مواد ڏانھن هلو

روشن آرا مغل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روشن آرا مغل(انگريزي: Roshan Ara Mughal)ھڪ مشھور تعليمي ۽ اصلاحي ڪم ڪندڙ ھي عورت جي ابتدائي تربيت پنھنجي ماءُ جي ھنج ۾ ٿي، جيڪا زناني سڪول ۾ ماستري ڪندي ۽ بيواھ ھوندي پنھنجي ٻچن کي پاليو ۽ تاتيو.”روشن“پرائمري پوري ڪري، سيڪنڊري تعليم ڪاميابيءَ سان حاصل ڪئي. پاڪستان کان اڳ 1947ع ۾ بمبئي مان بي. ايس. سي پاس ڪيائين، 1951ع ۾ بي –ٽي، 1952ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي، ۽ 1954ع ۾ ايل ايل بي جو پھريون سال پاس ڪيائين. 1955ع ۾ ٻئي سال جو امتحان ڏيڻو ھوس ۽ اڃا پي ايڇ. ڊي ۽ ٻين علمي ۽ ادبي ڊگرين حاصل ڪرڻ جو خيال ھوس. تعليمي مشغولين ۽ امتحانن جي ڪاميابين سان گڏ قومي ۽ وطني ۽ اصلاحي ڪمن ۾ کيس چڱو اعزاز حاصل ھو. 1944ع کان 1948ع تائين ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور جي برک رڪن ٿي رھي آھي. 1947ع ۾ سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر ھئي. 1948ع کان ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس جي عھدي تي فائز رھي. آڪٽوبر 1952ع کان اپريل 1953ع تائين آمريڪا ۾ زرعي، تعليمي ۽ سماجي طريقن جي سکيا لاءِ سرڪاري خرچ تي ويئي ۽ آمريڪا جي وڏن وڏن عالمن کان پنھنجي علم ۽ صلاحيتن جو داد حاصل ڪيائين. ان سان گڏ جپان، ھانگ ڪانگ، برما، اوڀر پاڪستان ۽ سيلون جو بھ سير ڪيائين. مولانا گرامي لکي ٿو تہ ”روشن“سچ پچ تي ھر اعتبار سان ”روشن“ ھئي ۽ سنڌي عورتن لاءِ ھڪ ”مثالي عورت“ ھئي. سندس ڪا بہ تصنيف ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڪا نہ آھي، البت سندس مضمون آھن، جي رسالن ۽ مخزنن ۾ محفوظ آھن، ۽ سندس اٽڪل 150 کن تقريرون موجود آھن، جي ھن ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان نشر ڪيون..[1]

وفات

[سنواريو]

سنڌ جي ھي اديب 25 مئي 1955 ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }