روزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مسلمان (Muslims) رمضان يا رمدان (Ramadan) شريف ۾ سڄي دنيا جا مسلمان روزا (Fasting) رکندا آهن، پر دنيا ۾ اسلام کان سواءِ ٻيا به اهڙا مذهب آهن، جيڪي پنهنجي پيروڪارن کي مختلف مذهبي ڏينهن دوران روزا رکڻ جي تلقين ڪن ٿا. اسلام کان سواءِ ٻيا ڇهه مذهب اهڙا آهن جن جا مڃيندڙ روزا رکن ٿا.

يهودي (Jwes): يهوديت ۾ يوم ڪپر يا يومِ ڪفارا کي روزي جي ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ يهودي ڪئلينڊر (Jewish calendar) ۾ ڇهه وڌيڪ ورزا به شامل آهن جن ۾ تشابائو جي ڏينهن جو به روزا شامل آهن. ان ڏينهن يروشلم (Jerusalem) ۾ يهودين جي خدائن کي تباهه ڪيو ويو هو.

ٻُڌ مَت (Buddhist): ٻُڌ مَت سان تعلق رکندڙ لڳ ڀڳ سڀ فرقا سال ۾ ڪجھه روزا ضرور رکندا آهن، انهن ۾ پوري چنڊ جي ڏينهن ۽ ان جي ٻيو ڏينهن شامل آهي.

ڪيٿولڪ (Catholic): عيسائي مذهب جي اهم فرقي ڪيٿولڪ سان تعلق رکندڙ ماڻهو ايش وينس ڊي ۽ گڊ فرائيڊي (Good Friday) جي ڏينهن روزا رکندا آهن. ان کان سواءِ ڪيٿولڪ عيسائي نفس مارڻ واري وقت ۾ ايندڙ سڀني جمعي جي ڏهاڙن تي گوشت کائڻ کان پرهيز ڪندا آهن.

هندو مَت (Hindus): هندو مذهب ۾ نئين چنڊ جي موقعي تي ۽ شِوراتري ۽ سرسوَتي جھڙن ڏڻن جي موقعي تي روزا رکڻ عام آهي.

مور مونز (Mormons): مور مونز سان تعلق رکندڙ ماڻهو هر مهيني جي پهرين آچر جي ڏينهن روزا رکندا آهن.

بهائي عقيدو (Bahai faith) : بِهائي مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو بِهائيءَ سال جي 19 هين مهيني ۾ يعني 2 کان 20 مارچ تائين، جيڪو ايلا چورائيندو آهي ۾ روزا رکندا آهن. [1]