روپ مجنون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روپ مجنون
اگزورا ڪوڪسينئا
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): اگزوريئا
قسم جنس
اگزورا ڪوڪسينئا
ايل.
جنسون

لڳ ڀڳ 562 جنسون

هم معنيٰ
  • بچيريا رڊل.
  • بمسيٽيا ريف.
  • ڪيپٽين ڪوڪيا اين.ھيلي

Wikispecies has information related to:


رُوپ مجنون: (انگريزي: Ixora ) هي گل گهڻن قسمن جو ٿئي ٿو. وڻ وڏي ٻوڙي جهڙو ٿو ٿئي. جڏهن گلن سان ڀرجي ٿو بيهي تڏهن تمام سهڻو ٿو لڳي. انهيءَ مهل پٽڙو ڀاڻ ڏيڻ گهرجيس. گلن ڪرڻ کانپوءِ ڇانگ ڪجيس. ڪن مان ٻج به نڪرندو آهي جو پوکجي ٿو، مگر اڪثر هن جا قلم ۽ پيوند لڳندا آهن، جي سانوڻيءَ جي موسم ۾ هڻبا آهن. هي وڻ يا ٻوڙا پنجن ڇهن فوٽن جيڏا ٿيندا آهن. جيڪي قسم هتي مشهور آهن سي ڳاڙها گل ڪندا آهن. ڪن ۾خوشبوءِ به ٿيندي آهي. گل ننڍڙا ڇڳن ۾ ٿيندا اٿن. ڪن جا اڇا گل ٿين ٿا. ڪن جا اڇا، پشمدار، خوشبودار ۽ ڪنارن سان ٿين ٿا. هن جا پنجاهي يا سٺ کن قسم ٿيندا. هڪڙي قسم کي هندستانيءَ ۾ پالڪ جُوئي چوندا آهن، تنهن جا گل ننڍڙا ۽ اڇڙا ٿيندا آهن، جن ۾ جوئي يعني ٽانگر جهڙي بوءِ ٿيندي آهي. گل اپريل مهيني ۾ کُلندا اٿس. روپ مجنوءَ کي انگريزيءَ ۾ اگزورا چوندا آهن..[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو