رچرڊ برٽن
سر رچرڊ فرانسس برٽن KCMG FRGS | |
---|---|
![]() برٽن 1864 ۾ | |
پيدائش | 19 مارچ 1821 ٽورڪي(Torquay), ڊيوان(Devon), انگلينڊ |
وفات | 20 آڪٽوبر 1890 ٽريئيسٽ(Trieste)آسٽرو ھنگري | (aged 69)
قوميت | برطانوي |
ٻيا نالا | مرزا عبدالله بشري
حاجي ابواليزدي فرينڪ بيڪر |
مادر علمي | ٽرنٽي ڪاليج، آڪسفورڊ |
پيشو | فوجي، سفير، کوجنا ڪندڙ، مترجم، عربي دان، مصنف |
مشھور ڪم | Personal Narrative of a Pilgrimage to Al Madinah and Meccah; The Book of the Thousand Nights and a Night; The Kasidah |
جيون ساٿي | اسابيل برٽن (ش. 22 جنوري 1861) |
'فوجي زندگي' | |
عرفي نالو | روفيئن ڊڪ |
وابستگي | ![]() |
نوڪري/شاخ | بمبئي جي فوج |
خدمت سال | 1842–61 |
عهدو | برٽش فوج ۾ ڪيپٽن |
جنگيون/سورهيه | ڪرائيميا واري جنگ |
اعزاز | آرڊر آف سينٽ ميخائيل اينڊ سينٽ جارج ڪرائيميا ميڊل |
سڃاڻپ نشان | |
![]() |
رچرڊ برٽن مشهور انگريز سياح رچرڊ برٽن جو مڪمل نالو سر رچرڊ فرانسز برٽن هو. هيءُ آرمي ڪرنل جو پٽ هو، جنهن السٽري (Elstree) ڀرسان هرٽ فورڊ شائر (Hertfordshire) ۾ 19 مارچ 1821ع تي جنم ورتو.
خدمتون[سنواريو]
رچرڊ برٽن هڪ برجستو سپاهي، نامور شمشيرباز، قابل مترجم، شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، ٻوٽن ۽ وڻن جو ماهر، حيوانن جي حياتيءَ جي علم جو مڃيل استاد، آثار قديمه ۽ علم الارض جو ماهر ۽ ڪامياب جاسوس هو. کيس 25 زبانون اينديون هيون، ۽ اُنهن مان هر هڪ جي مختلف لهجن کان به چڱيءَ طرح واقف هو. هن پنهنجي سير ۽ سفر تي مشتمل 43 ڪتاب لکيا. انهيءَ کان سواءِ ٻه جلد شعر جا لکيائين. سؤ کان مٿي مختلف موضوعن تي مضمون لکيائين ۽ 341 صفحا پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا به لکيائين. الف ليليٰ جا 14 جلد ۽ پورچوگيز ادب جا ڇهه جلد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. لاطيني شعر جا ٻه جلد لکيائين ۽ چار جلد لوڪ ادب جا به لکيائين. سنڌ تي هيٺيان چار ڪتاب لکيائين:
- Sind, or the Unhappy Valley (سنڌ يا ڏکويل ماٿري )
- Sindh, and the Races That Inhabit the Valley of the Indus (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون )
- Falconry in the Valley of the Indus (سنڌو ماٿريءَ ۾ بازداري)
- Sindh Revisited (ٻيو دفعو سنڌ ۾)
سياحت[سنواريو]
هن مشهور سياح پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ تحقيق ڪندي گذاريو ۽ سفر دوران ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان “Arabian Nights” (الف ليليٰ يا هزار داستان) مقبول ترين ڪتاب آهي. هن 21 سالن جي عمر ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوجَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ کيس سنڌ ۾ مقرر ڪيو ويو. سنڌ ۾ هن سنڌي عالمن سان ملاقاتون ڪري، ڪيترين ئي مشرقي زبانن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. 1853ع ۾ هن عربستان جي مقدس شهرن: مديني ۽ مڪي جو سفر ڪيو ۽ ان سفر جا تجربا “Personal Narrative of a Pilgrimage to ElMedinah and Mecca (1855) نالي ڪتاب ۾ درج ڪيائين. 1854ع ۾ رچرڊ برٽن، جان اسپيڪ (Johan Speke) سان گڏجي اوڀر آفريڪا ۽ نيل نديءَ جو منڍ معلوم ڪرڻ لاءِ سفر ڪيو ۽ 1856ع ۾”اوڀر آفريڪا تي پهريان قديم“ (First Footsteps in East Africa) ڪتاب شايع ڪرايائين. 1861ع ۾ هن اسئبل ارنڊل (Isable Arundell) سان شادي ڪئي، جنهن “Punified” جي عنوان سان پنهنجي مڙس جي سوانح عمري لکي.
وفات[سنواريو]
رچرڊ برٽن ٽرائسٽي (Triste) ۾، 20 آڪٽوبر 1890ع ۾ وفات ڪئي.
حوالا[سنواريو]
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- 1821ع جون پيدائشون
- 1890ع جون وفاتون
- 19ھين صديءَ جا انگريز شاعر
- 19ھين صديءَ جا ترجميڪار
- آفريڪا جا کوجي
- الف ليليٰ جا ترجميڪار
- انگريز ترجميڪار
- انگريز دھريا
- انگريز سفرناما لکندڙ
- انگريز شاعر مرد
- انگريز کوجي
- ايشيا جا کوجي
- برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا فوجي آفيسر
- برطانوي دھريا
- پورچوگيزي–انگريزي ترجميڪار
- عربستان جا کوجي
- عربي–انگريزي ترجميڪار
- ٽرائنٽي ڪاليج، آڪسفورڊ جا فارغ التحصيل