زمان شاھ ساقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زمان شاھ ساقي: Saman Shah Saqi:

زمان شاھ ساقي رضوي سنڌ جي ھڪ شاعر جو نالو آهي جنھن جون ڪافيون مشھور آھن. ھي 1890 ۾ پيدا ٿيو ۽ 38 سالن جي عمر ۾ 1928 ۾ وفات ڪيائين. مشھور اديب نصير مرزا لکي ٿو تہ ان زماني ۾ ھن جا ھم عصر عبدالحسين خان سانگيءَ، مرزا قليچ بيگ، سيد روشن علي شاهه، منٺار فقير راڄڙ، مير علي نواز ناز، پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘، سيد رکيل شاهه ۽ مرزا نادر بيگ ھيا. مھراڻ رسالي ۾ نصير مرزا وڌيڪ لکي ٿو تہ:”.....جي مون کان ڪير پڇي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي ڪافي توکي وڌيڪ ٿي وڻي، ته جهٽ چوندس: زمان شاهه جي ڪافي:
آئي مُند مَلهاري وي،
جُهڙ ڦُڙ وَسن جالارا جَم جَم!
۽ ائين به چوندس ته شاه جهان جي شاه ڪار ’تاج محل‘ جي دروازي جو ڏيک هڪ پاسي ۽ زمان شاهه جي هن ڪافيءَ جي سٽ: رُوز وسي شاخن تي شبنم‘ جو ورد ٻئي پاسي. منهنجي لاءِ ٻيئي ڳالهيون جهڙوڪر ڳالهه مڙوئي ساڳي!".ھي وڌيڪ لکي ٿو تہ"ھن باڪمال ڪافي گو شاعر صرف اٺٽيهن ورهين جي ڄمار ماڻي ۽ پويان صرف اِهائي شاه ڪار ڪافي نه، ٻي دل پذير ڪافي:
”جنهن سان دلڙي لڳي، تنهن کان ڌار ٿيڻ.....“
کان سواءِ دل کي ڇُهندڙ ڳچ ڪلام ۽ ڪيئي اعليٰ معيار مرثيا به پويان ڇڏيا آهن. افسوس آهي جو زمان شاهه جا اِهي مرثيا اڃا اڻ ڇپيل آهن (۽ فقط هٿ لکيل بياضن تان سڄي سنڌ جي مجلسن ۾ پڙهيا ويندا آهن)."[1]

حوالا[سنواريو]