زاهده تاج ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زاهده تاج ابڙو 29 مئي 1970ع تي ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿئي. سندس والد جج هو. جنهن جي بدلي جي ڪري پرائمري تعليم سنڌ جي مختلف شهرن مان حاصل ڪيائين. جن ۾ حيدرآباد، سکر، نوابشاه ۽ جيڪب آباد شامل آهن. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور مان ڪيائين. ۽ انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان ۽ جڏهن تہ گريجويشن ۽ ماسٽرس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.

هن لکڻ جي شروعات پنجين درجي ۾ پڙهڻ دوران ڪهاڻين کان ڪئي. ۽ جڏهن تہ پوءِ ادب جي ٻيئن صنفن شاعري، ناول ۽ ڪالمن تي طبع آزمائي ڪيائين. هن وقت تائين سندس هيءُ ڪتاب "عشق لامحدود" (ناول) "دنيا آکيرو" (شاعري)[1] شايع ٿي چڪا آهن.

هوء ڪافي عرصي کان مهراڻ ٽي ويء تي عورتن جي پروگرام "حوا ڄائي" ۾ ميزباني جون ذميواريون نڀائي رهي آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-21. 
  2. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-21.