زارا جو محاصرو 1202ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زارا جو محاصرو
زادار جو محاصرو
سلسلو چوٿين صليبي جنگ

زارا جو محاصرو
تاريخ10 نومبر [1] – 24نومبر 1202[2]
مقامزادار يا زارا شھر ، ان وقت ھنگري سان الحاق م ڪروئيشيا
نتيجو

صليبين جي فتح ٿي

[3][4]
شريڪ جنگ

چوٿين صليبي فوج
 وينس جي ريپبلڪ
ھنگري جي بادشاھت
ڪروئيشيائي بادشاھت
سپهہ سالار ۽ رهنما

وينس جي ريپبلڪ انريڪو ڊنڊولو
بونيفيس پھريون


سائمن ڊي مونٽ فورٽ، ارل
طاقت

صليبي فوج: 10,000 مرد [5]
وينس واسي:

10,000 مرد

[5]

  • وينسي : 210 بحري ٻيڙا
[6]
اڻڄاتل
نقصان
اڻڄاتل اڻڄاتل
شھري آبادي جو وڏو حصو من ۽ بئيوگراڊ ڀڄي ويو

زارا جو محاصرو يا زادار جو محاصرو : (انگريزي: Siege of Zara ) يا (انگريزي: Seige of Zadar) چوٿين صليبي مھم ۾ ڪيٿولڪ صليبي فوج جو ڪنھن ڪيٿولڪ شھر زارا، جنھن جو ھاڻي نالو زادار آھي[7]، جو پھريون محاصرو ھيو جيڪو 1202ع ۾ 10 نومبر کان 24 نومبر تائين جاري رھيو[7]. زادار ۽ زارا ساڳي شھر جا نالا آھن. زادار ھن وقت ڪروئيشيا ۾ واقع آهي. زادار تي پھرين وينس جي ريپبلڪ جو قبضو ھيو پر 1186ع ۾ شھرين بغاوت ڪري ھنگري جي بادشاھت جي اختيار ۾ رھڻ جي چونڊ ڪئي[7]. صليبي فوجن کي سمنڊ پار ڪرڻ لاء وينس جي ريپبلڪ جي مدد گھربل ھئي. ريپبلڪ اھا مدد ان شرط تي ڪرڻ جو معاھدو ڪيو تہ پھرين صليبي فوج زادار يا زارا تي وينس جي ريپبلڪ جي قبضي ۾ آڻڻ لاء مدد ڪري. اھڙي طرح صليبين کي قسطنطنيه وڃڻ کان اڳ وينس جي مدد ۾ ان شھر جو محاصرو ڪري وينس جي حوالي ڪرڻو پيو. پوپ معصوم ٽئين صليبين کي ايئن ڪرڻ کان نہ رڳو منع ڪئي پر انھن سان تعلق قطع ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني پوء بہ صليبي فوج ريپبلڪ آف وينس سان ڪيل معاھدي تي عمل ڪيو ۽ شھر جي فتح بعد 1203ع ۾ قسطنطنيه طرف رواني ٿي وئي. پوپ ان جنگ جي پاداش ۾ صليبي فوج سان سماجي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو پر پوء صليبي فوج کي معافي ڏني.

حوالا[سنواريو]

  1. Michaud, Joseph François (1882). The History of the Crusades. A. C. Armstrong and Son. p. 63. https://archive.org/details/historyofcrusade02mich. Retrieved 9 November 2013. 
  2. Setton, Kenneth M.; Wolff, Robert Lee; Hazard, Harry W. (15 December 1969). The Later Crusades, 1189–1311. University of Wisconsin Press. p. 174. ISBN 9780299048440. https://books.google.com/books?id=2dsycrclykIC&pg=PA174. Retrieved 10 November 2013. 
  3. Sethre, Janet (2003). The souls of Venice. pp. 54–55. ISBN 0-7864-1573-8. 
  4. Queller, Donald E.; Madden, Thomas F. (1999). The Fourth Crusade: The Conquest of Constantinople. University of Pennsylvania Press. https://archive.org/details/fourthcrusadecon00dona. Retrieved 2013-11-09. 
  5. 5.0 5.1 J. Phillips, The Fourth Crusade and the Sack of Constantinople, 269
  6. J. Phillips, The Fourth Crusade and the Sack of Constantinople, 106
  7. 7.0 7.1 7.2 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -