زنگي
زنگي | |
---|---|
![]() | |
زنگي جا پيلا گل ۽ پن | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | ٻوٽا |
(unranked): | اينجيوسپرم |
(unranked): | ايوڊيڪاٽس |
(unranked): | ايسٽيرائڊ |
ترتيب: | جينٽيئاناليز |
خاندان: | ايپوسيناسيئا |
نسل: | ڪيسڪيبيلا |
جنس: | سي.پيروويئانا |
حياتياتي نالو | |
ڪيسڪيبيلا ٿيويٽيا (ايل.) ليپولڊ | |
هم معنيٰ[1] | |
List
|


زنگي (Yellow Oleander)، سائنسي نالو، ڪاسڪابيلا ٿيويٽيا (Cascabela thevetia)، جهنگي گل به سڏيندا آهن، فارسيءَ ۾ خرزهره ۽ هنديءَ ۾ ڪونيل چوڻ ٿا، هڪ زهريلو ٻوٽو آهي. هن جو تعلق ٻوٽن جي نِيريَم اوليانڊر خاندان کان آهي، هن ڪري هن جو عام نالو پيلو اوليانڊر آهي. هي ٻوٽو اٺ فٽ تائين مٿي ويندو آهي. جتي ڪٿي عام آهي، گهڻيون ٽاريون ڪڍندو آهي، جي گلابي، ڳُوڙها ڳاڙها، اڇا ۽ ٻين رنگن جا يڪا توڙي ڊبل يعني ڀريل گل ڪندا آهن. منجهس گل سدائين رهي سگهن ٿا. گلن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ به رهندي آهي. ڏکڻ آمريڪا ۾ هي وڻ جهنگلي ٿين ٿا.
هن وڻ جي ڪاٺيءَ جي رس، چون ٿا ته زهر جو اثر رکي ٿي. ٻج به منجهانئس پيدا ٿيندو آهي پر اڪثر سندس قلم لڳندا آهن. هڪٻئي ۾ پيوند به ٿيندا آهن. هن جي لاءِ وارياسي يا پٿرن واري زمين چڱي آهي. پاڻيءَ جا ڪنارا هن کي وڌيڪ پسند ايندا آهن. گلن ڪرڻ کان پوءِ، ٽاريونوڍي، ٽينءَ پتيءَ جيڏيون ڪري ڇڏجن. پاڙ واري زمين کوٽي ڀاڻ ڏيڻ گهرجي.
هن جو هڪڙو قسم، جنهن کي پيلو زنگي يا ڪونيل چون ٿا، حقيقت ڪري، ٻيءَ ذات جو اهي. اهو انگشتان جي شڪل جهڙا پيلا گل ڪري ٿو. اصل ڏکڻ آمريڪا جو آهي. اٺ ڏهه فوٽ وڏو ٿيندو آهي. انگريزي ڪتابي نالو ٿِيويِٽا اٿس. بادام جهڙو ڦر به جهليندو آهي، جو ٻج ڪري پوکبو آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "The Plant List: A Working List of All Plant Species". حاصل ڪيل May 17, 2014.
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو