زقوم سنڌي
ڏيک
مڪليءَ کان ڏکڻ پاسي هڪ رستو وڃي ٿو. رستي ۾ ننڍا ننڍا جبل ۽ ٽڪريون اچن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي ٺٽي سيمينٽ فيڪٽريءَ جون ڪرشر مشينون لاڳيتو اسٽون ڪرشر ڪري ڄڻڪ انهن ٽَڪرين کي کائي رهيون آهن ۽ اهو سلسلو ايڏو ته تيزي سان جاري آهي جو ايندڙ ڏهه پندرانهن سالن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ ايندو ته هن علائقي ۾ ڪنهن زماني ۾ ننڍڙا جبل ۽ ٽَڪريون هونديون هيون، جن ۾ زقوم (Zaqoom) جون ڪنڊيدار ٻوٽيون ڦٽنديون هيون، جن ۾ تيز ڳاڙهي رنگ جا گلَ ٽڙندا هئا. اها انهن پاڻمرادو ڦٽندڙ جڙي ٻوٽين جو پنهنجي حياتياتي رنگا رنگي هئي جو هتي مختلف ڪنڊيدار ٻوٽيون ڦٽنديون هيون. ماحول جي ان قدرتي سونهن کي اسان جي لوڀ نيٺ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ اسان جي ڌرتي ڏينهو ڏينهن ماحولياتي گدلاڻ جي ور چڙهندي پئي وڃي. [1]