درعيہ
درعيه
الدِرْعِيّة | ||
---|---|---|
![]() الطريف ضلعي ۾ قصر السلوي | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 244400 اتر 323446 اوڀر | ||
ملڪ | سعودي عرب ![]() ![]() | |
منطقو | رياض صوبو | |
صدر مقام | طريف |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | |
---|---|
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | |
سرڪاري نالو | الطريف، درعيه ڊسٽرڪٽ |
شموليت | عرب رياستون |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | WHS:(iv) (v) (vi) |
حوالو | 1329 |
داخلا | 2010 (34th سيشن) |
درعيه [1] (عربي ٻولي: الدِرْعِيّة، معنيٰ "هٿيارن جي جاءِ")،[2] جيڪو اڳ ۾ رومن ۾ دريه جي نالي سان مشهور هو،[3] سعودي عرب جو هڪ شهر ۽ گورنري آهي جيڪو سعودي راڄڌاني رياض جي اتر اولهه پاسي واقع آهي. درعيه سعودي شاهي خاندان جو اصل گهر هو ۽ 1727ع کان 1818ع تائين پهرين سعودي خاندان جي دور ۾ درعيہ جي امارت جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.[4] اڄ اهو شهر درعيه گورنري جو مرڪز آهي؛ جنهن ۾ ٻين جي وچ ۾ العوينہ، جبیلہ ۽ الاماریہ جا ڳوٺ به شامل آهن، ۽ رياض صوبي جو حصو آهي.
طريف ڊسٽرڪٽ، جيڪو درعیہ ۾ سعودي خاندان جي پهرين راڄڌاني آهي، کي سال 2010ع ۾ يونيسڪو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو.[5][6] شهر جي جوڙجڪ خود سعودي عرب جي نيشنل ميوزيم ۾ وڏي پيماني تي اتي ڏيکاريل شهر جي تفصيلي ماڊل جي مدد سان آساني کان اڀياس ڪري سگهبو آهي. درعیہ فارمولا اي چيمپيئن شپ (Formula-E Championship) لاءِ درعیہ اي-پرڪس ريس (ePrix Race) جي ميزباني پڻ ڪري ٿو.
جڳھ
[سنواريو]درعيه جي پراڻي شهر جا کنڊر وادي حنيفه جي نالي سان مشهور تنگ وادي جي ٻنهي پاسن تي هئا، جيڪا رياض ۽ ان کان اڳتي ڏکڻ طرف جاري آهي. تقريبن مڪمل طور تي مٽيءَ جي سرن جي اڏاوتن تي مشتمل، ٿر ٽن ضلعن ۾ ورهايل آهن، غوصيبه، المُلبيد، ۽ طريف جيڪي وادي کي نظر انداز ڪندي ٽڪرين جي چوٽيءَ تي واقع آهن. ٽنهي مان، طريف سڀ کان مٿانهون آهي، ۽ ان جو هيٺيون حصو سياحن لاءِ آساني سان پيرن تائين پهچ لائق آهي. شهر جي ڀت جو هڪ حصو، وادي جي ڪنارن سان گڏ هلندو آهي ۽ مٽيءَ جي سرن مان ٺهيل آهي، اڃا تائين ڪجهه بلند مشاهدي ٽاورز سان گڏ موجود آهي.
جديد شهر ٽڪريءَ جي پيرن ۾ گهٽ اوچائي تي ٺهيل آهي جنهن تي طريف واقع آهي. شهر جي اتر ۾، وادي جي اندر، ڪيترائي باغ، کجيءَ جا باغ، ۽ ننڍا فارم ۽ جائدادون آهن. ال-الب جي نالي سان مشهور هڪ ڊيم وڌيڪ اتر ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]نبي صلي الله عليه وسلم جو دور
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو نبي محمد جي مهمن جي فهرست
نبي صلي الله عليه وآله وسلم بدو قبيلي، ٻنو حنيفه جي شرارتن جي خاتمي لاء، ٽيهه مسلمانن جي هڪ دستي کي فوجي مشن تي موڪليو (ڏسو محمد ابن مسلمه رضي الله تعالي عنه جي مهم). اهو قراطا جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو بنو ڪلاب جي بڪر قبيلي جو عارضي رهائشگاهه هو. پلاٽون ان جاءِ تي حملو ڪيو ۽ انهن کي هر طرف منتشر ڪري ڇڏيو. مسلمانن مال غنيمت تي قبضو ڪيو ۽ بنو حنيفه جي سردار ثمامہ بن اثال الحنفي سان گڏ واپس آيا. ثمامه رسول الله جي اخلاق کي ڏسي، پنهنجي ازادي کان پوء مسلمان ٿي ويو.[7]
نبي محمد صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ مسيلمه ڪذاب هن جاء کان محرم، 6 هجري بمطابق جولائي، 627ع ۾ نبوت جو دعويدار ٿيو.[8][9] نبي سڳوري صلي الله عليه وآله وسلم جي وصال کان پوء پهريون خليفا، ابوبڪر صديق رضي الله تعالي عنه هن فتني کي ختم ڪرڻ لاء حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالي عنه جي ڪمان ۾ هڪ لشڪر روانو ڪيو. خالد بن وليد، جنهن کي رسول الله "سيف من سيوف الله" (الله جي تلوارن هڪ تلوار) جو خطاب ڏنو هو، مسيلمه کي شڪست ڏني، هن فتني کي هميشه لاء ختم ڪري ڇڏيو.
سال 1400 عيسوي کان پوءِ
[سنواريو]ڪڏهن ڪڏهن هن هنڌ کي ياقوت ۽ الحمداني پاران ذڪر ڪيل هڪ قديم آبادي، جنهن کي "غبره" جي نالي سان سڃاتو ويندو هو،[10] سان سڃاتو وڃي ٿو. درعيه جي تاريخ صحيح طور تي 15هين صدي عيسويءَ جي آهي. نجد جي تاريخ نويسن جي مطابق، شهر 1446ع -1447ع ۾ سعودي شاهي خاندان جي هڪ ڏاڏاڻي، مانع المريدي قائم ڪيو هو. مانع ۽ سندس ڪٽنب اوڀر عرب ۾ القطيف جي علائقي مان ابن درع، جيڪو ان وقت هن آبادين، جيڪيون هاڻي رياض ٺاهين ٿيو، جي هڪ گروهه جو حڪمران هو، جي دعوت تي هتان آيو هو ۽ اها به چيو ويندو آهي ته ابن درع، مانع المريدي جو رشتيدار هو، ۽ اهو سمجهيو ويندو آهي ته مانع جو ڪٽنب جيڪو ڪنهن نامعلوم تاريخ تي وادي حنيفه جو علائقو ڇڏيو هو، اصل ۾ پنهنجي اباڻي وطن ڏانهن موٽي آيو هو.[11][12]
شروعات ۾، مانع ۽ سندس قبيلو، جيڪو "مروده" جي نالي سان مشهور هو، الغصيبه ۽ المليبيد ۾ آباد ٿيو ۽ سڄي آباديءَ جو نالو مانع جي محسن ابن درع جي نالي تي الدرعيه رکيوويو. پوء طريف جو ضلعو آباد ٿيو.[13] ان کان پوء طريف ۽ ٻين قصبن مان يا ويجهي ريگستان جي بدو قبيلن مان ڪيترائي خاندان علائقي ۾ آباد ٿيا ۽ 18هين صدي تائين درعيه نجد جي علائقي ۾ هڪ مشهور شهر بڻجي چڪو هو.
ان وقت، محمد بن سعود، درعيه جي حڪمران خاندان المقرن، (مقرن، مانع جي اولاد مان هڪ) جي اندرين ڪشمڪش مان اڀريو ۽ الدرعيه جو امير يا حڪمران بڻيو. سال 1744ع ۾، ابن سعود هڪ مذهبي عالم، محمد بن عبدالوهاب، جيڪو ويجهي قصبي، "الاعينه" (ساڳي وادي ۾ 30 ميل مٿيان) کان هو، کي پاڻ سان گڏ ملايو. ابن سعود محمد ابن عبدالوهاب جي مذهبي خيالن کي لاڳو ڪرڻ تي رضامند ٿيو ۽ پهرين سعودي رياست قائم ڪئي، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ درعيه هو. ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن اندر، ابن سعود ۽ سندس اولاد نجد جي سڄي حصي، گڏوگڏ عربستان جي اوڀر ۽ اولهه وارن علائقن کي پنهنجي تابع ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ عراق ڏانهن وڌيو. درعيه تيزي سان ايراضي ۽ دولت ۾ وڌيو ۽ نجد جو سڀ کان وڏو ۽ هن وقت جي معيارن مطابق عربستان جو هڪ وڏو شهر بڻجي ويو. بهرحال، سعودين پاران مڪي ۽ مديني تي قبضي ۽ جمعي جي خطبي مان عثماني سلطان جو نالو هٽائڻ کان پوءِ، عثماني سلطنت، جيڪا ان وقت جي وڏي اسلامي طاقت هئي، جي غضب کي جنم ڏنو ۽ ابراهيم پاشا جي اڳواڻي ۾ هڪ مصري فوج کي گم ٿيل علائقو واپس حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. 1818ع ۾ مصري فوج، طريف جي دفاع کي ختم ڪري، ڇهن مهينن جي محاصري کان پوءِ درعيه ۾ داخل ٿي ۽ گهرن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ کجيءَ جي باغن ۾ هر وڻ کي ڪٽي ڇڏيو. حملي آور فوج جو اڳواڻ، ابراهيم پاشا، درعيه کي تباه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيتوڻيڪ مقامي اميرن مان هڪ، درعيه ۾ سعودي رياست کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ابراهيم پنهنجي فوجن کي شهر کي اڃا به وڌيڪ تباهه ڪن ۽ هن ان مان جيڪو ڪجهه بچيو هو ان کي باهه ڏئي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو. محاصري ۾ مصرين جي 10,000 ۽ سعودي فوجن جي 1,800 ماڻھن جي مارجي وڃڻ جو اندازو لڳايو ويو هو.[14]
سعودي خاندان جڏهن سال 1824ع ۾ ۽ ٻيهر 1902ع ۾ پنهنجي قسمت کي بحال ڪيو، انهن ڏکڻ ڏانهن رياض ۾ پنهنجو گاديءَ جو هنڌ بڻايو، جيڪو ان وقت کان وٺي اڃان تائين سعودي رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي.[15]
شهر جي اصل باشندن سال 1818ع جي بربادي کان پوءِ درعيه ڇڏي ڏنو، جن مان گهڻا رياض ڏانهن هليا ويا. ڪتاب "دي ڪنگڊم" (پهريون ڀيرو 1981ع ۾ شايع ٿي) ۾، برطانوي ليکڪ رابرٽ لسي تبصرو ڪيو ته آل سعود "پنهنجي پراڻي راڄڌاني جا کنڊر پنهنجي پويان، ممڪنات جي حدن جي هڪ مستقل ياد ڏياريندڙ لاء باقي رکيو ۽ پراڻي درعيه جو مقابلو "ريت سان اڏامي پومپيائي" سان ڪيو.[16] جيتوڻيڪ، 20هين صدي جي آخر ۾، گهڻو ڪري اڳوڻي خانه بدوش (بدو) طرفان، علائقي کي ٻيهر آباد ڪيو ويو ۽ 1970ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ سعودي حڪومت پاران هڪ نئون شهر قائم ڪيو ويو.[17] درعيه جو هي نئون شهر سائيز ۾ وڌيو ۽ هاڻي هڪ ننڍڙو پر جديد شهر ۽ گورنريٽ جي گادي جو هنڌ آهي. پراڻي درعيه جا کنڊر سياحتي ڪشش جو مرڪز آهن ۽ سعودي حڪومت پاران هڪ مرحلا وار بحالي جي منصوبي جي تحت آهن.
بحالي ۽ ترقيات جا منصوبا
[سنواريو]



سعودي عرب ۾ (Wahhabi Movement) جي هٿن ابتدائي اسلامي ورثي جي جڳهن جي تباهي جي باوجود, [18] سعودي عرب تاريخي ماڳ جي تحفظ ۽ ترقي جي نگراني لاءِ درعيه گيٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي (DGDA) ٺاهي آهي.
Arabia has formed the Diriyah Gate Development Authority (DGDA) to oversee the preservation and development of the historic site. Despite Wahhabi destruction of many Islamic, cultural, and historical sites[19] associated with the early history of Islam and the first generation of Muslims (Muhammad's family and his companions),[19] the Saudi government undertook a large scale renovation of Muhammad ibn Abd al-Wahhab's domain, turning it into a major tourist attraction.[20][21] In 2018, Jerry Inzerillo, previously the CEO of Forbes Travel Guide, was hired to lead the new authority. In 2019, Inzerillo said that Diriyah would soon be known as "the Beverly Hills of Riyadh."[22]
Among the rebuilt structures are the bath and guest house, the Qasr Nasr, the Saad bin Saud Palace that was finished by the early 1990s, the Burj Faysal that was a wall tower renovated in the 1980s, major sections of the wall surrounding Turaif, and sections of the outer walls and some watchtowers surrounding the wadi. Outside of the Turaif district, on the opposite side of the wadi Hanifa, the region of the mosque of Muhammad ibn Abd al-Wahhab has been completely remodeled, leaving only some of the more recent original structures standing to the north of the complex build on the site of the historic mosque.
The "Turaif District Development Plan" aims to turn the district into a major national, cultural and touristic center.[23] Before turning the complete site into a modern open-air museum documentation and necessary investigations, including excavations especially in places that may need to be remodelled, are planned in three major phases. These will include sites such as:[23]
- Al-Imam Mohammad bin Saud Mosque and Salwa Palace.
- Ibraheem Ibn Saud Palace and Fahad Ibn Saud Palace.
- Farhan Ibn Saud Palace, Torki Ibn Saud Palace, and Qoo'a Al-Sharia'a (eastern court of Salwa Palace).
Once finished, there will be a new visitors center as well as a documentation center. Four new museums are planned for the district.[23]
- A museum of war and defense (as this was the site of a major siege in Saudi Arabia).
- A museum of horses.
- A museum of social life.
- A museum of commerce and finance.
Additionally, a Turaif traditional market will add to the open-air museum experience.
The Saudi government undertook a large scale renovation of Muhammad ibn Abd al-Wahhab's domain, turning it into a major tourist attraction.[24][25]
مکيه تاريخي ماڳ
[سنواريو]ٻيون قابل ذڪر عمارتون
[سنواريو]عجائب گھر
[سنواريو]پراڻي شهر ۾ ڪيترائي محل بحال ڪيا ويا آهن ۽ عجائب گھر طور استعمال ڪيا ويا آهن.
- گذريل ڏينهن جو عجائب گھر (متحف السنين الماضية): اهو البوجيري جي اتر ۾ واقع آهي ۽ هڪ مجموعو رکي ٿو جيڪو شروعاتي ۽ وچين ويهين صدي ۾ مرڪزي عرب ۾ روزمره جي زندگي جي عڪاسي ڪري ٿو.
عوامي سهولتون ۽ مرڪز
[سنواريو]موسم
[سنواريو]گيلري
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
وڪيميڊيا العام ۾ درعيہ سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
درعيہ سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- Photo gallery on Archive.org (in عربي)
24°44′00″N 46°34′32″E / 24.73333°N 46.57556°E
حوالا
[سنواريو]- ↑ Properly Al-Dirʻiyyah following the Romanization of Arabic, but also written as "Al-Diriyah", "Ad-Diriyah", "Ad-Dir'iyah", "Ad-Dar'iyah", or "Dir'aiyah"
- ↑ Hans Wehr (edited by J. Milton Cowan): A dictionary of modern written Arabic, ed. 3, Ithaca, N.Y., 1971, Spoken Language Services, Inc.
- ↑ "سانچو:Cite EB9
- ↑ Hubbard, Ben (May 31, 2015). "Saudis Turn Birthplace of Wahhabism Ideology Into Tourist Spot". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/06/01/world/middleeast/saudis-turn-birthplace-of-ideology-into-tourist-spot.html.
- ↑ "At-Turaif District in ad-Dir'iyah". UNESCO World Heritage Centre.
- ↑ "Turaif Quarter in Al-Diriyyah". Pictures, info and travel reports. World Heritage Site.
- ↑ Mubarakpuri, Saifur Rahman Al, The Sealed Nectar, Darussalam Publications, صفحو. 204, ISBN 9798694145923[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Muhammad Yasin Mahzar Siddiqi, Role of Booty in the economy during the prophets time, Vol. 1, King Abdul Aziz University, p. 11. (archive)
- ↑ Hawarey, Mosab (2010). The Journey of Prophecy; Days of Peace and War (Arabic). Islamic Book Trust. ISBN 9789957051648. https://books.google.com/books?id=vJVqNwAACAAJ&q=9789957051648.Note: Book contains a list of battles of Muhammad in Arabic, English translation available here
- ↑ Abu Abd al-Rahman Ibn Aqil al-Zahiri, Opening Article, Ad-Diriyah Magazine, Vol. I, No. 1, May 1988 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2007-07-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., quoting Muhammad al-Essa. In support of this identification, Ibn Aqil mentions that one of the nearby creeks is still known as "Ghubaira", the diminutive of "Ghabra".
- ↑ Rentz, G. "al- Dir'iyya (or al-Dariyya)." Encyclopaedia of Islam. Edited by: P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel and W.P. Heinrichs. Brill, 2007. Brill Online. CDL. 5 November 2007 [2][مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Al-Juhany, U.M., Najd before the Salafi Reform Movement, Ithaca Press, 2002, ISBN 0-86372-401-9.
