهائش پذير آهن. جيڪب آباد مانجهي پور روڊ تي بهادر پور ڳوٺ آهي، جيڪو بهادر خان ٻڌايو، سندس زماني ۾ چڱو وسيل ڳوٺ هو، بهادر خان 1931ع ۾ وفات ڪئي، اڄ ڪلهه بهادر پور بلڪل ويرانو آهي. دلمراد خان اول کي انگريزن 1858ع واري جنگ آزادي ۾ حصو وٺڻ جي بهاني جلاوطن ڪيو هو، دلمراد خان ان زماني نصير آباد علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو خان قلات جي بادشاهي ۾ هو، انگريزن خان کي ڪمزور ڪري سندس علائقن ۾ اچي وٿاڻا ٺاهيا، خود خان ڳڙهه ۾ اچي ان کي جيڪب آباد بڻايائون، حالانڪه اهو علائقو خان جو هو ۽ انگريزن جي قبضي ۾ ڪو نه آيل هو، پر ڏاڍ سان انهيءَ علائقن تي اثرانداز ٿيا. دلمراد خان کوسو ويچارو سياسي ماڻهو ڪو نه هو، هو کيتي ڪندڙ هڪ ڪامياب زرعي ماهر هو، البته پنهنجي پاڙي ۾ ”هلندر پڄندي“ وارو هو ۽ طبع جو ڪجهه آزاد خيال هو، تنهن سبب سندس ٻه طرفي مخالن انگريزن وٽ چغليون هڻي کيس بغاوت بهاني ملڪ مان نيڪالي ڏياري ڇڏي، سال 1876ع ۾ خان خداداد خان والي قلات هندستان جي وائسراءِ لارڊ لٽن کي جيڪب آباد جو سڄو علائقو ”کز مير“ (ڪشمور) تائين پنهنجي هٿن سان حوالي ڪيو ته دلمراد خان جي فرزند بهادر خان کي به نصير آباد جي اڀرندڙ طاقتن جي چوڻ تي اتان لڏائي آندو، کيس دلمراد ديهه ۾ هڪ فوجي پڙاءِ ۾ نظربند ڪري رکيو، جيڪب آباد کان ڪشمور تائين نڪتل سڙڪن تي هر ڏهن ميلن جي حساب سان فوجي پڙاءَ هيا، چوڪ جي ڳوٺ سامهون رستي تي به هڪ فوجي ڪيمپ هوندي هئي، منهنجي يادگيريءَ ۾ به انهيءَ ڪيمپ جون ڪي اڏاوتون ۽ کٻڙن جا وڏا وڻ بيٺل نظر ايندا هئا. انگريز بهادر خان کي ٻه ٽي سال ڪيمپ ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، کيس بهادر جي اوس پاس ديهن ۾ زمين به ڏني. بهادر خان فوجي تحويل مان رهائي بعد بهادر پور نالي ڳوٺ ٻڌي زمينداري ڪم ۾ لڳي ويو، محنتي ماڻهو هو بعد ۾ گهڻي زمين هٿ ڪري ورتي هئائين، زمينن تي ڇڪڙي نموني بيل گاڏي تي چڙهي گهمندو هو، جنهن کي ڀلا ڏاند ڇڪيندا هئا، اپر سنڌ ۾ انهيءَ طرز جي سواري فقط بهادر خان وٽ هئي، بهادر خان پنهنجي سجع هن ريت لکائي هئي ”بهادر فقير مدد دستگير“ ان زماني ۾ وڏن ماڻهن ۾ سجع ٺهرائڻ جو رواج هو، بهادر خان سخي هو، ڇڪڙي ۾ هڪ ٻه همياڻيون، چاندي جي رپين جون رکي هلندو هو، غريب غربي کي واٽ ويندي خيراتون ڏيندو هلندو هو، سندس ڇڪڙي پويان هڪ ٻه ڪمدار گهوڙن تي سوار ٿيل ڪڍ هوندا هيس، بهادر خان هڪ دفعي پير سائين پاڳاري ”سورهيه بادشاهه“ جي به دعوت ڪئي هئي، پر سائين تنهن زماني ڊگهي ڳوٺ مان شادي ڪئي هئي، سندس سفر ”محفه“ تي ٿي هئي، جنهن کي ماڻهو کڻندا هيس، هزارين حُر سندس جماعت ۾ گڏ هيا، رات جو بهادر پور رهيا هئا، بهادر خان پنهنجي چئني پٽن جي پهراڻن جي جهولي ۾ هڪ هزار روپيا چاندي وارا وجهائي حضرت پير سائين سورهيه بادشاهه جي خدمت ۾ نظرانه طور پيش ڪرايا هئا، چون ٿا ته هڪ دفعي حضرت حافظ الملت ”مالڪن جن" حافظ محمد صديق صاحب رحمت الله عليه پرچونڊي شريف وارن جي دعوت ڪئي هئي، جنهن ۾ جماعت جي گهوڙن لاءِ پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيل جوئر پيش ڪيائين ته جيئن جماعت جا گهوڙا گاهه کائي ڍؤ ڪن. حضرت حافظ صاحب عليه رحمت کي عرض ڪيائين ته قبلا! ”ٻادو“ جي زمين ڪمشور تائين آهي، جاٿي به ٻادو جي زمين ۾ گاهه هجي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو