روشني جا رنگ
ھر اھا شئي جيڪا زمين Planet جي سطح جي مٿان نظر اچي ٿي اھا آسمان آھي. علم فلڪيات Astronomy ۾ آسمان Sky کي فلڪي دائرو Celestial sphere سڏيو ويندو آهي. زمين تان اھو ھڪ تجريدي يا فرضي گنبذ Abstract dome وانگر نظر ايندو آهي جنھن تي سج ، چنڊ Moon ۽ تارا ھلندي نظر ايندا آهن. ان فلڪي دائري Celestial sphere کي روايتي طور تي تارن جي جھرمٽن ۾ ورھائي مختلف سڃاڻپون ڏنيون ويون آھن. ڏينھن جو ھوا جي اندر ڪرڻن جي ريلي واري ڦھلاء Rayleigh scattering جي ڪري آسمان Sky ھلڪو نيري رنگ جو نظر ايندو آهي.
رات جو وري اوندھ ھوندي آھي جنھن ۾ تارا چمڪندي نظر ايندا آهن. رات Night ۽ سج اڀرڻ جي وچ جي وقت ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڏينھن جي وقت بہ ان ۾ چنڊ Moon ۽ ٻيا سيارا نظر ايندا آهن.
روشني ستن رنگن جي ميلاپ سان ٺهيل هوندي آهي. اھي ست رنگ فطرت توڙي اسان تي پنھنجو اثر ڇڏيندا رھن ٿا ۽ ھڪ ٻئي جي ملڻ سان مختلف ٺھيل رنگن جي ترتيب وکيريندا رھن ٿا. اھي سڀ رنگ سج جي روشني جو مظھر آھن.
(1) ڳاڙھو Red
(2) نارنگي Orange
(3) پيلو Yellow
(4) سائو Green
(5) نيرو Blue
(6) نير يا نيل Indigo
(7) بنفشي Violet
سج جي روشني ڏسڻ ۾ اڇي لڳندي آهي پر اصل ۾ ان اندر سڀ انڊلٺي رنگ Rainbow Color موجود ھوندا آھن. سج جي روشني ڌرتي تي 8 منٽن ۾ پھچندي آھي. جڏھن روشني ڪرسٽل بلور يا پرزم مان گذرندي آهي تہ ان جا رنگ Colour ورھائجي ويندا آهن. روشني عام طرح سڌي لڪير وانگر سفر ڪندي آھي ايستائين جو ڪا رڪاوٽ درپيش اچي.
پاڻي ۾ روشني جي توانائي لھرن جي صورت ۾ گذرندي آهي ۽ ھر رنگ جي روشني جي لھر ساڳي ناھي ھوندي . سڀ کان گھڻو لھري فرق نيري ۽ ڳاڙهي رنگ Colour جي روشني ۾ ھوندو آھي . ڳاڙھي رنگ Colour جون لھرون سڀ کان ڊگھيون ھجڻ ڪري ان جا لھري وڪڙ ھلڪا ھوندا آھن ۽ نيري رنگ Colour جون لھرون سڀ کان ننڍيون ھجڻ جي ڪري ان جا لھري وڪڙ وڏا ھوندا آھن. روشني آئيني سان ٽڪرجندي موٽ کائيندي آهي ، بلور ۾ مڙي ويندي آهي ڇوجو روشني جو قانون ٿئي ٿو جنھن کي Reflaction of light روشني جي موٽ ۽ Re-fraction of light روشني جي موڙ سڏيو ٿو وڃي پر جڏهن گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرجندي آھي تہ ڦھلجي ويندي آهي.
فضا زمين تي موجود گئسن جو تھ آهي جيڪو ماحول جوڙي ٿو. جڏھن سج جي روشني خلا مان گذري زمين جي فضا ۾ داخل ٿيندي آھي تہ ھر قسم جي گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرجندي ھر طرف ڦھلجي ويندي آهي. گئسن جي ماليڪيولن سان ٽڪرڻ جي ڪري اھا پنھنجي انڊلٺي رنگن جي صورت ۾ مختلف نمونن جي لھرن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ سڀ کان ننڍيون لھرون نيري رنگ Colour جي روشني جي ڪرڻن جون ھونديون آھن يعني ھر وڪڙ جي ڊيگھ ننڍي يا سوڙھو ھجڻ ڪري اونچ نيچ زياده ھوندي آھي تنھنڪري نيري رنگ Colour جي روشني جا ڪرڻا فضا ۾ ٻين ڳاڙھن، ساون ،نارنگي، پيلن ڪرڻن جي ڀيٽ ۾ زيادہ ڦھلجندا آھن ڇوتہ اھي ننڍين لھرن جي ڪري آھستي ھلندا آھن جنھن ڪري ڏينھن جو آسمان Sky يا زميني فضا جو روشني وارو حصو نيرو نيرو رنگ جو نظر ايندو آھي. آسمان جو رنگ Colour افق وٽ بلڪل ھلڪو نيرو يا وري سفيد ٿي ويندو آهي. سج جي روشني اسان کي بلڪل مٿان ايندي ۽ آسمان جي ھيٺين پاسن کان يا افق جي ويجھو وارن پاسن کان بہ ايندي آهي انھن مان مٿان واري پاسن وارين جي ڀيٽ ۾ گھٽ ھوا مان گذري پھچندي آھي پر پاسن ۾ افق ويجھو ھوا زيادہ ھجڻ ڪري نيرا ڪرڻا ھوا ۾ بار بار مختلف رخن ۾ ڦھلجندا آھن ۽ اھي زمين جي سطح تي بہ ٻين رنگن جي ڪرڻن سان گڏ ٽڪرجڻ واري حالت ۾ بہ ھوندا آھن ان ڪري افق وٽ فضا اڇي يا تمام ھلڪي بلو رنگ Colour ۾ نظر ايندي آهي. جڏھن سج افق طرف ھيٺ لھي ايندو آهي تہ سج جي روشني اسان تائين پھچندي فضا جي نسبتن گھڻي حصي مان گذري چڪي ھوندي آھي جنھن حصي ۾ روشني جا نيرا ڪرڻا پھرين کان وڌيڪ ڦھلجي چڪا ھوندا آھن جنھن ڪري روشني جي ڳاڙھن ۽ نارنگي ڪرڻن کي اسان تائين پھچڻ جو دڳ ملي ويندو آھي ان ڪري ان وقت آسمان ڳاڙھو يا نارنگي نظر ايندو آھي.
زمين جي مٿان ظاھري گنبذ، جيڪو فلڪي نظام ۽ ھوا جي گولي جي حادثن جو پس منظر آھي. آسمان جي نيري رنگ رنگ Colour سبب ھوا جي گولي ۾ مٽيءَ ۽ ٻاڦ جي ننڍن ننڍن ذرڙن مان روشنيءَ جي لھرن جو گذر ٿئي ٿو. ڪرڻن جون وڏيون لھرون (ڳاڙھيون ۽ پيليون) انھن ذرڙن مان سولائيءَ سان لنگھي وڃن ٿيون، پر ننڍڙيون لھرون منتشر ٿي پکڙجي وڃن ٿيون. اھو ئي ڪارڻ آھي جو آسمان ان وقت گھڻو نيرو نظر ايندو آھي، جڏھن ھوا ۾ مٽيءَ جا ذرڙا گھٽ ۽ تمام سنھڙا ھوندا آھن. آڳاٽي