زنا

زنا(انگريزي: Zina ) اسلامي شريعت ۾ ناجائز جنسي فعل کي چوندا آهن جنهن کي عام طور تي بدفعلي پڻ چوندا آهن[1] ان ۾ ٻئي شادي شده ۽ غيرشادي شده ماڻھو شامل آهن. جيڪڏهن انھن جي وچ ۾ تعلق شريعت مطابق جائز ناھي تہ انھن جو جنسي فعل زنا سڏبو آھي[2][3] [2][3] جيڪڏهن معاشي مقصد لاء طوائف ذريعي ٿئي تہ بہ اھا زنا سڏبي آھي[4]. جيڪڏهن اھا ڪنھن سان زبردستي ڪئي وڃي ته ان کي زنابالجبر چوندا آھن. جيڪڏھن رت جي رشتي واري ڪنھن عزيز سان ڪيو وڃي تہ اھو بہ زنا سڏبو آهي[5][6] قرآن سورہ النساء جي آيت نمبر 15 ۽ 16 ۾ فرمائي ٿو ته:
وَاللَّاتِي يَأْتِينَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِسَائِكُمْ فَاسْتَشْهِدُوا عَلَيْهِنَّ أَرْبَعَةً مِنْكُمْ ۖ فَإِنْ شَهِدُوا فَأَمْسِكُوهُنَّ فِي الْبُيُوتِ حَتَّىٰ يَتَوَفَّاهُنَّ الْمَوْتُ أَوْ يَجْعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبِيلًا 15
وَاللَّذَانِ يَأْتِيَانِهَا مِنْكُمْ فَآذُوهُمَا ۖ فَإِنْ تَابَا وَأَصْلَحَا فَأَعْرِضُوا عَنْهُمَا ۗ إِنَّ اللَّهَ كَانَ تَوَّابًا رَحِيمًا 16
ترجمو:۽ اُوھان جي زائفن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مرد) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين تہ اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪو رستو ڪڍي 15
۽ اوھان مان جيڪي ٻہ مرد اھو ڪم ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبھ ڪن ۽ پاڻ سڌارين تہ اُنھن (کي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇو تہ الله توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي 16— سورہ النساء:15,16
مٿين ٻنھي آيتن ۾ قرآن زنا جي سزا بيان ڪئي آهي[7]. پھرين آيت صرف زاني عورت جي لاءِ آھي جنھن لاء سزا اھا آھي ته ٻئي حڪم تائين کيس قيد ۾ رکيو وڃي. ٻين آيت زاني عورت ۽ زاني مرد ٻنھي لاء آھي تہ ٻنھي کي ايذاء پھچايو وڃي يعني مارڪٽ ، سختي سان ڳالھايو وڃي ۽ انھن جي تذليل ڪئي وڃي. اھو زنا متعلق قرآن جو ابتدائي حڪم ھيو بعد ۾ سورہ النور نازل ٿي جنھن ۾ مرد ۽ عورت ٻنھي لاء ساڳيو حڪم آيو ته کين 100 100 ڪوڙا لڳايا وڃن. مفسر سدي جي مطابق آيت نمبر 15 نڪاح وارين عورتن لاءِ نازل ٿي ھئي ۽ آيت نمبر 16 غير شادي شدہ مرد ۽ عورتن لاء ھئي. ابو مسلم اصفحاني مطابق پھرين آيت عورت جي عورت سان ناجائز تعلق متعلق ھئي ۽ ٻي مرد جي مرد سان تعلق جي متعلق ھئي[8].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Semerdjian, Elyse (2009). "Zinah". ۾ John L. Esposito (مرتب). The Oxford Encyclopedia of the Islamic World. Oxford: Oxford University Press. doi:10.1093/acref/9780195305135.001.0001. ISBN 9780195305135.
- 1 2 Khan, Shahnaz (2011). Zina, Transnational Feminism, and the Moral Regulation of Pakistani Women (انگريزي ۾). UBC Press. ص. 8. ISBN 9780774841184. 13 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 Akande, Habeeb (2015). A Taste of Honey: Sexuality and Erotology in Islam (انگريزي ۾). Rabaah Publishers. ص. 145. ISBN 9780957484511.
- ↑ Meri, Josef W. (2006). Medieval Islamic Civilization: L-Z, index (انگريزي ۾). Taylor & Francis. ص. 646. ISBN 9780415966924.
- ↑ Clarke, Morgan (2009). Islam and New Kinship: Reproductive Technology and the Shariah in Lebanon (انگريزي ۾). Berghahn Books. ص. 41. ISBN 9781845454326. 13 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Kamali, Mohammad Hashim (2019). Crime and Punishment in Islamic Law: A Fresh Interpretation (انگريزي ۾). Oxford University Press. ص. 94. ISBN 9780190910648. 13 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "م". - ↑ - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 331,332