رنگ پولار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
متفرق رنگ پولارن جي ڀيٽ

ڪنهن نماڪار تي نمائڻ لاءِ عددي عڪسن کي مناسب رنگ پولار ۾ بيهاريو ويندو آهي. اڪثر رنگ پولار ٽِه رخا يا چو رخا ٿين. مثال طور ڳاڙهو سائو نيرو (ڳسن) (انگريزيءَ ۾ RGB)، فيروزي گلابي پيلو ڪارو (فگپڪ) (انگريزيءَ ۾ CMYK)، شدت هيو رچاءُ (شهر) (انگريزيءَ ۾ IHS) وغيره.

بنيادي تخيل جي وضاحت[سنواريو]

جيڪڏهن رنگن سان ڪم ڪجي ته ابتدائي رنگن جھڙوڪ: پيلو، قرمزي ۽ تيز نيرو مان رنگن جو ھڪ وڏو تعداد ٺاھي سگھجي ٿو. اھي ابتدائي رنگ پوء رنگن جي جاء کي ظاھر ڪن ٿا. اسان قرمزي يا تيز ڳاڙهي رنگ کي x محور سان، تيز نيري رنگ کي y محور سان ۽ پيلي رنگ کي z محور سان ظاهر ڪريون تہ ٽن پاسن واري جاء ٺھندي جنھن ۾ ھر ممڪن رنگ جو ھڪ نمايان مقام جڙي ويندو. تنھن ھوندي به اھا رڳو ھڪڙي رنگن جي جاء ناھي. مثال طور جڏهن رنگن کي ڪمپيوٽر جي مانيٽر ۾ ڏسجي ٿو تہ اھي عام طور تي ڳاڙهي، سائي۽ نيري رنگ جي جاء ۾ ڏسجن ٿا جنھن ۾ ڳاڙهي سائي ۽ نيري رنگ کي ايڪس، واء ۽ زيڊ جي محورن سان ظاھر ڪري ٻين مختلف رنگن جي نمايان مقام کي ڏسي سگھجي ٿو.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]