زماني ۾ ماڻھو ائين ڀائيندا ھئا تہ آسمان دنيا جي ڇت آھي ۽ تارا آسمان ۾ جڙيل بتيون آھن. تہ وري ڪن ماڻھن جو خيال ھو تہ آسمان جي ٻئي پاسي جنت آھي. انھن ماڻھن جو اھو بہ خيال ھو تہ تارا اصل آسمان ۾ ٺھيل سوراخ آھن، جن مان جنت جي روشني نظر اچي ٿي. جڏهن سج ۾ هائيڊروجن جا ائٽم هيئليم ٺاهڻ لاء وگهرندا آهن تہ ان وقت فوٽان ۽ نيوٽران جا گاما ڪرڻا ٺهي سج جي چوڦير سفر ڪندا آهن جيڪي فوٽان روشني جا ذرڙا هوندا آهن. اها روشني ستن رنگن مان ٺھيل هوندي آهي، جنهن ۾ ڳاڙهو ڳري ۾ ڳرو رنگ رنگ Colour آهي ۽ نيرو نيرو رنگ هلڪي ۾ هلڪو رنگ رنگ Colour آهي. جڏهن روشني جون لھرون زميني وايومنڊل تائين پهچن ٿيون تہ اتي ان کي ڏاڍن ننڍن ذرڙن جيڪي روشني جي ويولينگٿ کان ننڍا آهن سان ڇٽاڀيٽي ٿئي ٿي. اسان جي زميني وايو منڊل ننڍڙن گئس جي ذرڙن جو ٺهيل آهي. اهي ذرڙا، گهڻو ڪري نائٽروجن ۽ آڪسيجن گئس تي مشتمل ٿين ٿا جن جو رنگ نہ ٿيندو آھي انهن گئسن جا آهن. جيئن تہ اهي ذرڙا روشني جي ويولينگٿ جي ڀيٽ ۾ ڌاڍا ننڍا ٿين ٿا ان ڪري روشني سان ٽڪرائڻ وقت پوري نموني روشني کي روڪي نہ ٿا سگهن، ڳاڙهو رنگ ان مان گذري زمين تائين پھچي ٿو، جڏهن تہ نيرو جيڪو انهن جي ڀيٽ ۾ هلڪو آهي گذري نہ ٿو سگهي موٽي هيڏي هوڏي وايومنڊل ۾ پکڙجي وڃي ٿو ۽ اڀ اسان کي نيرو نيرو رنگ نظر اچي ٿو. اهڙا ذرڙا جيڪي روشني جي ويولينگٿ کان ننڍا هجن ۽ روشني سان ٽڪرائجي ان کي ڇڙوڇڙ ڪن تہ ان ڏڦيڙ کي Rayleigh scattering چئبو آهي. پر اها روشني ڪڪرن سان بہ ٽڪرائي ٿي اهي ڇو اڇا نظر اچن ٿا؟ ان جو جواب هي آهي تہ ڪڪرن جي ڦڙن جو قطر 20 مائڪروميٽر يا ان کان وڌيڪ هوندو آهي. اهڙا ذرڙا جيڪي وڏي سائيز وارا هجن تہ انهن سان روشني جڏهن ٽڪرائيندي آهي تہ اهي اڇي روشني کي هر پاسي پکيڙي ڇڏيندا آهن، جنھن جي ڪري ڪڪر اسان کي آسماني نہ پر اڇا نظر ايندا آهن. اهڙن ذرڙن ۽ روشني جي ٽڪراء جي نتيجي ۾ روشني جي ان ڦوٽ کي Mie scattering چئبو آهي. جڏھن ڪڪر وسن ٿا ۽ بارش جي پڄاڻي بعد فضا ۾ موجود پاڻيءَ جا قطرا هڪ منشور وانگر ڪم ڪن ٿا. جڏهن انهن منجهان سج جون شعائون گذرن ٿيون ۽ گذرڻ بعد سج جي روشني ست رنگن ۾ بدلجي ويندي آهي ۽ ائين آسمان جي مٿان هڪ سترنگي ڪمانَ يا انڊلٺ (مُڙيل) ڌنڪ بڻجي ويندي آهي ان کي اسان انڊلٺ چئون ٿا. انڊلٺ ۾ 7 رنگ جهلڪن ٿا.
(1) سرخ يا ڳاڙهو Red
(2) مالٽائي, گيڙو يا نارنگي Orange
(3) پيلو يا ڦِڪو Yellow
(4) سائو Green
(5) نیرو Blue
(6) ڄامنئي Indigo
(7) گهاٽو نیرو Violet
روشني ستن رنگن جي ميلاپ سان ٺهيل هوندي آهي، تيز رفتاريءَ جي ڪري هڪڙي رنگ م ڏسبي آهي ۽ جڏهن بارش پوندي آهي تہ پاڻيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ذررا جيڪي هوا ۾ موجود هوندا آهن، اهي هڪ پرزم جو ڪم ڏيندا اهن ۽ جڏهن روشني انهن ذرڙن مان ٽپندي آهي تہ پنھنجي اصلي رنگن ۾ ٽٽي ويندي آهي ۽ ان جا ستئي رنگ پنھنجي اصلي واٽ تي نظر ايندا آهن جنهن کي اسين انڊ لٺ چوندا آهيون.
مينھن وسڻ کان پوءِ وايومنڊل ۾ مينھن جي سنهي بوندار رهجي ويندي آهي ۽ پوءِ جڏهن سج مان ايندڙ سفيد روشني انهن سنهين بوندن مان لنگهندي آهي ته اُن جا ست رنگ الڳ الڳ ٿي ويندا آهن. مينهن جون بوندون گول هونديون آهن، تنھنڪري انڊلٺ جي شڪل بہ گولائيءَ ۾ ڪمان وانگر هوندي آهي ۽ اها ڪمان جي صورت ۾، اڌ گول وانگر نظر ايندي آهي. انڊلٺ عام طور تي ان صورت ۾ نظر ايندي آهي، جڏهن سج پٺئين طرف ۽ پاڻيءَ جي ڦڙن جو ميڙ اکين جي سامهون هوندو آهي.
جنھن بہ شي کي روشنيءَ جا ڪرڻا لڳي موٽي اچي اسان جي اک تائين پهچندا، ان کي ڏسي سگهنداسون. انساني اک ۾ موجود Eye blore جنھن کي Retina چيو وڃي ٿو، ان کي ڏسڻ لاء روشني جي ضرورت درڪار ھوندي آھي۔جنھن جي زريعي اسان اکين سان ڏسي ء ذھن ۾ عڪس محسوس ڪري سگھندا آھيون. پراهين پنڌ واري شي جيترو اسان کان پري هوندي، اوترو ننڍي نظر ايندي. جيڪڏهن روشنيءَ ڪرڻا رنڊائي موٽائڻ ۽ اولڙو ڪرڻ واري شي جي وچ تي نہ هوندا تہ نظرون پولار ۾ پيھي ڪٿي نہ ڪٿي کٽي وينديون اسان کي ڪجهه بہ نظر نہ ايندو ۽ اهو هنڌ اونداهو يا ڪارو نظر ايندو. جيڪڏهن اونداهي ڏاڍي ڊگهي ڪمري ۾ وچ تي اڌ-ڍڪيو بلب رکيو هجي، ان جو روشن پاسو اوهان طرف هجي تہ ان جي اونداهي پاسي اوهان کي ڪارنھن کان سواءِ ڪجهه بہ نظر نہ ايندو، پر جيڪڏهن بلب اڌ-ڍڪيو نہ هجي تہ پوءِ اوهان کي هلڪو ڌنڌ پيو محسوس ٿيندو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو بلب جي تيز روشني اک جي ماڻڪيءَ کي سسائي ڇڏي ٿي ۽ جڏهن ماڻڪي سسيل هجي ۽ گهٽ روشني ۾ اھو صاف نظر نہ ايندو. جنھن مھل روشني نہ ھوندي آھي اسان ڄڻ انڌا ٿيو وڃون، پوء اھا روشني ڀل کڻي سج جي نہ ھجي، ڏيئي، موبائل ۽ سرچ لائيٽ جي ڇونہ ھجي جيسيتائين اھا اک جي پتلي ۾ داخل ناھي ٿيندي ايستائين اسان ڏسڻ جي سگھ کان محروم ھوندا آھيون جنھن کي عڪس جو ٺھڻ Formation of image چئجي ٿو. روشني جا ڪرڻا جنھن مھل اک ۾ ڪرندا آھن ته اسانجي سامھون ايندڙ شيء اونڌي نظر ايندي آھي، جنھن جو دماغ ۾ موجود Medulla Oblongota سھي تشريح ڪري عڪس کي سڌو ڪري بيھاريندو آھي جيئن ھيگل جي اونڌي منھن بيٺل جدليات کي مارڪس سڌو ڪري پيرن ڀر بيھاريو.
جتي روشني آھي اتي پاڇو آھي. پاڇو اسان يا ھر شي سان گڏ رھي ٿو پر اوندھ ۾ پاڇو پنھنجا اھڃاڻ وڃائي ويھي ٿو. اسان جڏھن ھلون ٿا تہ پاڇو اسان سان گڏ رھي ٿو. اسان جي ھلڻ سان اسان جي پاڇي جي والار جو تناسب وڌي وڃي ٿو يا اڳتي پوئتي ٿيڻ سان گھٽيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ اھو عام فھم قانون آھي جيڪو سڌي ريت روشني جي مقدار ء معيار سان نسبت رکي ٿو پر اھا ڳالھ گھڻن کي سمجھ ۾ نہ ايندي آھي مثال طور اسان بجلي جي ھڪ بلب آڏو ھٿ ڏيندا آھيون تہ ھٿ يا جسماني پاڇولو وڌيو وڃي ٿو يا وري اڳيان پويان ڪندا آھيون تہ ان جي والار جو تناسب گھٽجي وڃي ٿو جنھن مان اسانکي اھا ڳالھ سمجھ ۾ ايندي آھي تہ انھيء عمل ۾ روشني جي مقدار ء معيار جو ڪيترو عمل دخل ھوندو آھي. جيئن جيئن ھٿ ويجھو ڪندا ويندا آھيون تيئن تيئن ھٿ جو پاڇو وڌنڌو ويندو آھي ۔ ٺيڪ اھو نسبتي تعلق ھٿ جي پوئتي ڪرڻ سان بہ لاڳاپيل آھي۔جيئن جيئن ھٿ پوئتي ڪندا ويندا آھيون تہ پاڇي جي والار گھٽجندي ويندي آھي ان روشني ۽ پاڇي جي تعلق جي نسبت کي پاڇي جي تناسب جو قانون The law of shade proporation چئجي ٿو.
وشال، اڻکٽ ڪائنات ڪل موجودات جو مجموعي نالو آهي. ان ۾ سج اسان جي ويجهو ۽ ڏاڍو روشن آهي، ان ڪري اسان جي نظر جتي کٽي ٿي اتي آسمان نظر اچي ٿو ۽ اسان ان کي اڀ يا آسمان Sky سمجهون ٿا. آسمان جي هيءَ سڄي حقيقت اسان سائنس جي نعمتن جي ڪري ڄاڻون ٿا. آڳاٽو قديم انسان Homo sapiens ڪا اڄ جهڙي سائنسي ڄاڻ نہ رکندو هو، ان ڪري هو ان کي دونھاٽيل، جهڙالي ۽ ٺوس ڇت سمجهي ويٺو ۽ اهڙيءَ طرح اڀ بابت لوڪ ڪٿائون ۽ ڏند ڏند انسانن ۽ جانورن جي وات ۾ لڳل ڦڪي ۽ ڪٿا انساني تاريخ تاريخ (History) ڏينهن لکڻ تاريخ مهيني جو حصو بڻجي ويون. اڄوڪي سائنس ڏسڻ جا اهڙا تہ اوزار ٺاهي ورتا آهن جو لکين نوري سالن جي پنڌ تي نگاھ وجهي سگهجي ٿي.