مواد ڏانھن هلو

ريپبلڪ آف آئرلينڊ جو صدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ميخائيل ڊي ھگنس، آئرلينڊ جو صدر
صدر جو آئرلينڊ
Uachtarán na hÉireann (آئرش)
موجوده عهديدار
ميخائيل ڊي ھگنس

کان وٺي 11 نومبر 2011
خطاب جو اندازجناب صدر
يوئر ايڪسيلنسي
حيثيترياست جو سربراھ
سرڪاري رهائشگاههآرس نو اختران
سيٽڊبلن
نامزد ڪندڙاريڪتاس (پارليامينٽ) جا رڪن يا لوڪل ڪائونسلون
مقرر ڪندڙسڌي چونڊ
مدتِ عهديست سال
(ھڪڙو دفعو ٻيھر)
پهريون عهديدارڊگلس ھائيڊ
قيام25 جون 1938
پگهار€249,014 ساليانو[1]
ويب سائيٽpresident.ie/en

آئرلينڊ جو صدر(انگريزي: President of Ireland ) ريپبلڪ آف آئرلينڊ يا جمھوريه آئرلينڊ جي رياست جو سربراھ ۽ اتان جي فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. ان جي آفيس جو آئيني مدو ست سال ھوندو آھي ۽ ساڳيو ماڻھو صرف ٻه دفعا ان عھدي تي چونڊجي سگھي ٿو[2] ان کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ وسيلي ووٽ ڏئي چونڊيندا آهن. جيڪڏهن اميدوار ھڪڙو ھوندو آھي تہ اھو بنا مقابلي چونڊجي ويندو آهي. آئرلينڊ جي تاريخ ۾ ڇھ دفعا صدر بنا مقابلي چونڊجي آيا. صدر آئرلينڊ جي آئين جو ۽ ملڪ جو نگھبان سڏيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ان جا اختيار محدود آهن پر اھي مطلق صوابديدي اختيار ھوندا اٿس. ان جي سرڪاري رھائشگاھ ڊبلن ۾ فوئنڪس پارڪ ۾ واقع آهي جنھن کي آرس نو اختران (Áras an Uachtaráin) سڏيندا آهن. صدر جو عھدو آئرلينڊ جي 1937ع واري آئين ذريعي قائم ڪيو ويو ۽ پھرين صدر اھو عھدو 1938ع ۾ سنڀاليو. 2011 جي ي چونڊن م ميخائيل ڊي ھگنس ملڪ جو صدر چونڊجي آيو جيڪو 2018ع ۾ ٻيھر ٻئي مدي لاء صدر چونڊجي ويو 26 آڪٽوبر 2018 ۾ عھدو ٻيھر سنڀاليائين.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ Ryan, Philip (8 April 2018). "Revealed: How much the Office of the President costs over seven years". Irish Independent. Independent News & Media. 9 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. ↑ Constitution of Ireland: Article 12.3