رياضت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
1860 واري ڏھاڪي ۾ نڪتل بينگال جي ھڪ عارف مسلمان صوفي فقير جي تصوير

رياضت: (انگريزي: Asceticism ) جنھن کي عربي ۾ ذھد چوندا آھن.اھو ھڪ اخلاقي نظريو آهي جيڪو ڪمال تي پھچڻ لاء نفساني لذتن کي گھٽائڻ خاطر روحاني مشقن وارو طريقو ٻڌائي ٿو[1]. ذھد خواھش ۽ دنيا لاء حرص جو ابتڙ آهي[2]. ان ۾ طرحين طرحين مذھبي مشقون شامل ھونديون آھن جن وسيلي جسم ۽ خواھشن تي ضابطو حاصل ڪيو ويندو آهي تہ جيئن ذھني ۽ روحاني ڪيفيت جي تسڪين ٿئي[3]. انگريزي لفظ اسيٽسزم يوناني لفظ ايسڪيسس (askesis) مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي تربيت يا مشق[3]. رياضت جو تصور ھندو مت ، ٻڌ ازم ، عيسائيت ۽ محدود نموني اسلام ۾ بہ ملي ٿي. پر اسلام ۾ ان جي انتھا ۽ غيرشادي شدہ زندگي گزارڻ جي ترديد ملي ٿي ڇوتہ اسلام اعتدال تي زور ڏئي ٿو[3]. رياضت جي شروعات انھن ڪوششن سان ٿئي ٿي جيڪي انسان ڪجھ اھم مقصد يا منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي. انھن مقصدن ۾ پنھنجي نفس جي تڪميل، انسانيت، نظريا، خودي، يا ڪا ھنر واري فني مھارت شامل آھن[4]. قديم دؤر جا اسرائيلي جنگ تي وڃڻ کان اڳ جنسي ميلاپ کان پرھيز ڪندا ھيا[4]. جيڪو پڻ رياضت جو ھڪ مثال آهي.

اسلام ۾ رياضت : ذھد[سنواريو]

اسلام ۾ 30 ڏينھن روزا رکي انھن م کائڻ پيئڻ ۽ جنسي خواھشن پوري ڪرڻ کان پرھيز ڪرڻ ۽ حج جي دوران پاڻ تي مختلف پابنديون لڳائي پاڪ رکڻ, رات جي وقت جاڳي عبادت ڪرڻ وغيره رياضت جا مثال آھن[3]. اسلام ۾ رياضت ۾ مھارت عارفاڻي راھ تي ھلندڙ صوفين کي آھي. خيال آهي ته لفظ صوفي صوف (suf) لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ ان جو ٺھيل جبو آھي جيڪي ذاھد يا رياضت ڪندڙ پائيندا ھيا[3]. صوفين جي دعوا آھي تہ اھي محمد صہ ۽ اسلاف جي نمونن يا طريقن تي ھلندڙ آھن. جيڪڏهن تاريخي طور تي ڏسجي ته آھي اسلام کان اڳ جي وچ اوڀر ۽ ايشيا جي مذھبن کان متاثر ٿيل آھن[3]. محمد صہ پنھنجي زندگي نھايت سادگيءَ سان گذاري ۽ باقائدگي سان تھجد پڙھندڙ ھو ۽ نفساني ضابطو رکندڙ ۽ ڪثرت سان روزا رکندڙ ھيو. ان بعد مسلمانن جڏھن دنيا فتح ڪرڻ شروع ڪئي ته ذھد جي رستي تي ھلندڙ حسن بصري جھڙن شخصن مسلمان حاڪمن جي دولت سان چاھ ۽ عيش عشرت واري زندگي کي رد ڪري ڇڏيو. سندن خيال ھو تہ دنيا جو چاھ ماڻھن کي خدا کان ۽ ان جي فرمانبرداري کان ۽ جنت جي حاصلات کان ھٽائي ڇڏي ٿو. انھن غريبي واري روحاني زندگيءَ کي چونڊيو. انھن جي سلسلن تي ھلندڙ فقير سڏبا ھئا جنھن جي معني غريب ماڻھو ھئي. فارسي ۾ فقير لاء درويش لفظ استعمال ٿيندو آهي. انھن صوفين رياضت جا طريقا اپنايا تہ جيئن پنھنجي نفس جي خواھشن ۽ اڌمن تي ضابطو ڪري سگھن. روحاني تڪميل جي راھ ۾ غربت، توبھ، ترڪ دنيا، پرھيزگاري، تياڳ، ۽ جسماني بک منزلون سمجھيون ويون[3].سفيان ثوري چيو ھو تہ دنيا ۾ ذھد ھڪ ننڍڙي اميد آهي. ھن جو ھڪ ٻيو قول آهي تہ ذھد يا رياضت دنيا ۾ ھڪ اميد جو محل آھي. ابن المبارڪ جو قول آهي تہ ذھد خدا تي ڀروسو ڪندي غريبي سان محبت ڪرڻ جو نالو آهي. ابو سليمان الداراني جو قول آهي تہ ذھد ھر ان شئي کي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي جيڪا خدا جي رستي کان ھٽائي ٿي. جنيد بغدادي جو قول آهي تہ دنيا کي حقير سمجھي ان جا آثار دل مان مٽائڻ جو نالو ذھد آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. المعجم الفلسفي (PDF), مجمع اللغة العربية، القاهرة، جمهورية مصر العربية: الهيئة العامة لشؤون المطابع الأميرية, صفحو. 95 
  2. {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 65,66,
  4. 4.0 4.1 - https://www.britannica.com/topic/asceticism