روجھاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ راجن پور ضلعو ڏکڻ پنجاب ۾ فيروزي رنگ ۾ ڏيکاريل

روجھاڻ(انگريزي: Rojhan) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ڏاکڻي ضلعي راجن پور جي تحصيل جو صدر مقام آهي.[1] آبادي جي لحاظ کان راجن پور ضلعي جو سڀ کان گھٽ آبادي وارو شھر آھي جيڪو ضلعي صدرمقام کان 70 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي.سابق نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري جو اباڻو شھر آھي. ھن شھر کي خيمن جو شھر پڻ چوندا آھن.ھن جو سڀ کان ويجھو شھر ڪوٽ مٺن آھي. ھي شھر پنجاب جي سڀ کان پوئتي پيل علائقي ۾ واقع آهي. 2012 ۾ ھن شھر کي ميونسپل ڪميٽي جو درجو مليو ۽ شھر کي ٻارھن بلاڪن ۾ ورهايو ويو. 5 ڊسمبر 2015 جي اليڪشن ۾ ھتي پاڪستان مسلم ليگ (اين) جا 6 ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا 6 ڪائونسلر چونڊجي آيا. ھن شھر ۾ اڪثريت ۾ مزاري قبيلي جا ماڻهو رھن ٿا.

تعليم[سنواريو]

ھي شھر تعليم ۾ ڏاڍو پوئتي پيل آھي . ماڻھن کي تعليم جي بنيادي سهولتون گھٽ مليل آهن. ھن شھر جي خواندگي جي شرح 11 سيڪڙو آھي.

معيشت[سنواريو]

ھن شھر جي معيشت زرعي جنسن جو واپار ۽ ٻھراڙيءَ ۾ زراعت ۽ چوپايو مال جي فارمنگ آهي

حوالا[سنواريو]

مڪانيت: 28°16′N 68°16′E / 28.267°N 68.267°E / 28.267; 68.267