- ↑ Rentz, G. "al- Dir'iyya (or al-Dariyya)." Encyclopaedia of Islam. Edited by: P. Bearman, Th. Bianquis, C.E. Bosworth, E. van Donzel and W.P. Heinrichs. Brill, 2007. Brill Online. CDL. 5 November 2007 [3][مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Mostyn, Trevor. "Dir'iya." In: Saudi Arabia: A MEED Practical Guide. Second edition. London: Middle East Economic Digest. 1983. Pages 246-247.
- ↑ Lacey, Robert (1982). The Kingdom. New York: Harcourt Brace Jovanovich. pp. 60–63. ISBN 0-15-147260-2. https://archive.org/details/kingdomlace00lace.
- ↑ Lacey, Robert (1982). The Kingdom. New York: Harcourt Brace Jovanovich. pp. 60–63. ISBN 0-15-147260-2. https://archive.org/details/kingdomlace00lace.
- ↑ Thompson, Ionis (1994). Desert Treks from Riyadh. London, UK: Stacey International. pp. 6–7. ISBN 0-905743-76-8.
- ↑ "Wahhābī (Islamic movement)". Encyclopædia Britannica. Edinburgh: Encyclopædia Britannica, Inc. وقت 26 June 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 July 2020.
Because Wahhābism prohibits the veneration of shrines, tombs, and sacred objects, many sites associated with the early history of Islam, such as the homes and graves of companions of Muhammad, were demolished under Saudi rule. Preservationists have estimated that as many as 95 percent of the historic sites around Mecca and Medina have been razed.
Unknown parameter|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 19.0 19.1 "Wahhābī (Islamic movement)". Encyclopædia Britannica. Edinburgh: Encyclopædia Britannica, Inc. وقت 26 June 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 July 2020.
Because Wahhābism prohibits the veneration of shrines, tombs, and sacred objects, many sites associated with the early history of Islam, such as the homes and graves of companions of Muhammad, were demolished under Saudi rule. Preservationists have estimated that as many as 95 percent of the historic sites around Mecca and Medina have been razed.
Unknown parameter|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Hubbard, Ben (31 May 2015). "Saudis Turn Birthplace of Wahhabism Ideology Into Tourist Spot". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/06/01/world/middleeast/saudis-turn-birthplace-of-ideology-into-tourist-spot.html.
- ↑ Estimo Jr, Rodolfo (5 January 2017). "Diriyah on course to become world-class tourist spot". Arab News. http://www.arabnews.com/node/1034231/saudi-arabia.
- ↑ Jr, Bernd Debusmann (29 May 2019). "Saudi Arabia's Diriyah to be the 'Beverly Hills' of Riyadh, says CEO" (en ۾). Arabian Business. https://www.arabianbusiness.com/travel-hospitality/421161-saudi-arabias-diriyah-to-be-the-beverly-hills-of-riyadh-says-ceo.
- ↑ 23.0 23.1 23.2 "Turaif District Development – Renovating the Local Arabic Architecture" in "Open Ends for the Local Architecture – Contemporary Practices in Saudi Architecture" by Mashary A. ALNaim and Tariq M. Abd El Fattah in Albenaa Magazine آرڪائيو ڪيا ويا 2009-03-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., issue 208, February 2008 (Safar 1429) ISSN 1319-206X
- ↑ Hubbard, Ben (31 May 2015). "Saudis Turn Birthplace of Wahhabism Ideology Into Tourist Spot". The New York Times. https://www.nytimes.com/2015/06/01/world/middleeast/saudis-turn-birthplace-of-ideology-into-tourist-spot.html.
- ↑ Estimo Jr, Rodolfo (5 January 2017). "Diriyah on course to become world-class tourist spot". Arab News. http://www.arabnews.com/node/1034231/saudi-arabia.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از February 2024
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Articles with dead external links از November 2019
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Pages using infobox settlement with infobox mapframe errors
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- Articles with عربي-language sources (ar)
- Coordinates on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- 1446 establishments in Asia
- 1440s in the Middle East
- Populated places established in the 1440s
- Populated places in Riyadh Province
- Geography of Riyadh
- World Heritage Sites in Saudi Arabia
- Tourist attractions in Riyadh
- Razed cities
- Ottoman Arabia
- History of Najd
- Arabic architecture
- Diriyah
- Cities in Saudi Arabia
- ايشيا ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ
- زمرو:سعودي عرب جا شھر
- سعودي عرب
- سعودي عرب جي تاريخ
- سعودي عرب ۾ شهر
- سعودي عرب ۾ يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