مواد ڏانھن هلو

درعيہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(رياست درعيہ کان چوريل)
Diriyah

Wordmark

Salwa Palace of At-Turaif District
عام معلومات
ملڪ Saudi Arabia
مڪانيت سانچو:Coords

درعيه[1] (عربي ٻولي: الدِرْعِيّة، لڳ ڀڳ معنيٰ ’هٿيارن جي جاءِ‘[2])، جيڪو اڳ ۾ رومين ۾ دريه جي نالي سان مشهور هو،[3] سعودي عرب جو هڪ شهر ۽ گورنري آهي جيڪو سعودي راڄڌاني رياض جي اتر اولهه پاسي واقع آهي. درعيه سعودي شاهي خاندان جو اصل گهر هو ۽ 1727ع کان 1818ع تائين پهرين سعودي خاندان جي دور ۾ درعيہ جي امارت جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.[4] اڄ اهو شهر درعيه گورنري جو مرڪز آهي؛ جنهن ۾ ٻين جي وچ ۾ العوينہ، جبیلہ ۽ الاماریہ جا ڳوٺ به شامل آهن، ۽ رياض صوبي جو حصو آهي.

طريف ضلعو، جيڪو درعیہ ۾ سعودين جي پهرين راڄڌاني آهي، کي سال 2010ع ۾ يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.[5] [6] شهر جي جوڙجڪ خود سعودي عرب جي نيشنل ميوزيم ۾ وڏي پيماني تي اتي ڏيکاريل شهر تفصيلي ماڊل جي مدد سان آساني سان اڀياس ڪري سگهجي ٿي. درعیہ فارمولا اي چيمپيئن شپ لاءِ درعیہ اي پرڪس ريس جي ميزباني پڻ ڪري ٿي.

آل سعود ڪٽنب جي شروعات

[سنواريو]

آل سعود خاندان جي شروعات سعود الاول بن محمد بن آل مقرن (1640ع کان 1725ع) کان ٿئي ٿي. جيڪو درعيہ جي علائقي ۾ وڏو اثر رکندو ھو.


درعيہ پھرين آل سعود جي رياست جو قيام

[سنواريو]
  • سعود جي وفات جي 19 سالن پوءِ سندس پٽ محمد بن سعود الاول 1744ع ۾ پھرين سعودي رياست الدرعية جو بنياد رکيو جنھن سرپرستي محمد بن عبدالوهاب (وھابي تحريڪ جو باني) ڪئي.
  • 1765ع ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ عبدالعزيز بن محمد بن سعود الاول گادي تي ويٺو. عبدالعزيز محمد بن عبدالوهاب جي نياڻي سان شادي ڪئي. ھن ٻنھي ملي اھلبيت رسول ۽ اصحاب رسول جا مقبرا شھيد ڪرايا.
  • 1801ع ۾ ھن ڪربلا، نجف ۽ ٻين جاين ڪاھون تي ڪيون امام حسين جي روزي مبارڪ جو گنبذ کي لڳ ڀڳ شھيد ڪري ڇڏيو. ۽ چار ھزار اٺن تي لٽيل مال کڻي روانا ٿيا.
  • 1803ع ۾ عبدالعزيز کي ھڪ عراقي عصر جي نماز پڙھندي تيز ڌار ھٿيار سان حملو ڪري ماري ڇڏيو.
  • 1803ع ۾ سندس پٽ سعود تخت تي ويٺو جنهن پڻ نجد ۽ حجاز ۾ وھابي تحريڪ جون ڪاروايون جاري رکيون ۽ ڪيتريون ئي مزارون شھيد ڪرايون.
  • 1814ع عيسويءَ ۾ سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ عبدالله تخت تي ويٺو جنهن پڻ ساڳئي پاليسي جاري رکي.

درعيہ رياست جو زوال

[سنواريو]
قاھرہ مصر ۾ لڳل ابراھيم پاشا جو مجسمو

1818ع ۾ سلطنت عثمانيه جنھن تي ان وقت محمود ثاني جي حڪومت ھئي. انھن وٽ آل سعود جي خلاف شڪايتن جا انبار لڳي چڪا هئا. ھن مصر جي ولي محمد علي جي پٽ ابراهيم پاشا (1789ع - 10 نومبر 1848ع) جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏو لشڪر عبدالله جي فوج سان مقابلي لاءِ اماڻيو جنھن عبدالله جي فوج کي تباھ ڪري ڇڏيو ۽ مڪي ۽ مديني تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. پر سندس ھڪ پٽ ترڪي بن عبدالله ڀڄي وڃي نجد ۾ لڪيو ۽ سال کان پوءِ اتي نئي سعودي رياست نجد جو باني بڻيو.

آیا صوفیہ وٽ رياست جي آخري والي جو انجام

[سنواريو]
آيا صوفيہ استنبول ترڪي

ٻئي طرف ابراهيم پاشا، عبدالله کي گرفتار ڪري استنبول سلطان محمود ثاني جي آڏو پيش ڪيو. جنھن ھن جو سرعام سر قلم ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. آخر آيا صوفيہ مسجد جي سامھون عبدالله ۽ سندس سٿين جا سر قلم ڪيا ويا.

اھڙي طرح پھرين سعودي رياست جي پڄاڻي ٿي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Properly Al-Dirʻiyyah following the Romanization of Arabic, but also written as "Al-Diriyah", "Ad-Diriyah", "Ad-Dir'iyah", "Ad-Dar'iyah", or "Dir'aiyah"
  2. Hans Wehr (edited by J. Milton Cowan): A dictionary of modern written Arabic, ed. 3, Ithaca, N.Y., 1971, Spoken Language Services, Inc.
  3. "سانچو:Cite EB9
  4. Hubbard, Ben (May 31, 2015). "Saudis Turn Birthplace of Wahhabism Ideology Into Tourist Spot". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/06/01/world/middleeast/saudis-turn-birthplace-of-ideology-into-tourist-spot.html. 
  5. "At-Turaif District in ad-Dir'iyah". UNESCO World Heritage Centre. 
  6. "Turaif Quarter in Al-Diriyyah". Pictures, info and travel reports. World Heritage Site.